ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ صادق فقير جو وڇوڙو....

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2015۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وار چاندي ڪري عمر ايڏي ڇڏي،

    اسان جي عبادت جواني جواني،

    اسانجي حقيقت مجازي آ جاني

    ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ صادق فقير جو وڇوڙو....

    وحيد رزاق مستوئي/ مورو

    سنڌ ۾ هونئن ته فنڪارن جي کوٽ نه رهي آهي پر ڪي فنڪار اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي آواز جي آلاپ ۽ ڳائڻ فن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪي وري پنهنجي آواز سان سموري توڙي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ پڻ ويهي ويندا اهڙن فنڪارن ۾ ٿر جو ڄائو ۽ سنڌ جو سريلو آواز ۽ وڏي سهپ رکندڙ صوفي راڳي صادق فقير هڪ هو، سندس آواز جي آلاپ ۾ ايتري ته تاثير هئي جو ٻڌندڙن تي ڇانيل مايوسي خوشيءَ ۾ تبديل ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندي هئي. سندس ڳائڪي جو انداز پڻ نرالو هو، جيڪو عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ پنهنجي خاندان سوڌو ڀلي پار ويل هو ۽ سعودي عرب جي تاريخي شهر مڪي ۾ عرفات جي زيارت ڪري واپس وين ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهيو هو ته وين جو ٽائر اوچتو برسٽ ٿي پيو جنهن دوران پويان ايندڙ گاڏي وين کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌڪ رسڻ ڪري سنڌ جي البيلي راڳي صادق فقير موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کان هميشھ هميشھ جي لاءِ موڪلائي من ۾ رکندڙ آس ته شل مديني ۾ مران ۽ آخري آرامگاھ به اتي ٿئي سايد اها اميد الله تعالى ٻڌيندي پوري ڪري ورتي جڏهن ته گڏ سندس زال شميم ۽ سالي زخمي ٿي پيا جن کي سعودي اختيارين فورن ايئر ايمبولينس ذريعي جدي شهر پهچائي اسپتال داخل ڪرايو آهي. صادق فقير جي اچانڪ وڇوڙي جيءَ کي جهوري وڌو آهي هُن جي ان سريلي آواز جي تلاش رهندي!صادق فقير جو وڇوڙو نه فقط سندس گھرڀاتين لاءِ پر پوري سنڌ لاءِ تمام هڪ وڏو سانحو آهي. روڊ حادثي سڀ کان پهريان اسان کان سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي بعد ۾ شاعر حسن درس کانپوءِ صوفي راڳي صادق فقير به کسي ورتو. صادق فقير جو جنم 20 مارچ 1964ع ۾ مٺي ٿرپارڪر ۾ فيض محمد مـڱڻهار جي گهر ۾ ٿيو. ۽ شروعاتي تعليم مٺي مان ڪئي جڏهن ته ايم اي سنڌي (سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. 1992ع ۾ شادي ڪيائين ۽ موسيقي جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتائين جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. صادق فقير ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائيندو رهيو. صادق فقير 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايس پر 1992ع ۾ ايازگل جو ڪلام ”توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري“ ڳائڻ سبب کيس گهڻي مقبوليت ملي. صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي، صادق فقير ڳائڪي جي بهترين انداز ڪري نوجوانن ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو موسيقي بابت ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو ته؛ سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن هتان جو فوڪ تمام گهڻو مضبوط آهي ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورتي آهي موجوده سنگرس کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي شاهوڪار موسيقي آهي ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي، صادق فقير سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو. جڏهن ته هن سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ پنهنجيون خدمتون ڏنيون ۽ اهو صادق فقير اسان 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. صادق فقير جو ٿيل موت هميشھ ياد رهندو ڇاڪاڻ ته حادثاتي موت تمام دل کي جهوريندڙ هوندي آهي جيڪا هر روز ٿيندڙ حادثن وقت ضرور ياد تازي ڪندي رهندو آهي اسان جي دعا آهي ته صادق فقير کي رب ڪريم جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪندو ۽ پوئنرن کي صبر جي توفيق عطا ڪندو آمين.صادق فقير انتهائي حساس دل جو مالڪ هيو جنهن هميشه تمام سٺي ۽ سهڻي شاعري جي چونڊ ڪري پنهنجي آواز جي ذريعي دنيا تائين پهچايو، صادق فقير شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري سان گڏ جديد سنڌي شاعري پڻ ڳائي مقبوليت ماڻي، ان کان پوءِ شيخ اياز، اياز گل، استاد بخاري، آڪاش انصاري، حسن درس، عبدالغفار تبسم، ادل سومرو ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا گيت ڳائي انهن کي امر ڪري ڇڏيو، صادق فقير کي نوجوانن جو يغانو شاعر ڪري مڃيو ويندو هو، ڪاليج ۾ يارهين پڙهندي ڪاليج فنڪشن ۾ هن استاد محمد جُمن جو ڪلام“ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو“ ڳايو هو، جڏهن ته هن پنهنجو پهريون ڪلام اياز گُل جي شاعري ” توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يا، لُڙڪَ لڙِي پَيا لارَ ڪَري“ ڳائي مشهوري حاصل ڪئي هئي. صادق فقير هڪ سلڇڻي طبيعت جو مالڪ هو هو خاموش طبيعت جو مالڪ هو، هو مهمانواز، سنڌ دوست شخصيت هو جنهن هميشه پنهنجي فن سان نه فقط انصاف ڪيو هو پر هن سنڌي ٻولي کي هڪ جديد نانءُ ڏنو. صادق فقير سنڌ جو ثقافتي سفير هو هن پنهنجي فن ذريعي سنڌ جو صوفياڻو پيغام جڳ جهان ۾ پهچايو پنهنجي سنگيت واري سفر ۾ ڏيهه کان پرڏيهه پهچي به سنڌي سنگيت توڙي ثقافت جو پرچار ڪندو رهيو، هن پنهنجي آواز جي آلاپ سان ايترا ته مداح پئدا ڪيا جو صادق فقير جي ٻڌندي اهي اتي پهچي ويندا هئا، صادق فقير سنڌي موسيقيءَ ۾ سنڌي غزل جي گائيڪيءَ ۾ نواڻ آندي ساڳئي طرح راڳداريءَ جا ڪافي نوان تجربا پڻ ڪيا، سندس شاعريءَ جي چونڊ به تمام نرالي بهترين ۽ شاندار هئي. سندس سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ جديد ۽ معياري تخليق به ٻڌندڙن تائين پهچائي جنهنڪري شاعريءَ جا سٺا ڪتاب پڙهڻ شاعرن سان ڪچهريون ڪرڻ انهن کان هر الفاظ جي معنى مقصد معلوم ڪرڻ طبعت ۾ هڪ عادت بڻيل هئي. صادق فقير پنهنجي ان فن جي مقصد کي پهچائڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪاميابي پڻ حاصل ڪئي، ۽ صادق فير جو مقصد صرف سنڌ جي خوشحالي، عزت سان جياپو ۽ عالمي امن لاءِ تڙپ جي احساس سميت سهپ ۽ رواداري واري سماج جي جوڙجڪ لاءِ جدوجهد هئي جيڪا رهندي، شاعري ۾ چوندا آهن ته هن ماڻهو کي ڊڪشن هوندو آهي ته صادق فقير به پنهنجي ادا هئي پنهنجو ڊڪشن هو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ خوبصورت شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل کيس ڀيٽا پيش ڪندي چئي ٿو ته؛

    مڪي شريف مان هي ڏک جي خبر آئي،

    صادق سندو وڇوڙو سنگيت جي جدائي.

    پر خلوص پيارو ۽ مهربان ماڻهو،

    هن جي ڳلي ۾ ڄڻ ڪا هئي راڳ جي خدائي.

    ٿر جي ٿڌي مٽي مان هُن جو جنم ٿيو هو،

    ڪنهن کان لڪل ڀلا هئي سنڌ سان سندس سچائي،

    ڀاڪر نه موڪلاڻي بس فيس بوڪ تي نياپو

    ۽ اوچتو مرڻ جي ٽي وي خبر ٻڌائي

    شاعر اديب راڳي ۽ سنڌ سوڳ ۾ آ،

    دل ٿي چوي ڪنهن آ ڪوڙي خبر هلائي.

    سنڌ هڪ سُريلي، وطن دوست ۽ باشعور ڳائڻي کان محروم ٿي ويئي. صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو. صادق فقير دنيا جي مختلف ملڪن انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پڻ ڳايو پر کيس اصل دلچسپي ٿر جي وارياسي پٽن ۽ ڪاڇي جي زمين تي ڳائڻ ۾ هوندي هئي هن جي ڳائڻ جي دل جو ڪعبو سنڌ هوندي هئي. مرحوم جي پونئرن، همدردن، دوستن ۽ مداحن سان دلي طور ڏک ونڊيون ٿا.

    Moronews288@gmail.com
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڪريم

    ڪريم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بدين
    تمام زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو