مزدورن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار ڪامريڊ رشيد مخدوم............ وحيد رزاق مستوئي/ اڄوڪو ڏهاڙو سنڌ جي مزدورن توڙي النور شوگر مل جي مزدور طبقي ۽ اسان لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي جڏهن سنڌ جي مزدورن لاءِ ڇپر ڇانو رهندڙ ۽ انهن جي بنيادي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار ڪامريڊ رشيد مخدوم 29 ڊسمبر 2010ع ۾ صبح جو 6:45 منٽن دل جو دورو پوڻ تي اسان کان وڇڙي ويو جيڪو سمن جي دور جي وڏي شاعر مخدوم محمد عثمان قريشي جي قبرستان ۾ آرامي آهي. ڪامريڊ رشيد مخدوم جي شخصيت ڪنهن کان ڳجهي نه هوندي ڇاڪاڻ ته ان هميشھ سنڌ جي مزدورن لاءِ جاکوڙيندي زندگي گذاري. جيئي مزدور جيئي پورهيت جي نعري جي شروعات ڪندڙ باباءِ مزدور جو لقب ماڻيندڙ مرحوم ڪامريڊ رشيد مخدوم ضلعي نوشهروفيروز ڀرسان مخدوم محمد جان جي گهر درٻيلو ۾ جنم ورتو. ساهتي پرڳڻي جي مٽيءَ مان عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن مان رشيد مخدوم پڻ هڪ هو، ڪامريڊ رشيد مخدوم پرائمري کان مئٽرڪ تائين اباڻي شهر درٻيلو مان حاصل ڪئي ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو، جڏهن ته مهراڻ ڊگري ڪاليج ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سوشلاجي جي تعليم حاصل ڪئي، پاڻ تعليم دوران شاگرد سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. ڪامريڊ رشيد مخدوم تعليم حاصل ڪرڻ بعد النور شوگر مل شاهپورجهانيان ۾ ملازمت طور ڀرتي ٿيو ۽ 1984ع ۾ محنت ڪش ليبر يونين جو بنياد رکيائين ۽ بعد ۾ پاڻ النور شوگر مل ۾ 1984ع کان 2001ع تائين جنرل سيڪريٽري رهيو، ان کان بعد ۾ ڪامريڊ مزدورن جي مسئلن جي حل ۽ حقن خاطر سموري سنڌ جي شوگر ملن جي مزدورن کي متحد ڪيو ۽ سنڌ شوگر ملز ٽريڊ يونين جوري جنهن جو پاڻ صدر مقررر ٿيو ۽ بعد ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ عهدو سنڀاليائين، ان کانپوءِ ڪامريڊ رشيد مخدوم مورو ۾ ميونسپل ليبر يونين، ٻيري مزدور يونين جوڙي ۽ ان کي وسيع ڪرڻ لاءِ ٺاروشاھ، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ليبر يونين کي رجسٽرڊ ڪرايون ۽ بعد ۾ انهي يونين کي پوري سنڌ جي صنعتن ۾ رجسٽرڊ ڪرايو بعد ۾ النور ايم ڊي ايف ۽ النور شوگر ملز ۾ آفيسر ايسوسئيشن رجسٽرڊ ڪرائي جنهن جو جنرل سيڪريٽري سندس ڀاءُ شير مخدوم رهيو، ان دوران مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڀاءُ شير مخدوم ۽ ڀائٽي اظهار مخدوم جي نوڪري ختم ڪئي وئي پر ان جي لاءِ ملز نتظاميه سان ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيائين ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ان سمجهوتي کي رشوت ۽ ان سمجهوتي ڪرڻ کي عظيم گناهه سمجهندو هو، ڪامريڊ رشيد مخدوم سان مون (وحيد رزاق مستوئي) سان صهافت ۾ اچڻ کانپوءِ تمام گهٽ ملاقات ٿي جيڪا اڪثر ڪري شام جي وقت ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ وٽان هميشه مزدورن جي حقن جي ڳالھ ڪندي ۽ انهن جي جائز مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ آواز مليو ڪامريڊ مونکي هڪ ڀيري چيو ته تنهنجي عمر اڃا ننڍي آهي انشاءَ الله تون هڪ ڏينهن تمام بهترين محنتي ۽ غريبن مسڪينن مزدورن جي حقن لاءِ آواز بڻجندي اها مونکي ناهي خبر ته مان ڪيتري تائين اهو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته پنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ وڏي بي وقوفي آهي ان ڪري اهو مان ٻين دوستن تي ڇڏيان ٿو ڪامريڊ هميه مزدورن لاءِ سوچيندو لوچيندو هو ان وٽان انهن مزدورن ان ۾ بيڙي مزدور هجي، دغاري مزدورر هجي، ٽرالي تان مٽي ڪمند کنڊ لاهيندڙ مزدور هجي، گڏھ گاڏي جو مزدور هجي يا ليبر ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هجي پر ان لاءِ هميشه حق جي لاءِ سوچ رکندڙ شخصيت هو ۽ مونکي مزدورن جون ڳالهيون ڪندي اتساهيندو رهيو، سندس ويجهي عزيزن وٽان معلوم ٿيو ته پاڻ سياسي پليٽ فارم تان درٻيلو ۾ سائين جي ايم سيد جي صدرت ۾ هڪ تاريخي جلسو ڪرايو جنهن ۾ (سائين جي ايم سيد) چيو ته هتي راجپوتن کي ڪهاڙيون ڊاٽا کڻي هتان ڊوڙائي ڪڍو جنهن تان سنڌي راجپوت ۾ وڏو تاريخي جهيڙو اڀريو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هئا. ان دوران ڪامريڊ عوام جي حقن خاطر ڪامريڊ رشيد مخدوم خمير لاڙڪ، حيدر جويو، گل شير شر، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ ٻين انقلابي سوچ رکندڙن سان گڏجي (سواپ) سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي جي نالي سان پارٽي جو بنياد وڌو ۽ ان کي ملڪ گير پارٽي ٺاهيو ويو جيڪا ان دور ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪميونسٽ پارٽي کان اڳتي نڪري وئي ۽ سنڌ ۾ تمام وڏي پارٽي کاٻي ڌر جي طور ثابت ٿي اڀري،! بعد ۾ ڪامريڊ رشيد مخدوم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي کي هڪ ڪري قومي انقلابي پارٽي جوڙي وئي جنهن جو ڪامريڊ رشيد مخدوم جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو جيڪا ڪجھ وقت جي جدوجهد کانپوءِ ختم ٿي وئي، ان کانپوءِ ڪامريڊ پنهنجن ساٿين سان گڏجي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ سال ٿيو جيڪو ڪافي وقت رهيو بعد ۾ ليبر پارٽي ۽ 2009ع آڪٽومبر واري مهيني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مزدورن جي حقن لاءِ جوڙيل پارٽي (وطن دوست انقلابي پارٽي) کي ٻيهر سرگرم ڪيو جڏهن ڪامريڊ رشيد مخدوم سنڌ سميت پوري ملڪ ۽ ٻاهر جنهن ۾ فرانس، پئرس ۽ ٻين ملڪن ۾ مزدورن جي حقن لاءِ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ تاريخي خطاب ڪيا، ڪامريڊ رشيد مخدوم جي هميشھ اها منزل هئي ته هو سنڌ جي مظلوم مزدورن کي مل انتطاميه جي بااثرن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلمن کان نجات ڏياري ۽ اهي پنهنجو ٻچن پيٽ پالين. جيتوڻيڪ ڪامريڊ هن وقت اسان سان گڏ ناهي پر سنڌ جي مزدورن جي خوشحالي لاءِ شروع ڪيل سندس جدوجهد هن وقت به جاري ساري آهي ان وقت جي ڪيل ڪامريڊ جي مزدورن لءِ جاکوڙ اڄ جي مزدورن ۾ ڪافي شعور پئدا ٿي چڪو آهي جيڪي پنهنجي حقن جي حصول لاءِ ويڙهه ڪري رهيا آهن ڪامريڊ جي قائم ڪيل انقلابي پارٽي هن وقت ڪافي ڌڙن ۾ تبديل ٿيل آهي پر پوءِ به جس لهي ڪامريڊ رشيد مخدوم جو ڀائيٽو جيڪو پنهنجي چاچي جي انهي عزم کي ورجايو پيو اچي، ڪامريڊ رشيد مخدوم جي جاکوڙ ۾ سندس جو ڪو به ذاتي مفاد ڪونه هيو. ڪامريڊ رشيد مخدوم سنڌ ۾ ٿيندڙ جلسن جلوسن ۽ ڪانفرسن ۾ خطاب ڪندي چوندو هيو ته جيڪڏهن اوهان سنڌ جي مزدورن جي خوشحالي چاهيو ته سنڌ جي مزدورن ۽ هر محنت ڪش کي آزادي جا ڏيا ٻارڻا پوندا آمرن، حڪمرانن ۽ جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو، چوڻ جو مطلب ته ڪامريڊ سنڌ جي مزدورن کي حق ڏيارڻ لاءِ جيڪا شمع هٿ ۾ کنئي هئي اها هن وقت ٻرندي نظر پئي اچي، سنڌ جي هر مزدور جو اهو فرض آهي ته اهي اهڙي شمع کي ٻاريندا رهن ته جيئن وسامجي نه سگهي، ڪامريڊ پنهنجي زندگي جا 58 سال گذارڻ بعد 29 ڊسمبر 2010ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري سنڌ جي محنت ڪش مزدورن، نوجوانن، دوستن يارن، مٽن مائٽن هميشه لاءِ اڪيلو ڪري ويو. سندس ڀائٽي اظهار مخدوم جي اها ڪوشش رهي آهي ته هو هر ايندڙ ورسي تي ورسي ڏهاڙو ياد ۾ ڀرپور نموني ملهائي پيو، ۽ مورو کان درٻيلو تائين گڏاين جي صورت ۾ مزار تي چادر چاڙهڻ لاءِ ويندا آهن ياد رهي ته ڪامريڊ رشيد مخدوم کي پٽ جو اولاد نه هيو ڪامريڊ کي هڪ نياڻي زرقا مخدوم هئي جيڪا تعليم جي لحاظ کان تمام ذهين هئي ۽ ان مئٽرڪ ۾ اين ون گريڊ ۾ پاس ڪئي ۽ ان نياڻي جي زندگي 2009ع جولاءِ ۾ پوري ٿي وئي جنهن جي صدمي رشيد مخدوم کي جهوري وڌو ۽ رشيد مخدوم اسان کان هميشه هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو جڏهن ته ڪامريڊ رشيد مخدوم جي ورسي مورو ۾ وطن دوست انقلابي پارٽي پاران باباءَ مزدور رشيد مخدوم جي 4 ورسي (اڄ) مورو ۾ اينڪر اسڪول گچيرو روڊ ۾ ملهائي ويندي جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، صحافي، النور شگر مل جي محنت ڪش ليبر يونين جا اڳواڻن، شهري، وارثن سميت معززين ۽ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندا ۽ مخدوم رشيد جي زندگي ۾ ڪيل مزدوري ۽ مزدورن جي خدمتن تي روشني وجهندا، جڏهن ته انور ڪورائي، مخدوم اظهار، خالد ٻگهيو، رزاق مستوئي، امان الله ڏاهري، باغ علي ابڙو، انوارالحق آرائين، وحيد رزاق مستوئي ۽ ٻيا آخري آرامگاھ سندن جنم ڀومي درٻيلو پراڻو ۾ پهچي مرحوم رشيد مخدوم جي تربت تي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪرڻ بعد دعا گهري ويندي.