عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن

عاشقن الله کي ووڙي لڌو وجود ۾
ڪن ڳالھ ڪهڙي هن دنيا جي رهيا وڃي موجود ۾.
ڪري نفي اثبات ٿيا وڏا تن جا درجات ٿيا
“موتو قبل “مري مات ٿيا هردم آھن سجود ۾.
لاتائون پرين سان لئون کنيائون هٿ ٻنهي جهانن تئون
ڪيائون ديدار اندر مئون آھن رمز “لامقصود“ ۾.
نانگا ٿيا نيهي نر اُجاري صاف ڪيائون پنهنجو اندر
پڙھيائون هڪ الف وارو اکر آھن درد واري دود ۾.
ناسوت مان عبدالعزيز نيهي چليا لاهوت ڏي اُڏري هليا
آسرا دنياوي هاهوتين پَليا ٿيا فنا معبود ۾.
اي بي لغاري