وڇڙيو آهين وسريو ناهين.....! تنهنجي محفل مان اُٿي هاڻ هليا وينداسينڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين.! راشد مورائي جي جنم ڏينهن جي حوالي سانوحيد رزاق مستوئي/ مورو ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مُرڪندي رهي ته ڪيڏي نه دل کي راحت ايندي آهي. موروشهر علمي ادبي سياسي ۽ سماجي حوالي سان پوريءَ سنڌ ۾ پنهنجي نمايان حيثيت رکي ٿو. ساهتي پرڳڻي جي هن تاريخي شهر ۾ ادبي حوالي سان قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ کان وٺي ناصر مورائي ۽ سائين راشد مورائيءَ تائين جن به سنڌي ادب لاءِ خدمتون ڏنيون آهن اهي تاريخ جي ورقن ۾ هميشھ ياد رهندا. ساهتي پرڳڻي جي مهان قوي سائين راشد مورائيءَ 5 مارچ 1944ع ۾ ”مورو“ ڀرسان سنڌوءَ درياءَ جي ڪَنڌيءَ تي قائم ننڍڙي ڳوٺ جوڻالي ۾ سيد سعيد علي شاھ ”خادم“جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پنهنجي دور جو سٺو شاعر هيو. راشد مورائيءَ کي شاعري به سندس وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. پاڻ 1961ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ پنهنجي پوري سروس دوران نهايت ايمانداري سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، سائين راشد مورائيءَ سڄي عمر تعليم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار جو اظهار ڪيو. سندس ذهن جي پختگي جو سبب جي ايم سيد جي شخصيت هئي جنهن کيس پنهنجي پيار ۽ شفقت جي اثر هيٺ سندس طبيعت تي انتهائي وڏو اثر ڇڏيو. جنهن ڪري پاڻ هن وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق به آهي ته محبوب به آهي. سائين راشد مورائيءَ سٺي شاعر سان گڏ، سٺو نثر نويس، مقرر، سماجي اڳواڻ، تاريخ جو ڄاڻو هئڻ سان گڏو گڏ ڀلو مهمانواز پڻ هو. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ته ڪو هن کان سکي. سندس اوطاق تي مهمانن جو سدائين ميلو متل هوندو هيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل سندس چاهيندڙن ۾ سندس مداح، فنڪار، شاعر، اديب، قلمڪار، سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪن هوندا هئا. جيڪي هن سان ڪچهري ڪري اتساھ ۽ محبتون ماڻي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. سائين راشد جو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان ورتاءُ انتهائي شفقت وارو هوندو هيو، پاڻ سندن غمن ۽ خوشين ۾ هر وقت ڀاڱي ڀائيوار رهيو، راشد مورائيءَ کي سڄي سنڌ جي ماڻهن، واهڻ، وسندين پورهيت طبقي ۽ پٺتي پيل ماڻهن سان بي پناھ محبت هئي جنهن جو چٽو ثبوت سندس شاعري ۾ نمايان نظر اچي ٿو، راشد مورائيءَ جي شاعري سلوگن آهي جيڪا ظالم، جابر قوت لاءِ هڪ للڪار جيان آهي، راشد مورائيءَ پنهنجي سڄي عمر خود داريءَ سان گذاري. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن آمر وٽ نه جهڪيو. پر هن سدائين سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گيت پنهنجي قوم کي ارپيا. هي قوم ته قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي ڪو اهڙو اوڀڙ اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان. راشد مورائيءَ بيماريءَ جي قليل حالت هوندي به سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي تقريبن ۾ وڃي سنڌي قوم جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو رهيو. هو پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ شخصيت هو. سندس انقلابي ۽ رومانوي شاعريءَ کي سڄي سنڌ توڙي هند ۾ تمام گهڻي محبت ۽ مقبوليت ملي، سنڌ جا ماڻهو سندس قلمي پورهئي کي اڄ به قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. 5 مارچ 2014ع تي هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري 70هين سالگرھ ملهائي ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ سندس سالگرھ جون تقريبون منعقد ٿيون. جنهن ۾ هڪ تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ۽ ٻه تقريبون مورو شهر ۾ ٿيون. جيڪي بعد ۾ خوشيءَ مان ڏک جي صورت ۾ بدلي ويون ڇاڪاڻ ته پاڻ جلد ئي 11هين مارچ 2014ع تي تمام گهڻو بيمار ٿي پيو جنهن سبب کيس سول اسپتال نوابشاھ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي پوءِ به سندس طبعيت بهتري نه اچڻ ڪري کيس حيدرآباد جي راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو پاڻ آخري دم تائين رياست جي آڏو علاج لاءِ هٿ نه ٽنگيائين. سنڌ جي هن ارڏي شاعر اسان ۽ سڄي سنڌ هميشھ جي لاءِ الوداع ڪري سڄي سنڌ کي ڏکارو ڪري 24 مارچ تي ٻه وڳي هميشھ لاءِ آرامي ٿيو سندس مڙھ شام جو ستين وڳي مورو آندو ويو. سندس وڇوڙي تي مورو شهر سميت سنڌ جي هرهڪ فرد جي اک آلي هئي. سندس تدفين ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، قومي ڪارڪنن، سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، کيس صوفي راڳ ۽ قومي جڪهنڊي ۾ ملبوث راشد مورائيءَ کي آخري آرامگاھ ڏانهن نيو ويو جتي سنڌي قومي تراني سان کيس ڀيٽا ڏئي هميشھ لاءِ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت مورو جو بنياد وجهندڙ ۽ مورو شاخ جو بنيادي سيڪريٽري هئڻ سان گڏوگڏ سالن جا سال مختلف وقتن تي سيڪريٽري رهيو ان سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، شاعري کان علاوه سندس نثر ۾ مضمون، خاڪا پڻ لکيل آهن. سندس خوبصورت ڇپيل شاعريءَ جي مجموعن ۾ سنڌڙيءَ جو سوداءُ، ميندي سندا کيت، دل جو شهر، شعلا شعلا واءُ ۾، ديوان راشد، ڪافيون گيت غزل، درد ۾ دلجوئي شامل آهن جڏهن ته نثر ۾ خاڪن جو مجموعو ”اڳتي تاڻ اُمنگ جي“، ڪهاڻين جو مجموعو ”پاڻي تي پهرو“، خطن جو مجموعو ”خط خوشيءَ مان کول“ ڇپيل آهن. سندس شخصيت تي لکيل مختلف اديبن جا مقالا ۽ مضمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت مورو رزاق مستوئي ”ڏات جي ڏيھ ۾“ جي نالي سان ترتيب ڏنو جيڪو پڻ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه حاڪم گل مهر پاران راشد مورائي جي انٽرويوز تي ٻڌل ”راشد جي رهاڻ“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيل آهي. سندس ڪيتروئي مواد اڻ ڇپيل موجود آهي جنهن ۾ سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”جهڙي آيس جيئن“ خطن جو مجموعو ”کنياتي آندو خط“ ۽ ٻيو ڪيترو ئي مواد سندن پوئينرن وٽ اڄ به موجود آهي. راشد مورائي اڻ ڳڻين خوبين سان مالا مال هو. پاڻ ادبي کيتر جي اها قدآور شخصيت هو جنهن جي ٽهيءَ ۾ عبدالحڪيم ارشد، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، استاد بخاري جهڙا ناليوارا شاعر شامل آهن. هن ستر جي ڏهاڪي کان به اڳ سائين جي ايم سيد جي صحبت ۽ قدمن ۾ ويهي سنڌيت جو سبق پڪو ڪيو ان کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ پنهنجي علم، قلم ۽ عملي ڪردار وسيلي پنهنجي ڦوھ جواني کان جيڪا جدوجهد شروع ڪئي سا پنهنجي وفات تائين جاري رکي، سائين راشد پنهنجي حياتي سنڌ وطن جي سانگين جي سُک ۽ سلامتي آجپي ۽ آزادي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، راشد مورائي جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن جن ۾، عابده پروين، جلال چانڊيو، سرمد سنڌي، غلام شبير شاهاڻي، ديبا سحر، ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، اسلم تنيو، سڄڻ سنڌي، صائمه منظور، الھداد زرداري، شمن ميرالي، شريف رند، بالا بلوچ سميت ٻين ناليوارن فنڪارن سندس قومي، رومانوي شاعري کي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آهي. راشد مورائيءَ پنهنجي قلمي پورهئي جي ذريعي سنڌ کي ظلم کان نجات ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ثابت قدم رهيو هُو ڪڏهن به نه وڪاميو سچ چوڻ ۽ لکڻ خوب ڄاڻندو هو هن نه جاب جي جبر جو خوف لوڏي سگهيو ۽ نه ئي مال متاع ميڙڻ جو لوڀ هن جي ويجهو اچي سگهيو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان بي پناھ محبوبه وانگر محبت ڪندڙ راشد مورائيءَ جا بنيادي محرڪ ۽ قدر انسان دوستي روحانيت، قوميت، سماجيت مزاحمت، انقلابيت ۽ اظهار جماليات هئا. راشد مورائي گهڻ رکي شخصيت ۽ سرموڙ سرجڻهار هو هو ادبي دنيا جو هڪ يگانو شخص هو. سندس ياد هميشھ رهندي ڇاڪاڻ ته سائين راشد مورائي اسان کان جسماني طور ته وڇڙيو آهي پر روحاني طور تي هميشھ هميشھ لاءِ رهندو مان کيس دعاڳو آهيان ته راشد مورائي کي جنت الفردوس ۾ مالڪ ڌڻي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪندو ۽ پوئنرن کي صبر و جميل جي توفيق ڏيندو. اسان کيس جنم ڏينهن جي حوالي سان پوري سنڌ جي شاعردنن اديبن، محقن، نقادن فنڪارن سميت هر مڪتب فڪر سان سلهاڙيل دوستن کي راشد مورائيءَ جي جنم ڏينهن تي تمام ڏکاري دل ۽ افسوس سان ته راشد مورائي جي غير موجودگي تي دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. ۽ آخر سندس شعر تي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ته: مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهيان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کانڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.