عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
تنهنجي محبت ۾ ڪي منصور ڏٺم
ڪي منصور ڏٺم ڪي مسرور ڏٺم.
ڪنين قرب تنهنجي ۾ ڪان لڳا
ڪي مستي منجھ مستان ٿيا
ڪي برھ تنهنجي ۾ ڀرپور ڏٺم.
ڪن عجز ڪري آزي ڪئي
ڪن پريت پروازي ڪئي
ڪي مست الست مخمور ڏٺم.
ڪن مست ٿي نعرا هنيا
ڪي صُمُٗ بُڪۡمُٗ ڪجھ نه ڪڇيا
عجب اهي امور ڏٺم.
ڪنين رمز رندي ۾ نماز پڙھي
ڏٺائون پاڻ ۾ مسجد مندر مڙھي
ڪنين “اَلۡقَلۡبُ بَيۡتُ الله “ حضور ڏٺم.
ڪي عبدالعزيز جهڙا آسروند ٿيا
ٻانھون ٻَڌيو در پرين جي کڙا
ڪي نرمل نسورا نُور ڏٺم.
اي بي لغاري
ڪي منصور ڏٺم ڪي مسرور ڏٺم.
ڪنين قرب تنهنجي ۾ ڪان لڳا
ڪي مستي منجھ مستان ٿيا
ڪي برھ تنهنجي ۾ ڀرپور ڏٺم.
ڪن عجز ڪري آزي ڪئي
ڪن پريت پروازي ڪئي
ڪي مست الست مخمور ڏٺم.
ڪن مست ٿي نعرا هنيا
ڪي صُمُٗ بُڪۡمُٗ ڪجھ نه ڪڇيا
عجب اهي امور ڏٺم.
ڪنين رمز رندي ۾ نماز پڙھي
ڏٺائون پاڻ ۾ مسجد مندر مڙھي
ڪنين “اَلۡقَلۡبُ بَيۡتُ الله “ حضور ڏٺم.
ڪي عبدالعزيز جهڙا آسروند ٿيا
ٻانھون ٻَڌيو در پرين جي کڙا
ڪي نرمل نسورا نُور ڏٺم.
اي بي لغاري
