عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
آدم کي تو بنائي مچ عشق جو مچايو
ڪڍائي منجھ بهشتئون وري نئون نينهن لايو.
آدم آ سر الٰھي جيڪو رکي آگاھي هِت ھُت انھي جي شاھي سر تنهن سلطاني سايو.
ابليس ڪيو جھيڙو ڪري تڪبر ٿيو ڀيڙو
ڪيين ويران پنهنجو ويڙھو لعنت جو تنهن طوق پايو.
ڪئين منصور سولي قتل ٿيو لکيو ھو پيچ ازل جو
ھوڪو ھُلايائين اناالحق جو تھائين عاشق سڏايو.
آدم ۾ لڪيل ھو نورِ سرور تڏھن ملائڪن سجدو ڪيو ٿي ھر ھر
خود خدا ڪيو سجدي جو امر جنهن سمجهيو تنهن پايو.
عبدالعزيز رھ ادب ۾ توحيد جي طلب ۾
سيد سچي جي حُب ۾ ڇڏ ٻيو فڪر اجايو.
اي بي لغاري