استاد هڪ عظيم هستي آهي. استاد هڪ پيغمبري وارو ڪردار آهي. سونهاري سنڌ ۾ هميشه اهڙا ماڻهون پيدا ٿيندا رهيا آهن جن سنڌ ۽ پنهنجو نالو روشن ڪري تاريخي ڪتابن جا باب بڻجي ويا آهن. جن جي پورهئي مان پوري دنيا فائدو وٺي رهي آهي، اهڙن ڪردارن ۾ هڪ استاد پڻ شامل آهي. جيڪو پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان غريب مسڪين جي اولاد بهترين تعليم ڏيڻ سان گڏ اخلاقي تربيت پڻ ڏئي ٿو، پر ان استاد کي هن پورهئي کي اڄ جو شاگرد نه ٿو سمجهي ڇاڪاڻ ته هن وقت ٽيڪنالاگي جو دور هلي رهيو آهي. جنهن جو سبب هي آهي ته اسان سميت ٻيا جونوان استادن کي ڪجهه ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه نٿا رکون پر اها نوجوانيت جي سوچ تمام ننڍڙي آهي. شاگرد تي لازمي آهي ته استاد جي حق ۾ ”الله تعاليٰ کان دعا گهري ته استاد جا درجا بلند ٿين“، دنيا آخرت ۾ سندس بخت ۽ ڀاڳ ٿئي ۽ الله تعاليٰ ٻنهي جهانن ۾ سندس دين ۽ ايمان جي حفاظت ڪري. استاد کي برو سمجهڻ ۽ زبان سان رنجائڻ به حرام ۽ هميشه جي بدبختي آهي، بلڪه برباديءَ جو سبب آهي. شاگرد کي گهرجي ته هر ڪم ۽ ڳالهه ۾ پنهنجي رضا کان وڌيڪ استاد جي رضا مڃي. شاگرد جيڪو به علم پڙهيو آهي، ان کي دور ڪندو رهي جيڪڏهن ٻيو ڪونه هجي ته اڪيلو ئي مطالعو ڪندو رهي، شاگرد جيڪو ڪجهه به ٻڌي يا پڙهي ته ٻين طالبن کي به سيکاري. ڪتاب ۽ علم جو شاگرد جو ذهن سمجهڻ جي لياقت ۽ طاقت جيڪڏهن نٿو رکي ته نه پڙهي ائين ڪرڻ اجائي خواري ۽ وقت جو زيان ڪرڻ آهي. شاگرد جيڪو پڙهي ان جي زڪواة هن طرح ڏئي يعني چاليهه مُسلن ما چالهين تي عمل ڪري ته عمل زياده ٿئي ۽ مرتبو بلند ٿئي. استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ ضروري آداب آهن، انهن کي علم تصوف وانگر شرعي علمن جي ڪتابن مان طلب ڪرڻ ۽ ڏسڻ لازم آهي هي اسان ڪجهه مٿين ڳالهه تي غور ڪنداسين ته جيڪو تعليم جي لاءِ جاکوڙيندو ان جو نالو سُنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. جئين هن وقت ملاله کي عروج تي تيي آندو ويو ڇاڪاڻ ته اها تعليم جي لاءِ بهتر قدم کڻي رهي هئي، پر اها به هڪ استاد جي ڏنل ترتيب ۽ تعليم جي بنياد تي اڳتي نڪري آئي آهي. سڄي ڪائينات کي ڏسجي ته الله تعاليٰ مٿيون حصو به شايد ائين ئي ٺاهيو آهي؟ جڏهن چوڏهينءَ جي رات هوندي آهي تارا ڊم هوندا آهن پر ٿوري نظر ڪجي ته آهستي آهستي چنڊ تاريخن مطابق پنهنجي روشني تارن ۾ تقصيم ڪندو آهي. اهڙي طرح پوءِ تارا آهستي آهستي آسمان ۾ رات جي وقت ڪاري چادر تي اڇن ٽٻڪن وانگر چٽا ٿي ويندا آهن. امام جو قول آهي ته: جسم کي سڪون ڏيڻ سان علم حاصل نٿو ٿي سگهي. پر اسان جي سونهاري سنڌ ڌرتيءَ ۾ خبر ناهي استاد کي ڇو غلط نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، پر استاد سنڌ جي تاريخ ۾ هڏڏوکي ڪردار ادا ڪندڙ آهي. استاد جون ڪاوشون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن، استاد منهنجي نظر ۾ تعليم لاءِ بهترين ڪردار آهي. ليکڪ: سرمد مستوئي ”وفا“ sarmadsindhi72@yahoo.com