4-مارچ ۽ 48 سال اڳ وارو منظر !

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    غلام حسين لغاري

    جڏهن به راجپوتانا اسپتال وٽان لنگهڻ ٿيندو آهي ته 48 سال سال اڳ انهي هنڌ اهو منظر اکين تي تري ايندو آهي جڏهن سنڌي نوجوانن جن ۾ سنڌ جون نياڻيون به شامل هيون مٿن وحشيانه تشدد ڪري سنڌي حقن جي حاصالات ۽ سنڌي ٻولي جي تحفظ لاءِ سندن زبان بند ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي وئي هئي.جيڪي به نوجوان ۽ اسانجون انقلابي ڀينرون انوقت اهڙي تشدد جو شڪار ٿيون ۽ قيد و بند جو صعوبتو سٺيون هيون تن کي ئي خبر هوندي ته اهو ڏهاڙو ڪيڏو نه سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ اذيت ڀريو هو. ان ڏينهن پويان نوجوانن جا حڪمرانن خلاف ڪي به عزائم نه هئا ۽ نه وري ڪو بغاوت ڀريو جذبو هو جيڪڏهن ڪو به جذبو ۽ مطالبو هو ته اهو صرف ئي صرف ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ هو. 4 مارچ واري احتجاج کانپوءِ سنڌ ڄائي نياڻي اختر بلوچ سنڌ جي بقا ۽ سنڌي ٻولي جي وجود لاءِ ڊگهي عرصي تائين بک هڙتال تي ويهي سنڌي ۾ ووٽر فهرستن جي تياري بابت جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ جنهن کي ايتري ته موٽ ملي جو سنڌ جي هر ڪاليج ۽ اسڪول ۾ بک هڙتالن جو سلسلو وڌي ويو. 1969 ۾ ايوب خان جي سرڪار ختم ٿيڻ کانپوءِ نون حڪمرانن يعني وقت جي هڪ ٻئي آمر سنڌي نوجوانن جي مطالبن کي تسليم ڪندي ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ چونڊ فهرستن جي تياري جو اعلان ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت به چونڊ فهرستون سنڌي ۾ تيار ٿينديون آهن البته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت اڃا ناهي ملي سگهي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ان ڏس ۾ ٺهراءُ پاس ڪري چڪي ۽ سياسي ڌريون به هاڻ انهي ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي ٻولي سميت پنجابي ، بلوچي ۽ پشتو کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي.

    سنڌ جي تاريخ ۾ 4 مارچ وارو سنڌي شاگردن جو اهو پهريون احتجاج هو جنهن ۾ سڀ نوجوان پاڻ ۾ متفق ۽ متحد نظر پئي آيا ۽ اها ڳالهه به قابل فخر هئي ته بسن ۾ سوار سمورا شاگرد جيڪي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ڄامشورو کان حيدرآباد بسن وسيلي پرامن هئا ۽ ڪنهن خلاف به ڪو چڙ ڏياريندڙ نعرو هڻڻ بدران صرف ئي صرف ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌي ۾ ووٽرن فهرستن جي تياري بابت نعرا هڻي رهيا هئا. بسن ۾ جيڪي به انوقت جا شاگرد اڳواڻ ويٺل يا اڳواڻي ڪندي نظر آيا انهن ۾ يوسف لغاري اڳوڻو ائڊووڪيٽ جنرل سنڌ ، يوسف ٽالپر هاڻوڪو ايم اين اي ، اقبال ترين ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي ، احمد خان ملڪاڻي ائڊووڪيٽ دادو وارو ۽ ٻيا شامل هئا جيڪي هن وقت به سنڌ جي مسئلن تي اٽل بيٺل نظر ايندا آهن ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ هر محاذ تي اڳيا اڳيان هوندا آهن. سنڌ جي انقلابي نوجوان سرواڻن جو جڏهن قافلو ڄامشوري المنظر وٽ پهتو ته ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر دادو يونيورسٽي جي بسن کي روڪي واپس ورڻ جو مشورو ڏنو ايترقدر اشارو ڪيو ته پل ڪراس ڪرڻ بعد ڪجهه بي ٿي سگهي ٿو ۽ اوهانجي زندگين کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو پر سنڌ مٿان قرباني ڏيڻ جو جذبو رکندڙ اڳتي وڌڻ لڳا ۽ جيئن ئي بسون موجوده راجپوتا اسپتال وٽ پهتيون ته وقت جي ڪمشنر مسرور حسن خان جي اتي رستو روڪي بيهاريل هٿياربند فورس چئوطرف بسن جو گهيرو ڪري بسن ۾ هڪ هڪ کي هيٺ لاهيندي رائيفلن جي قنداڪن ۽ هٿ ۾ رکيل ڏنڊن سان ڪٽيندا ۽ آنسو گئس جا گولا بسن اندر هڻدا رهيا جنهنڪري ڪيترائي ئي نوجوان سخت زخمي ٿيندا پٽ تي ڪرندا رهيا جن کي فورس گرفتار ڪندي رهي. ڪيترن کي نوجوانن کي مون ڊپ وچان روڊ جي ٻنهي طرفن کان سم جي اونهي کڏن ۾ ٽپو ڏيندي ڏٺو جن ۾ آءُ خود ۽ ٽنڊي ڄام مان ڪهي آيل منهنجا ساٿي شاگرد به شامل هئا. شابش هجي انوقت جي شاگرد پروفيسر اعجاز احمد قريشي جي والد بزرگوار مرحوم سائين علي احمد قريشي کي جيڪو فوري طور دادو مان حيدرآباد پهتو ۽ حيدرآباد جا ڪجهه ٻيا وڪيل جن همٿ ڪري شاگردن کي ضمانتن تحت جيل مان ٻاهر ڪڍرايو باقي انوقت آمر ايوب خان جي ساٿاري وڏيرن جي ڪنن مٿان ڪا جون به چري جو اهي پارليامينٽ اندر يا ٻاهر ويهي ڪو احتجاج يا مذمتي بيان جاري ڪن ها جنهن جو ڪارڻ سندن ميمبري کي خطرو ۽ جيل جون هوائون ٻئي طرف کين نظر پئي آيون.

    1967 واري دور ۾ صحافت ۽ اخبارون آمرن جي ڪنٽرول ۽ پريس ائڊواس هيٺ هيون جنهن ڪري ڪجهه مک سنڌي اخبارون ۽ انهن جا مالڪ ۽ ايڊيٽر وڏي ڊپ ۾ ورتل هوندا هئا ۽ اهي سنڌ جي مسئلن تي لکڻ کان گهڻو ڪري گهٻرائيندا هئا. ڪجهه اخبارون ته انهن سياسي اڳواڻن ، وڏيرن ۽ جاگيردارن جون هيون جيڪي وقت جي آمر جا ساٿاري هئا يا وري حڪومت ۾ شامل هئا ۽ جڏهن 4 مارچ تي شام جو پرتشدد واقعو پيش آيو ته انهن پنهنجو منهن ورائي پٺتي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ انهن حقيقتن کي پاسيرو رکندي سرڪاري موقف ۽ هئنڊ آئوٽ شايع ڪيا جن سان وقت جا نوجوان مايوس ضرور ٿيا پر انهن همٿ نه هاري ۽ پنهنجو جذبو جاري رکيو جنهن ڪري حڪمران هن وقت به خوف ۾ ورتل آهن ۽ نه ته ڪالا باغ ڊئم به ڪڏهوڪو ٺهي وڃي ها.18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ کي ڪافي ڪجهه ملڻو هو جيڪو رنڊڪن جو شڪار آهي جنهن ۾ پنجاب جي بالا دستي شامل آهي.سنڌي ميڊيا ۽ اخبارن تي هن وقت به پنجاب جو سڌي توڙي اڻ سڌي طرح ڪنٽرول آهي.پي آءِ ڊي سنڌي اخبارن کي جنهن نموني بيوس بڻائي رهي آهي سا ڳالهه به ڪنهن کان لڪيل ڪانهي.سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ سرڪاري رسالو نئين زندگي کي هٿ وٺي بند ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌي ادب ، سنڌي ٻولي ۽ انهن جي ليکڪن ، شاعرن ۽ اديبن کي وڏو نقصان رسيو آهي آهي پر افسوس جي اها ڳالهه آهي جو انتي ڪنهن به آواز ناهي اٿاريو.سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن ، نوڪريون ميرٽ بدران حڪمرانن جي ويجهڙائپ رکندڙ جاگيردارن ، وڏيرن ۽ وزيرن جي يا ته اولاد ، مٽن مائٽن کي ملي رهيون آهن يا وري پئسن تي وڪرو ٿي رهيون آهن جنهنڪري سنڌي ڳالهائيندڙ بيوس پڙهيل نوجوان طبقو هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسين جو شڪار ٿيندو پيو وڃي.جيڪڏهن 4 مارچ 1967 واري جدوجهد کي مان ڏيڻو آهي ۽ ڏيڻ به گهرجي ته ان جي نتيجي ۾ آيل سنڌ جي نئين وجود کي بچائڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌي حڪمرانن کي پنهجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا وفاق کان پنهنجا حق واپس وٺڻا پوندا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن کي اقربا پروري بدران ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻيون پونديون.ڪراچي سميت سنڌ جي هر شهر توڙي وسندي ۾ ماڻهن کي امن فراهم ڪرڻو پوندو ۽ انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ظالماڻه حساب ڪتاب وٺڻو پوندو جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ سنڌ جي عوام جو رت چوسڻ سان گڏ انهن جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪو غدار سنڌ پئدا ٿئي ۽ سنڌ جو وجود ٻيهر مٽجي وڃي ۽ پوءِ هٿ مهٽيندي رهجي وڃن.

    hussainlighari@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو