عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن

يا رسُول الله ديدار جي ڏي تون دوا
لاچار بيوس آھيان ڪر شفاعت پنهنجي عطا.
هڪ اٿم حال هيڻو ٻيا مٿئون دنيا جا بار
ڪر عنايت عشق جي يا حبيبِ ڪبريا.
ٿئي روشن دلڙي هي۽ ٿئي ظلمت دُور
ڪر پالوٽ عشق جي اي سيّد سچا.
تو ڇُٽايو يار جنهن کي سي ڇُٽا ڇيهن کان سڀ
مِھر ساڻ مرسل درد منهنجا سڀ مِٽا.
عشق تنهنجي ۾ جيان عشق تنهنجي ۾ مران
عشق تنهنجي ۾ ئي گذري هي حياتي بي بقا.
هي عبدالعزيز عاجز ناتوانو آ در تنهنجي تي ڪِريو
ڪر ڪَرم ولهي تي اي آصين جا اَجھا.