راشد مورائي جي 72هين سالگرھ ”راشد مورائي يادگار ڪاميٽي“ پاران ملهائي وئي

'تعارف' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2015۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مورو.

    راشد مورائي جديد دور جو مهان شاعر هو، سندس نقشقدم تي هلڻ جو وچن ورجائڻو پوندو. راشد مورائي ڌرتي سنڌي ٻولي ثقافت تهذيب سنڌي جي خوشحالي ۽ آجپي جي ترقي تعمير لاءِ ڪم ڪيو، راشد مورائي سنڌ هو ۽ سنڌ راشد مورائي هئي، راشد مورائي ادب ۽ تعليم جي وڏي خدمت ڪئي هو هميشھ ماڻهن جي دلين ۾ ياد رهندو اهڙن خيالن جو اظهار مورو ۾ ”راشد مورائي يادگار ڪاميٽي“ طرفان سنڌ جي نامياري مزاحمتي انقلابي شاعر راشد مورائي جي 72هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ مير محمد پيرزادو، عاجز منگي، مولا بخش ٻرڙو، نذير نياز جويو، منظور شاھ منظور، لطيف راشد، رزاق مستوئي، مختيار علي شاھ، جي ايم شاھ، غلام مصطفى ڇڄڙو، محبتي ملاح خطاب ڪندي ڪيو جڏهن ته سالگرھ تقريب ۾ سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن اديبن شاعرن، شهرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته ارڏائپ بي باڪ هوندي آهي راشد مورائي ڪڏهن به سنڌ تعليم ۽ حق سچ لاءِ ڪنهن سابه سمجهوتو نه ڪيو، راشد مورائي هميشھ سنڌ جي دردن جي درمان مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ جي خوشحالي آجپي لاءِ پنهنجي شاعري ذريعي ماڻهن ۾ اتساھ پيدا ڪيو، هن هميشھ پيڙهيل طبقي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ظلم ڏاڍ ۽ بربريت کي پنهنجي شاعري ذريعي انهن کي للڪاريو ۽ آخري دم تائين سنڌ جي آجپي ۽ خووشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. راشد مورائي هميشھ سنڌ جي خوشحالي سک ۽ سلامتي ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي بهتري لاءِ پنهنجي شاعري ذريعي اتساھ پيدا ڪري شاعري ۽ عملي جدوجهد ڪئي، راشد مورائي سنڌي شاعري جو نرالو نالو آهي جنهن سڄي عمر سنڌ جي حقن جي حاصلات ادب ٻولي جي خدمت ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر، سماجي قدرن ۽ مهمان نوازي کان متاثر هيو، سائين راشد سنڌ جو سچو عاشق سنڌ جو روح هيو، راشد مورائي جدوجهد ۾ مشعل راھ هو، راشد پنهنجي لفظن جي حرمت ۽ عظمت هميشھ برقرار رکي، راشد مورائي هڪ ارڏو شاعر با اصول ۽ مهان شخص هو. راشد مورائي اصولن تي زندگي گذاري ۽ هميشھ حق سچ واري رستي تي هليو جنهن ڪري هن کي زندگي ۾ سنڌ جي ماڻهن وڏو مان مرتبو ڏنو ۽ هاڻي وڇوڙي کانپوءِ به راشد مورائي کي ساڳيو مان مرتبو ڏئي رهيا آهن سندس گذاريل زندگي سنڌي قوم لاءِ هڪ درس آهي سندس زندگي مان جيئڻ جو اُتساھ ملي ٿو. سنڌ جي حقن جي حاصلات سک ۽ سلامتي لاءِ سنڌ جي هر نوجوان کي راشد مورائي ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي منزل جيڪا راشد مورائي ڇڏي آهي ان کي پايا تڪميل تائين پهچايون، هنن وڌيڪ چيو ته راشد مورائي عظيم انسان هو. ان کان علاوه سائين جي ايم شاھ، غلام مصطفى عقاب ڇڄڙو، محبتي ملاح، نجم سرهيو، اختيار علي شاھ، پروفيسر افتخار ٻگهيو، فهد رضا ميمڻ، وحيد رزاق مستوئي، عادل لغاري، ساجن ميمڻ، اختر علي لغاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان کان پهريان ”راشد مورائي يادگار ڪاميٽي“ جو اجلاس لطيف راشد جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته راشد مورائي جي پهرئين ورسي 29 مارچ آچر جي ڏينهن مورو ۾ وڏي پئماني تي ملهائي ويندي جڏهن ته ايندڙ سال 5 مارچ تي راشد مورائي جي سالگرھ ۽ ورسي گڏيل طور تي ڪئي ويندي.
     
  2. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    راشد مورائي سنڌ جو انقلابي شاعر هو ... دوستن کي جس هجي جن هي پروگرام ڪيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو