ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ
ڪَوهِيَارَي جِي ڪَاءِ، ڳِنِيَو ڀُوڻَان ڳَالَڙِي
سُرُ سَسُئِي حُسَينِي
ڇِپُنِ = وڏن پهڻن
ڇِنَا = ڦٽيا، زخمي ڪيا، رتو رت ڪيا
مَاءِ = او جيجل ماءُ
ڪَوهِيَارَي = جبل جي رهاڪوءَ، پنهونءَ
ڪَاءِ = ڪائي
ڳِنِيَو = وَٺِيُون، کنيون
ڀُوڻَان = گهمان، هلان
ڳَالَڙِي = ڳالهڙي، سَارَ، يادگيري
بيت جو پس منظر
~ او جيجل ماءُ! هنن پهڻن تہ منهنجا پير رتو رت ڪري ڇڏيا آهن.
~ پوءِ بہ محبوب پنهونءَ جي ڪا ڳالھ سانڍيون اڳتي هلندي پئي وڃان.
سمجهاڻي
او منهنجي جيجل ماءُ! جبل جو پنڌ ڏاڍو ڏکيو، اذيت ۽ عذاب ڏيندڙ آهي. هنن اوچن پهاڙن ۽ پهڻن تہ منھنجا پير زخمي ڪري، ڦٽي ڇڏيا آهن. منهنجي رتو رت ٿيل پيرن مان رت ٽمي رهيو آهي، پر مان پنهنجي پرينءَ جي يادگيرين ۽ ساروڻين سهاري جبل جهاڳيندي اڳتي وڌندي پئي وڃان.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوبَ ۽ منزلون ماڻڻ ڪو سولو ۽ آسان ڪم ناهي. هن راھ ۾ ڪيئي مصيبتون، مشڪلاتون، رنڊڪون، رڪاوٽون، اذيتون ۽ عذابڀوڳڻا پوندا آهن. پر سسئيءَ جيڏو عزم ۽ حوصلو پيدا ڪري، سڀ خطرا سر تي کڻبا تڏهن ئي ڪاميابيون ماڻبيون آهن.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل