• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فلسطين ۾ حضرت عيسيٰ جو گھر ڳولي لڌو ويو

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن

قديم آثارن جي برطانوي ماهرن حضرت عيسيٰ جو گھر ڳولڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ان گھر ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام ننڍپڻ ۾ رهيو هو. ريڊ يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر ڪين ڊارڪ جو چوڻ آهي ته فلسطين جي علائقي نزارٿ ۾ واقع پهرين عيسوي صدي جو هي گھر امڪاني طور تي اها جاءِ آهي جتي حضرت عيسيٰ عليه السلام وڏو ٿيو. هن چيو ته هڪ تاريخي لکت ۾ ٻڌايو ويو هو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جو گھر ٻن مزارن جي وچ ۾ ۽ هڪ چرچ جي هيٺان قائم آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن کنڊر جهڙي جڳهه تي 2006ع کان تحقيق ڪئي پئي وئي. ۽ هاڻي اهو ڄاڻي ان جي تحقيق هڪ رسالي ۾ شايع ڪئي وئي آهي. ماهرن موجب هٿ آيل گھر جو اڪثر حصو کنڊر بڻجي چوڪو آهي پر هڪ ٻاهريون دروازو اڃا تائين بچيل آهي جڏهن ته زمين جو ڪجھه حصو به سلامت آهي جنهن کي ڏسي لڳي ٿو ته ان جي ڊزائن شروعاتي رومن دور جهڙو آهي. ڊاڪٽر ڪين کي ان مقام جي نشاندهي 670ع ۾ لکيل هڪ ڪتابڙي مان ٿي، جيڪو هڪ بشپ ڪي نزارٿ جي دور جو بنياد بڻائي لکيو ويو هو. ان ڪتاب جي نشاني موجب هن گھر جي هڪ گرجا گھر ۽ ٻن مزارن جا ثبوت به مليا آهن.
 
Back
Top