• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصر ۾ 3 هزار سال قديم مقبرو هٿ

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن

آمريڪي ماهرن مصر ۾ 3 هزار سال پراڻو هڪ مقبرو دريافت ڪري ورتو آهي. مصر جي قديم آثارن واري وزارت ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته انتهائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي ڀتين وارو مقبرو ديوتا “آمون“ جي مندر جي حفاظت تي مقرر ڪيل هڪ وڏي شخصيت ”امين هوتپ“ جو آهي. بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڏاکڻي شهر لگزور ۾ هٿ آيل هي مقبرو مصر جي سڀ کان مشهور ارڙهين شاهي دور ” نيو ڪنگڊم“ جي زماني جو آهي. قديم آثارن واري کاتي جي وزير ممدوع الدماتي ٻڌايو ته مقبري جون ڀتيون اڇي رنگ سان ٺهيل آهن جيڪي حيران ڪندڙ منظرن سان ڀريل آهن
 
Back
Top