• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عاشق قلندر مست تي هٻڪار ها حسنات جا.

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
bij7kL.jpg




عاشق قلندر مست تي ھٻڪار ھا حسنات جا
بجليون بدل بيحد ڏٺم ات برھ جي برسات جا.

چوگان ۾ باشان ھا شمعدان شَم شغلات جا
لوبان سرکنڊ ڌوپ سان دونھان اگر دن رات جا.

اوچو عَلم اعليٰ عجب بيرق مٿس برڪات جا
مستن اتي مستا ھنيا جذبي منجھان جذبات جا.

ماڻھو ملڪ ھنڌ سنڌ جاحاضر ڏٺم ھر ذات جا
ڪي سانولا ڪي سيم وتن ڪي گل رخن گجرات جا.

مد مئي ڪشا من موھنا مشتاقڙا تجلات جا
سي سر بسر سينگاريل سڀ سرخرو سخنات جا

جلوي نما جانب ھئا جھلڪا لڳا شش جھات جات جا
پچندي رھيا نچندي رھيا نانگا رندي رسمات جا

دُر سا ڌمالي دائما ڌُن ڌيان جي درجات جا
نيھي نقارا نوبتي “اعجاز “ ھا اثبات جا.
•••••••••••••••••••••••••••••••••••••
حضرت سيد محي الدين شاه “اعجاز“ راشدي رحه
•••••••••••••••••••••••••••••••••••••
 
Back
Top