• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلوڪ وعرفان

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
نڪري هل ناسوت مان ساميئڙا سرڪار
“وذڪر ربڪ في نفسڪ“ اندر منجھ اُچار
اندر منجھ انوار پس تون پرين جا.


پس تون پرين جا اندر منجھ اسرار
“فذڪروني اذڪرم “هيئڙي پائج هار
چڙھ پوءِ تون دار نعرو هڻي نينهن جو.


نعرو هڻي نينهن جو ٿي سولي تي هسوار
منصوري موج ۾ اناالحق ڪر اظھار
ڪري ڌڙ سسي کئون ڌار مڃ رضا رب جي.


منڃ رضا رب جي پڙھ دم دم ساڻ نماز
“الصلوٰات معراج المومنين“ اِي عشق جو آواز
معرفتي معراج ماڻ ته موچارو ٿئين.


ماڻ ته موچارو ٿئين حقيقي هيڪڙائي
“ان الله وتر حب الوتر “ شڪ ڇڏي ڇائي
هردم وائي تن هُو ھُو سندي من ۾.


هُو هُو سندي من ۾ آھي طلب تنوار
آديسين اسرار سڀئي پسيا پاڻ ۾.


اي بي لغاري
 
Back
Top