سينيٽ اليڪشن : پنجاب ۽ مرڪز ۾ ن ليگ جي ٻهار، سنڌ ۾ پ پ ۽ متحده جي ڪاميابي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سينيٽ اليڪشن : پنجاب ۽ مرڪز ۾ ن ليگ جي ٻهار، سنڌ ۾ پ پ ۽ متحده جي ڪاميابي.



    عوامي آواز جون خبرون

    اسلام آباد (آن لائن+م ڊ +ع آ نيوز) سڄي ملڪ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ ٿي گذري، پنجاب مان ن ليگ ۽ سنڌ مان پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ف ليگ جو اڪيلو ميمبر امام الدين شوقين هارائي ويو. بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) پختونخواهه ميپ ۽ نيشنل پارٽي کي 3، 3 سيٽون مليون، ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ هارس ٽريڊنگ جي الزامن تي هنگامو، پولنگ ڪيترائي ڪلاڪ ملتوي،سينيٽ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا پنج ئي ميمبر رحمان ملڪ، سليم مانڊوي والا، انجنيئر گيانچند ، اسلام الدين شيخ ۽ لطيف انصاري سينيٽر چونڊجي ويا آهن. جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي امام الدين شوقين کي شڪست ملي. امام الدين شوقين صرف ٻارهن ووٽ حاصل ڪري سگھيو. سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جا ٻه ميمبر خوش بخت شجاعت ۽ ميان عتيق ڪامياب ٿي ويا. اسلام آباد جي ٻن سيٽن ۽ پنجاب جي 11 ئي سيٽن تي نواز ليگ جا سينيٽر ڪامياب ٿي ويا آهن. غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ جي اسلام آباد مان اميدوار اقبال ظفر جهڳڙا 211 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عورتن جي سيٽ تي نوازليگ جي اميدوار راحيلا مگسي 205 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي. اقبال ظفر جهڳڙا جي سامهون بيٺل پ پ اميدوار عمران اشرف کي 68 ووٽ مليا ۽ راحيلا مگسي سامهون بيٺل پيپلزپارٽي جي اميدوار نرگس فيض ملڪ رڳو 71 ووٽ حاصل ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ جنرل سيٽ تي ڪاسٽ ڪيل ووٽن مان 11 ۽ عورتن واري مخصوص سيٽ تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن مان 14 ووٽ رد ڪيا ويا. سينيٽر طور ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال ظفر جهڳڙا ۽ راحيلا مگسي چيو ته هو وزيراعظم نواز شريف جي اعتماد تي پورا لهندا. غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نوازليگ پنجاب مان سينيٽرز جون 11 ئي سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. پنجاب مان عورتن جي سيٽن تي نواز ليگ جي عائشه رضا فاروق ۽ بيگم نجمه حميد ڪاميابي ماڻي آهي. پنجاب ۾ سينيٽرز جي جنرل سيٽن تي نواز ليگ جي نهال هاشمي، سليم ضياءَ، چوڌري تنوير خان، مشاهدالله، پرويز رشيد، عبدالقيوم ۽ ڊاڪٽر غوث محمد ڪامياب ٿي ويا آهن، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن تي نواز ليگ جو راجا ظفر الحق ۽ پروفيسر ساجد مير ڪامياب ٿيا آهن. اسلام آباد جي ٻن سيٽن لاءِ 260 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پنجاب ۾ 338 ووٽن مان 335 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. جڏهن ته بلوچستان جي 12 خالي سينيٽ جي سيٽن تي پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي 3، مسلم ليگ (ن) 3، نيشنل پارٽِ 3، جي يو آءِ (ف) 1، بي اين پي مينگل ۽ آزاد اميدوار هڪ هڪ سيٽ ماڻي ورتي. تفصيل مطابق بلوچستان مان خالي ٿيندڙ سيٽن مان 7 جنرل سيٽن تي نيشنل پارٽي جي مير حاصل خان بزنجو، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو عثمان ڪاڪڙ، سردار اعظم موسيٰ خيل، مسلم ليگ (ن) جو نعمت الله زهري، بي اين پي مينگل جو جهانزيب جمال ديشي، جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري، ۽ آزاد اميدوار محمد يوسف باديني، ٽيڪنوڪريٽ تي نيشنل پارٽي جي ڪبير احمد، مسلم ليگ ن جو آغا شهباز دراني، عورتن جي 2 سيٽن تي پشتونخواه ميپ جي گل بشريٰ، مسلم ليگ (ن) جو ڪلثوم پروين جڏهن ته اقيلتي سيٽ تي نيشنل پارٽي جو اشوڪ ڪمار ڪامياب ٿي ويا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتطام ڪيا ويا هئا. اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي اسيمبلي ميمبرن سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري گارڊن جي اسيمبلي اندر وڃڻ تي پابندي هئي، جڏهن ته ميڊيا جي نمائندن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسميبلي ۾ هارس ٽريڊنگ جي الزام کانپوءِ هنگامو ٿي پيو جنهن سبب پولنگ جو عمل ساڍا 65 ڪلاڪ ملتوي ٿي ويو، بعد ۾ پولنگ جو وقت وڌايو ويو، پولنگ رات 8 وڳي تائين جاري رهي، 123 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جڏهن ته اسيمبلي ۾ پولنگ ۾ 14 ڪلاڪ لڳي ويا، 12 سيٽن لاءِ 25 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، اي اين پي جو حاجي عديل ۽ جي يو آءِ ف جو عطاءُ الرحمان به اميدوار هئا،رات دير سان ڪي پي ڪي جي نتيجن جو انتظار هو ،غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو اقليتي سيٽ تي جان ڪينٿ ڪامياب قرار ڏنو ويو، عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي ثمينه عابد، اي اين پي جي ستاره اياز ،ڪامياب ٿيون،ن ليگ جي شاهين حبيب الله کي 11 ووٽ مليا،کيس 5 پارٽي ميمبرن ووٽ نه ڏنا،

    ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ ۾ سينيٽ جي 7 سيٽن مان 5 پي پي ۽ 2 ايم ڪيو ايم کٽڻ ۾ ڪامياب ، ن ليگ جي 5 ميمبرن فنڪشنل ليگ جي ميمبر کي ووٽ ڏيڻ بدران پي پي پي جي سينيٽرن کي ووٽ ڏنو. ڪالھه سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي چونڊ لاءِ پولنگ صبح جو 9 وڳي کان 4 وڳي تائين ٿي جنهن ۾ پي پي پي طرفان پهريون ووٽ سينيئر وزير تعليم نٿار احمد کهڙي ۽ فنڪشنل ليگ طرفان حاجي خدا بخش راڄڙ وڌو ۽ آخري ووٽ پي پي پي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوالا وڌو، سنڌ ۾ 8 سينيٽرن چونڊن ۾ حصو ورتو ، جنهن ۾ پي پي پي جي 5 ، ايم ڪيو ايم جي 2 ۽ فنڪشنل ليگ جو هڪ سينيٽر شامل آهن ، سينيٽ جي چونڊن ۾ پي پي پي جي اسلام الدين شيخ 24 ،گيانچند ميگھواڙ 21،رحمان ملڪ 20 ، لطيف انصاري 20۽ سليم مانڊي والا21 ووٽ کنيا . جڏهن ته ا يم ڪيو ايم جي خوش بخت شجاعت 22۽ ميان عتيق 22 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ، فڪشنل ليگ جي اميدوار امام الدين شوقين کي 13 ووٽ مليا ، 5 ووٽ ن ليگ جي ميمبرن جا پي پي پي جي سينيٽرن کي مليا جنهن ۾ 3 ووٽ اسلام الدين شيخ ، هڪ ووٽ سليم مانڊي والا ۽ هڪ ووٽ انجنيئر گيان چند ميگھواڙ کي مليا ، جڏهن ته پي پي پي جي اميدوار رحمان ملڪ کي 7 ووٽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن طرفان ڏنا ويا. ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جي سيٽن تي پ پ جو فاروق نائيڪ ۽ سسئي پليجو، ايم ڪيو ايم جو بئريسٽر سيف، نگهت مرزا حنا اڳ ۾ ئي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

    اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چونڊ لاءِ مقرر پرزائيدنگ آفيسرجي درخواست تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ فاٽا جي چار سيٽن تي چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. صدارتي آرڊيننس ۾ ابهام جي ڪري پرزائيڊنگ آفيسر اليڪشن ڪميشن کان چونڊ عمل ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. خميس تي سينيٽ جي چونڊ ۾ قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ 11 ايم اين ايز کي چار سينيٽرن جي چونڊ ڪرڻي هئي ۽ ان لاءِ 36 اميدوار ميدان ۾ هئا. نئين صدارتي فرمان ۾ قومي اسيمبلي ۾ فاٽا ميمبرن کي چيو ويو آهي ته اهي سينيٽ اليڪشن ۾ ڳجهي راءِ شماري ذريعي پنهنجي پسند جي صرف هڪ سينيٽر جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. اهو شرط وفاق ۽ چئني صوبن جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ لاڳو نٿو ٿئي، جتي ميمبرن وٽ اهو آپشن هوندو آهي ته اهو پنهنجي پسند جي چارنالن جي چونڊ ڪري.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو