• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي عظيم تر مفاد خاطر هڪ تجويز:

پاڪستان ٺهڻ جي ڪجه ئي سالن کانپوءِ اسان سنڌي ماڻهن جي مرڪزي ليول تي انساني حقن جي لتاڙ، انساني ۽ قدرتي وصيلن جي ڦر لٽ، ۽ پاڪستان جي نانوَ تي سياسي، سماجي، اقتصادي، ۽ معاشرتي لڳاتار استحصال جاري آهي.

هيڏانهن وري صوبائي ليول تي اسانجا پنهنجا سياستدان، ڪامورا، وزير ۽ امير، مٿين ۽ هيٺين ليول تي اخلاقي، ۽ قانوني ليڪا لتاڙي اگهاڙي ڪرپشن جي ذريعي سنڌ کي ڪمزور پيا ڪن، ۽ سنڌي ماڻهن جو سياسي، سماجي، اقتصادي، ۽ معاشرتي استحصال نه صرف پاڻ پيا ڪن، پر سنڌ کي ڦرڻ ۽ تباه ڪرڻ ۾ ڌارين جا پڻ ساٿاري پيا ٿين. هنن صوبائي سياستدانن ۽ ڪامورن غير سنڌي اصتحصالي قوتن سان گڏجي سنڌ ۾ هڪ نئين ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ قائم ڪري ڇڏي آهي.

ٽئين پاسي قومپرست اڳواڻن ننڍڙين ننڍڙين ٽڪرين ۾ ورهائجي نه صرف پاڻکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌي عوام جو اعتماد به گهڻي ڀاڱي وڃائي ويٺا آهن. سنڌي قومپرستن لاءِ عام ماڻهن وٽ ڪو سٺو تاثر ڪون ٿو نظر اچي. ڪنهن به قومپرست جماعت وٽ تجربيڪار ۽ قابل ليڊرشپ جي کوٽ سان گڏ وٽن ڪا به حڪمت عملي نظر ڪان پئي اچي، سواءِ ٻن يا ٽن مهينن کانپوءِ پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ ڌرڻن يا وري هڙتالن جي. هڪ پائدار ۽ لڳاتار حڪمت عملي نه هجڻ سبب اهي وقتي هڙتالون ۽ ڌرڻا ڪو به ذڪر جوڳو نتيجو ظاهر ڪون ڪري سگهيا آهن.

سنڌ پنهنجي تاريخ جي تمام وڏي امتحان ۽ هڪ نازڪ موڙ تي پهتي آهي. اسان وٽ ٻه رستا آهن. هڪ، خاموش ٿي ويهون ۽ تمام تيزيءَ سان سنڌ کي پنهنجن ۽ ڌارين جي هٿان ڇيڇاڙي ڇيڇاڙي برباد ٿيندي ڏسون، يا وري هڪ قومي حڪمت عملي ۽ پاليسي تيار ڪيون جيڪا ايندڙ نسلن ۽ قيادت لاءِ روشنيءَ جو منارو بڻجي اونداهي رات ۾ رستا روشن ڪري سگهي. ياد رکڻ گهرجي ته هيءَ قومي حڪمت عملي غير سياسي ۽ غير مذهبي ضرور هجي.

پوءِ ڀلا اها قومي حڪمت عملي يا جيڪو به کڻي نالو ڏيوس ڪير ٺاهيندو؟ سياستدان، ڪامريڊ، دانشور، اديب، شاعر، ٽيڪنوڪرئٽ، يا ڪو ٻيو طبقو؟ جيڪڏهن انهن طبقن مان ڪو کڙ تيل نڪري سگهي ها ته سنڌ هن صورتحال ۾ نه هجي ها.

منهنجي تجويز آهي ته هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا هڪ ”سنڌي ٿنڪ ٽئنڪ“ جو ڪردار ادا ڪري. اها ڪاميٽي گهٽ ۾ گهٽ 20 ميمبرن تي ٻڌل هجي، ۽ ڪاميٽيءَ جا ميمبر سنڌ سان گڏوگڏ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي سگهن ٿا. اها مستقل ڪاميٽي هجڻ گهرجي، ۽ انجي جوڙجڪ غيرجمهوري ۽ ڪارپوريٽ نظام واري هجي. ڪاميٽي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ هر مهيني ڪاميٽي ميمبرن تي چندي جي ذميواري رکي. ڪاميٽيءَ جو هڪ عارضي ڪنوينر ۽ عارضي سيڪريٽري هجي جيڪي ٻين ميمبرن جي مدد سان ڪاميٽيءَ جو منشور تيار ڪري هڪ انتظامي ڍانچو ٺاهين. انکانپوءِ ڪاميٽي آزاد آهي ته اها پنهنجو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ پنهنجا قائدا ۽ قانون استعمال ڪري.

منهنجي اها به تجويز آهي ته هن ڪاميٽيءَ کي ”فيسبڪ“يا سنڌسلامت وارا دوست چونڊين، ۽ اهڙن نالن کان پاسو ڪن جيڪي هر پلئٽ فارم ۽ هر پارٽيءَ جي اسٽيج تي هوندا آهن. مونکي اميد آهي ته سنڌ جي عظيم تر مفاد خاطر دوست پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجه گهڙيون قربان ڪري هن تجويز تي نه صرف سوچيندا، پر اڳتي قدم به کڻندا. مهرباني.
 
Back
Top