عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
اباڻن کي ساري روئن ٿيون منهنجيون اکڙيون
آهن قيد قضا جي ته ڪڙيون.
ڪڍ عمر !ڪوٽ مان مارن ڏي وڃان مان
جهانگين جا جهوپڙا وڃي پسان مان
ڏين مبارڪ توکي اديون ۽ امڙيون.
ملير جي مٽي مونکي پياري
جتي ساري عُمِر مون آ گذاري
وڃي گهاريان مارن سان گهڙيون.
مارو مال چارين منجھ ڀٽن تي
چڻين پيرون منجھ پَٽن تي
موهين ٿيون مونکي مال جون چڙيون.
ڏي عمر موڪل مارن سان ملِانمان
وڃي سرتين سهيلين سان خوش ٿي کِلان مان
ملن پاڻ ۾ وڇڙيل دلڙيون.
آھيان مارن جي وينديس مارن ڏي
“ڪُل شَيءِِ يَرۡجِعُ الٰي اصلهٖ“ عمر موڪل ڏي
عبدالعزيز چوي عُمر ڏي نه مَتڙيون.
آهن قيد قضا جي ته ڪڙيون.
ڪڍ عمر !ڪوٽ مان مارن ڏي وڃان مان
جهانگين جا جهوپڙا وڃي پسان مان
ڏين مبارڪ توکي اديون ۽ امڙيون.
ملير جي مٽي مونکي پياري
جتي ساري عُمِر مون آ گذاري
وڃي گهاريان مارن سان گهڙيون.
مارو مال چارين منجھ ڀٽن تي
چڻين پيرون منجھ پَٽن تي
موهين ٿيون مونکي مال جون چڙيون.
ڏي عمر موڪل مارن سان ملِانمان
وڃي سرتين سهيلين سان خوش ٿي کِلان مان
ملن پاڻ ۾ وڇڙيل دلڙيون.
آھيان مارن جي وينديس مارن ڏي
“ڪُل شَيءِِ يَرۡجِعُ الٰي اصلهٖ“ عمر موڪل ڏي
عبدالعزيز چوي عُمر ڏي نه مَتڙيون.