• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهڻو ويهڻ ڇو نقصان ڪار آهي...؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سياڻا سچ چئي ويا آهن ته “حرڪت ۾ برڪت” .. پر اسان اڪثر وڏن جي چيل ڳالهين کي ته نظرانداز ڪندا ئي آهيون پر پنهنجي صحت جي خيال رکڻ ۾ به سنڌين جي روايتي سستي جو مظاهرو ڪندا آهيون...
مون سميت اسان مان گهڻا ته پنهنجي پروفيشنل مجبورين ڪري هر وقت ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي ڪافي دير تائين هڪ ئي پوزيشن ۾ ويهي ڪم ڪندا رهندا آهن.. پر جيڪي وڌيڪ موويز ڏسڻ جا شوقين آهن سي به ٻه ٻه ڪلاڪ هڪ ئي هنڌ هڪ ئي پوزيشن ۾ لڳاتار ويهي موويز ڏسڻ جو لطف وٺندا آهن... کين اها ڄاڻ بلڪل به ناهي هوندي ته بي خيالي ۾ هو پنهنجي صحت کي ڪيترو نقصان ڏئي رهيا آهن...
هتي دوستن کي سمجهائڻ خاطر هڪ وڊيو حاضر آهي.. جنهن ۾ اسان جي جسم جي بڻاوٽ ۽ ان کي هر وقت حرڪت ۾ رکڻ جا فائدا ٻڌائڻ سان گڏو گڏ گهڻو هڪ ئي پوزيشن ۾ ويهڻ جي نقصانن کي سولي طريقي سان سمجهايو ويو آهي... دوستن کي معلومات مان فائدو وٺي ضروري ڳالهين کي نوٽ ڪندي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي...

 
Back
Top