وٺجانس : انيس انصاري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    وٺجانس

    انيس انصاري

    شهر جي گوڙ گھمسان کان بچڻ لاءِ مون اهو هنڌ هٿ ڪيو هو. شهر کان ميل ڏيڍ پري، ناري جي ڪپ تي، هڪ وڏي بڙ جي ڇانوري هيٺان.
    آفيس پوري ڪري، ماني کائي، ڪجھه آرام ڪري، ٽپهري جي نماز پڙهي اڪثر پيڊل سائيڪل تي سوار ٿي پهچندو هيس اتي، ڪافي ذهني سڪون ميسر ٿيندو هو ان جاءِ تي.
    ناري ۽ بڙ جي وچان هڪ ڪچو رستو سونهري ڳوٺ کان شهر ڏانهن ويندو هو، جنهن تان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پيو لنگھندو هو نه ته سندن اچ وڃ گھڻو ڪري وڏي سڙڪ سان هوندو هئي جا گھڻن ڳوٺن کي شهر سان ڳنڍيندي هئي. اها سڙڪ ناري جي ٻئي ڪناري کان سڏ پنڌ تي هوندي هئي. ان سڪون بخش جاءِ هٿ ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن کان سائيڪل جي ڪيريئر ۾ هڪ پراڻي فراسي ڦاسائي اچي ويهندو هيس بڙ هيٺان. ڪڏهن قدرت جو مطالعو ڪندو هيس ڪڏهن ڪتاب جو.
    کليل فضا، پکين جي چهڪار، ڪچي سڙڪ جي ٻنهي ڪنارن تي گھاٽا ۽ ساوا وڻ، هلڪي هوا تي بڙ جي ٿلهن پنن جي سرسراهٽ، ماحول ۾ هڪ خوشگوار ڪيفيت پيدا ڪندا هئا.
    هڪ ڏينهن هوا ڪجھه تيز هئي. ناري جي ڪناري اڀريل سر جھومي رهيا هئا. ناري جي سطح تي هلڪيون هلڪيون لهرون اڀري رهيون هيون. مان فراسي اتان کڻي وڃي پاڻيءَ جي ڪنڌيءَ تي وڇائي. ناري جي سطح تي هوا ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ ٿورو دور وڃي ختم ٿيندڙ لهرون ڏسي رهيو هيس ته اوچتو هڪ وڏي مڇي ٽپو ڏئي وري پاڻيءَ ۾ چڀڪو ڪري وڃي ڪري.
    ٻئي ڏينهن کجيءَ جي پُوٽن مان بنايل ڇٻيءَ ۾ مڇيءَ لاءِ چارو ۽ پلاسٽڪ جي مضبوط ڏور ۾ ٻڌل ڪنڍي وجھي ان کي سائيڪل جي هينڊل ۾ اٽڪائي اچي پهتس بڙ هيٺان. سائيڪل کي اتي بيهاري ڪُلف هڻي فراسي وڇايم ، اچي ناري جي ڪنڌيءَ تي ڪنڍيءَ ۾ تيار ڪيل اٽو اٽڪائي اڇليم پاڻيءَ ۾. پنج منٽ به نه گذريا هوندا ته ڏور سر سر ڪري کُلڻ لڳي. مون هلڪو هٿ سوريو ته هڪ چڱو وڏو ڏنڀرو ٽپ کائي پاڻيءَ مان اڀريو ۽ ڪلٽي کائي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. منجھنس ڪنڍي اٽڪيل هئي. هو شنگرفي رنگ جو خوبصورت داڻو هيو. مڇي جو شڪار هاڻي منهن جي روز جي تفريحن ۾ شامل ٿي چڪو هيو. البت مڇي ڪڏهن ملندي هئي ته ڪڏهن نه.
    هڪ شام ناري جي ڪناري ڏور ۾ نظرون کپائي ويٺو هيم ته پيرن جي سرسراهٽ ٻڌم. ڏٺم ته ميري گوڏ ۽ ڦاٽل قميص ۾ پيرين اگھاڙو هڪ چوويهن پنجويهن ورهين جو درويش بيٺل نظر آيو. سندس منهن ۾ اهڙي ڪا مڻيا هئي جو مان اتي ملڻ لاءِ ڏانهنس هٿ وڌايو. هُن هٿ ته ڪين ملايو رهندو پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪري چئي رهيو هو ”مڇي مڇي“. مان ٽپ ڏئي وڃي ڏور ۾ هٿ وجھي ڇڪ ڏنم. احساس ٿيو ته هڪ چڱي وزنائتي مڇي ڏور ۾ ڦاٿل هئي.
    آهستي آهستي ڏور ڇڪيندو ۽ ڍر ڏيندو مڇيءَ کي اچي ڪناري لاتم. ويجھو ڪري کٻو هٿ ان جي ڪلين ۾ ڦاسائي رکيو مانس اچي ڪنڌيءَ تي.
    درويش ٽهڪ ڏئي رڙ ڪري چيو ”ڦاٿي! ڪيئن نه ڦاسندي؟ چوڳو جو ڏٺائين“
    مان مڇيءَ کي ڪنڍيءَ مان آزاد ڪري ٻنهي هٿن ۾ کڻي درويش جي سامهون وڃي بيٺس. چيومانس
    “بابا! مڇي نذر آهي، کڻي وڃو”
    “مان ڇا ڪندس” پري منهن ڪري رُکي آواز ۾ درويش چيو. مان مڇي، ڇٻيءَ ۾ رکي ڪنڍيءَ ۾ نئون اٽو وجھي ڪيم پاڻيءَ جي حوالي.
    درويش چيو ڇٻيءَ مان مڇي ڪڍي ناري جي ڪناري اڀريل ڇٻر تي رکي مٿس هٿ گھمائيندي ان ۾ گھوريندي پڇيو“ڪهڙي مڇي آهي؟”
    چيومانس “ڏاهي”
    چيائين(نظرون اڃا هيٺ هيس) “ڪيئن ٿو چوين؟”
    چيومانس“مڇيءَ جي هيٺين چپ جي ٻنهي طرفن مُڇن وانگر ڳلڦڙا آهن اهي ان مڇيءَ کي ٿيندا آهن. ان کانسواءِ...”
    اکيون مون ۾ کپائيندي، ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيائين “ڪهڙي مڇي ٻڌائيه؟”
    “ڏاهي” مون جواب ڏنو.
    چيائين “ڏاهي هجي ته ڪيئن ڦاسي ها؟”
    چيومانس“ڦاسندا ئي ڏاها آهن”
    درويش کان دانهن نڪري وئي “ڦاسندا ئي ڏاها آهن”
    وڏي آواز سان ورجائيندو ڳوٺ طرف وٺي ڊوڙ ڀريائين. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس.
    ڪجهه ڏينهن درويش اتي آيو ئي ڪين. هڪ ڏينهن ڏور وجھي ويچارن ۾ ويٺو هيس ته سندس پيرن جي سرسراهٽ محسوس ٿي. ڪنڌ ورائي جو ڏسان ته هو اتي بيٺو هو. مون هٿ جي اشاري سان کيس سلام ڪيو. هن جواب ئي نه ڏنو. ٻه ٽي منٽ به نه گذريا هئا ته ڏور لڏڻ لڳي. هن دفعي مڇي ڪافي وڏي هئي. ٻاهر ڪڍيم ته ڦٿڪي رهي هئي.
    پڇيائين “ڦٿڪي ڇو ٿي؟”
    چيومانس “ڦاٿي جو آهي”
    درويش جي اکين ۾ وحشت اڀري آئي. رڙ ڪري چيائن“ ڦاسڻ بعد ڦٿڪڻ ڪهڙو؟” وڏي آواز ۾ اهي لفظ دهرائيندوڳوٺ طرف ڀڄڻ لڳو.
    ڪافي ڏينهن تائين درويش نظر ڪين آيو. دل چاهيو پئي ته سندس پيرن جي سرسراهٽ ٻڌي پٺتي نهاريان ته هو اتي بيٺل نظر اچي.
    ڏينهن گذرندا ويا. ناري جي پاڻيءَ جي اولڙي اکين تي برو اثر ڪيو. ان ڪري مڇي مارڻ ڇڏي ڏنم. البت بڙ سان ساڳي ياري برقرار رهي. پر ڪيستائين؟ ماحول جي يڪسانيت هاڻي بور ڪرڻ لڳي.
    موڪل جو ڏينهن هيو. اڄ گھر مان ڪجھه سويرو نڪتم. ٿڌڙي هير پئي گھُلي. آسمان ۾ هلڪا ڪڪر موجود هئا. ان ڏينهن دستوري هنڌ (بڙ هيٺيان) ڊاٻو ڪين ڪيم. ناري جي ڪڙ وٺي هلندو رهيم. پاءُ ميل کن هليو هوندم ته سڄي طرف کان ڪجھه آواز ٻڌم. ڏٺم ته ڪمند جو فصل بيٺل هو. هڪ هنڌ چيچڙو کتل هو جنهن ۾ ڪمند پيڙجي رهيو هو. ڪجھه پريان ڳُڙ ٺاهڻ جو سامان پيل هو. چيچڙي ڀرسان هڪ ڇن ٺهيل هئي. مان سائيڪل ان طرف لاڙي. چيچڙي وٽ پهتم ته ڪم ڪندڙ اچي مليا. چيچڙي ۽ زمين جي مالڪ شاهن (شاهه محمد) هٿ کان وٺي ڇن ۾ وڃي رلهي تي ويهاريو. حال احوال ڏيندي وٺندي ٻڌايومانس ته موسم چڱي هئي تفريح خاطر هن طرف نڪري آيس. ايتري ۾ ڪم ڪندڙن هڪ اليومينم جو گلاس ڪمند جي رس سان ڀريل اچي منهنجي هٿ ۾ ڏنو. ڪمند جي رس مون اڳ ڪانه پيتي هئي. ان جي مخصوص بوءِ، هلڪي ساواڻ ۽ گلاس جي مٿاڇري تي گجيءَ کي ڏسي دل نه ٿي چاهيو ته پيئان. پر سڪ مان آندل چيز ايئن واپس ڪرڻ سٺي نه پئي لڳي. ان لاءِ خيال ڪيم ته ٻه ٽي ڍڪ ڀري وڌيڪ نه پيئڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندم. پر انهن ٻن ٽن ڍڪن ئي اهڙو مزو ڏنو جو سڄو گلاس خيم ڪيم. اٿڻ وقت چيچڙي جي مالڪ چيو “ سائين سڀاڻي ضرور اچجو”
    “سڀاڻي ته نه البت ايندڙ آچر تي هن وقت ايندس” مون وراڻيو.
    واعدي مطابق آچر ڏينهن چيچڙي تي پهتم. شاهن ان ڏينهن بازار مان ٻه ڪينو گھرايا هيا. ان کان سواءِ هڪ پلاسٽڪ جو جڳ ۽ شيشي جو گلاس به گھران آندو هئائين. چونڊي چونڊي ڪمند جون سٺيون ڇڙيون جدا ڪيائين. ڪينوءَ کي چئن ڦاڪن ۾ ورهائي انهن جي رس به ڪمند جي رس سان چيچڙي مان ڪڍي جڳ ۾ وجھي ٿوري برف ملائي اچي رکيائين اڳيان. رڳو هڪ گلاس پي سگھيس. ڏاڍي لذيذ هئي اڄ ڪمند ۽ ڪينوءَ جي گڏيل رس.
    ٻه آچر شاهن وٽ ڪو نه ويم.
    صبح جو آذان بعد گھران وضو ساري در کوليم ته اتي گيڙو لٽا پهريل هڪ ماڻهو بيٺل ڏٺم. قد جو پورو پنو، منهن تي شرعي ڏاڙهي، هٿ ۾ لٺ ۽ کٻي ڪلهي تي ٿيلهو لٽڪيل هيس. سوره مزمل جي تلاوت ڪري رهيو هو مون سمجھيو ته گھُرجائو آهي. کيسي مان پنجن جو نوٽ ڪڍي ڏانهنس وڌايم. ڪنڌ ڌوڻي انڪاري ڪيائين. چوڻ لڳو“مان ڏيڻ آيو آهيان وٺندين؟” وٺندين ڪجھه اهڙي انداز سان چيائين جو مون کي نه وڻيو. چيومانس“ڏيڻو ته الائي ڇا اٿي. جيڪڏهن دوا وغيره ڏيڻي اٿي ته اها مان ڪانه وٺندس. فجر جي نماز ٿي قضا ٿئي.” ان کي اتي بيٺل ڇڏي مان مسجد ڏي راهي ٿيس.
    ٽين آچر تي چيچڙي تي پهتس ته فصل ڪٽجي چڪو هو. ڳڙ جو ٻوريون مارڪيٽ ۾ وڃڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. شاهن ڪمند جي رس جي بدران اڄ ڏڌ جو جھارو پياريو. ڳالهيون پئي ڪيون سين ته شاهن جي نگاهه ڪنهن ايندڙ شخص تي وڃِي پئي. ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ڪنهن کي چوڻ لڳو “سائين! مس مس ٿا اچو؟”
    مون ڪنڌ ورائي ڏٺو. سامهون ڄاتل سڃاتل درويش پئي آيو. اٿي بيٺم.
    مون کي ڏسڻ سان چيائين“ ڏيڻ آيو هيئه. وٺينس ها. ان ڏاهپ ۾ تنهنجو به ونڊ آهي نه!”
    منهن جي زبان مان نڪري ويو“پر درويش ڏاها ئي ته ڏک ڏسندا آهن”
    درويش سارو ڏڪڻ لڳو. دانهن ڪري چيائين
    الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن”
    ايئن چوندو تڪڙو تڪڙو ڳوٺ طرف وڃڻ لڳو.
    ان درويش لاءِ شاهن ٻڌايو ته سونهري ڳوٺ جي وڏيري محمد مراد جو پٽ محمد طالب آهي. ڏاڍو سٺو ۽ عبادت گذار هيو. الائي ڇا ٿيس. ڪي چون ٿا ته چِلو پچايائين. ڪامياب نه ٿيو. ٻيا چون ٿا ته ڪو جلالي وظيفو پئي پڙهيائين پاڻ جھلي نه سگھيو. ڪي وري ان خيال جا آهن ته محبت جي ڪا مجازي ميخ لڳل اٿس. ڳالهه ته الائي ڇا آهي؟ ڪنهن سان ڳالهائيندو ٻولهائيندو ڪين آهي. تو الائي ڇا چيس، رڙيون ڪندو هليو ويو. ماڻهو کيس مجذوب سڏيندا آهن.
    منهن جي ڪنن ۾ مجذوب جو آواز گونجڻ لڳو “ ڏيڻ آيو هيئه. وٺينس ها.” وڌيڪ ڪين ويٺس سائيڪل تي چڙهي واپس وريم.
    مردم بيزار آهيان. دعوت نامي هوندي به ميٽنگن، ڪانفرنسن، سيمينارن وغيره ۾ شريڪ نه ٿيندو آهيان. ميلن ملاکڙن جو ته سوال ئي نه ٿو اٿي. هن دفعي الائي ڪيئن جمن فقير جي ميلي ڏسڻ جو چاهه پيدا ٿيو گھڻو پاڻ روڪيم پر آخر وڃڻ جو پڪو پهه ٿي ويو. گاڏيون به سهولت واريون هيون. صبح جي گاڏي اٺين وڳي پئي ڇٽي جا جمن فقير هالٽ تي ساڍي اٺين وڳي پهچڻي هئي. شام جو ڇهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ واپس ورڻو هو.
    ٽڪيٽ وٺي پليٽ فارم تي چڙهيم ته گاڏي به اچي بيٺي. ميلي جي رش لڳي پئي هئي پر فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويهڻ جي سيٽ ملي ويئي. پهرين سيٽي گارڊ وڄائي ته مون گوڏ ۽ قميص ۾ مجذوب کي ڊوڙندو اسٽيشن ڏانهن ايندي ڏٺو. ٻي سيٽي وڄڻ سان گاڏي چرڻ لڳي ته مجذوب پليٽ فارم جي پوئين ڇيڙي تي پهچي چڪو هو. ماڻهن رڙيون ڪري چيس “چڙهي پئو، چڙهي پئو”. پر هو ڊوڙندو پهرين گاڏي ڏانهن اچڻ لڳو. مون واري بوگيءَ وٽ پهچي ڊوڙندي ۽ سهڪندي چيائني “وٺجانس”
    گاڏي تيز ٿي وئي. مجذوب پليٽ فارم تي بيٺو رهيو.
    پهريون ڏينهن هو. ميلو اڃا ڀريو ڪونه هو. ميلو ڀربو آهي وچين ڏينهن تي. پهريون ۽ پويون ته اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ هوندو آهي.
    جمن فقير جي مزار ڀرسان ڪچين ڀتين ۽ گاري جي لٿل پترن جي ڇت سان ٻه مسافر خانه ٺهيل هئا. انهن جي لاڳيتو مجاورن ٽي دڪان ٺهرايا هئا جي ميلي وقت مسواڙ تي ڏيندا هئا. انهن دڪانن جي ڀرسان ڪي کجي جي ڇڙين ۽ ڪکن ڪانن مان ۽ ڪي پردا ۽ چادرون تاڻي ڪم ڪاڍو دڪان بنايا ويا هئا. ميلي جي ان بازار ۾ ٻه نانوائي، ٻه حلوائي، هڪ پان ٻيڙين واري جا دڪان هئا. باقي ٻين ۾ مالوندن جو سامان موجود هئو. جن ۾ ڌڏ ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻيون، ڏاندن جون ڳانيون، رسا، ونگ، جھلون، چڙا ۽ چڙيون پئي وڪاميون ۽ ڪن ۾ عورتن جي سينگار جو سامان آئينا، سرمي دانيون، ڪجل، مساڳ، سرخيون، سُٽ مان ٺهيل سڳيون ۽ ٻيو سامان. بازار مختصر هئي. اها پوري ڪري ڏٺم ته هڪڙي هنڌ ماڻهن جو ميڙ بيٺل هيو. هيٺ پئي ڏٺائون. ويجھو ويم ته مزمل پڙهندڙ صوفي هيٺ ويٺل ڏٺم. ان جي اڳيان اڇي ڪپڙي تي چانديءَ جون منڊيون، ڪجھه مڻيا ۽ جدا جدا قسمن جا پٿر پيل هئا، جن ۾ سنگ ستاره، يشب، در نجف، فيروزه ۽ عقيق پڻ هيا. ماڻهو انهن منڊين ۽ ٻڙن کي ڏسي رهيا هئا. صوفيءَ جي نظر مون تي پئي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ اڀري آيس.
    هڪ ماڻهو هٿ ۾ منڊي کڻي ان جي ٻڙي کي اک جي سامهون جھلي اسان ڏي ڏٺو. چڱي طرح ڏسڻ بعد ان جي قيمت پڇيائين.
    صوفيءَ چيس“پنج سو رپيا”
    ماڻهو چيو“ ميان! هي هيرو ته ناهي، جو ايڏا پيسا ٿو ٻڌين. عقيق يماني آهي، سو به عيب دار”
    صوفيءَ وراڻيو “بي عيب ته هڪ خدا جي ذات آهي”
    ”پنجويهه رپيا ڏيندوسانءِ، منڊي ڏي”
    “پنج سو رپيا”
    “ڀلا پنجاهه وٺ”
    “پنج سو رپيا”
    تنهن جي معني ته منڊي ڏيڻي ڪان اٿي. ويندي ويندي دوست کي چيائين پيسا هجن ها ته منڊي وٺان ها.
    ماڻهو آهستي آهستي وڃڻ لڳا. مان به وڃڻ جي پئي ڪئي ته صوفي هٿ جي اشاري سان روڪيو ۽ هيٺ ويهڻ لاءِ چيو. مان اوڪڙون ويهي رهيس،. منڊي هٿ ۾ ڏيندي پڇيائين” وٺندين؟” مان انڪار ڪرڻ تي هيس ته هڪ زوردار آواز ٻڌم “وٺجانس” آواز مجذوب جو هو. پٺتي نهياريم ته اتي ڪو به ڪو نه هو.
    صوفي مرڪي رهيو هو.
    چيومانس“مون وٽ ايترا پيسا ڪو نه آهن”
    چيائين“مفت ۾ مان به نه ڏيندوسانءِ، پنج پيسا ڏي، منڊي کڻ”
    “پيسا آهن ڪٿي؟ سال ٿيا آه ته اکين ڏٺا ئي ڪين آهن”
    “ڀلا پنج آنا ڏي”
    ۾ آنا يا سڪا ميوايم ۾ هجن ته هجن باقي گھرن ۾ ته ڪو نه هوندا”
    چيائين“پنج رپيا ته هوندءِ؟”
    منهن جو هٿ ازخود ڪوٽ ڏانهن ڱڄي ويو. کيسي مان پنج رپيا ڪڍي سندس هٿ تي رکيم. صوفي منهن جو سڄو هٿ وٺي ٻاچ ۾ منڊي پارائي. منڊي پائڻ سان منهن جي ذهني ڪيفيت ٻي ٿي وئي. ايئن پئي سمجھيم ته مان اهو نه آهيان، جيڪو نظر اچان ٿو. هي منهن جو جسم ڪين آهي. هي ته ڪنهن ٻئي جو بوتو آهي. چوڌاري جو ڪجھه ڏسي رهيو هيس سو حقيقي نه هو. پر ٽيليويزن وانگي اولڙو هيو.
    صوفيءَ جو آواز اڀري آيو. چيائين” ڊڄجانءِ ڪين. وسڙهه ٿيئي ته يا حي يا قيوم جو ورد ڪجانءِ. ٿي سگھئي ته هر نماز بعد نه ته به رات جو سمهڻ وقت آيته الڪرسي پڙهي پاڻ تي دم ڪجانءِ. سهي نه سگھين ته منڊي ضايع نه ڪجانءِ. وٺڻ وارو توکان پاڻ ئي اچي وٺندو. (آواز ۾ شدت آڻي) هاڻي وڃ”
    ٻئي ڏينهن تي اخبارن مان معلوم ٿيو ته جمن فقير جي ميلي تي هڪ منڊين ۽ پٿرن وڪڻڻ واري جو لاش مسافرخاني مان هٿ آيو. جنهن جي جسم تي تشدد جو ڪو به نشان ڪو نه هيو. ڊاڪٽرن جو به اهو رايو هيو ته موت طبعي هو. وٽائنس منڊين، موتين، پٿرن کان سواءِ پنج رپيا به هٿ آيا.
    مون تي عجيب وارداتون پيش اچڻ لڳيون. ڏينهن ته خير رات مون لاءِ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندي هئي. بقول حافظ شيرازي
    چه شور است اين که سر سردار م امشب
    طبيعت پريشان رهڻ لڳي. هر طرف ڪوڙ ۽ دولاب ڏٺم. هر هڪ پنهنجي لاءِ هيو. واسطا ۽ رشتا سطحي هيا. انهن ۾ پهريائين پنهنجي ڀلي لاءِ ۽ پوءِ ٻين لاءِ پئي سوچيو ويو.
    هيچ رحمي نه برادر به برادر دارد
    هيڇ شفقت نه پدر را به پسر مي بنيم
    منهن جي ڪنهن به چيز ۾ دلچسپي ڪانه رهي. نماز مان سرور نه پئي آيو. فرض جي دائگي طور ان کي پئي پڙهيم. قرآن سان دل لڳڻ لڳي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو پڙهندو هيس.
    قبض جي حالت ۾ ذري گھٽ ديوانگي طاري ٿي ويندي هئي. دل چاهيندي هئي ته گھرو سامان ڀڃي ڪپڙا ڦاڙي جھنگ نڪري وڃان ۽ اتي دانهون ڪوڪون ڪريان.
    بسط جي حالت ۾ ذهن کلي پوندو هو. دل خوشيءَ سان ڀرجي ويندي هئي. دل چاهيندي هئي ته ديوانه وار رقص ڪيان.
    ڪنهن ڪنهن وقت سڪر جي حالت ۾ سب ڪجھه نرالو نظر ايندو هو. دستوري ستن رنگن کان وڌيڪ ۽ سهڻا رنگ فضا ۾ پکڙيل نظر ايندا هئا. ڪن نظر نه ايندڙ هستين کي پنهنجو ويجھو محسوس ڪندو هيس جن جا نقرئي آواز ڪنن کي ڀلا لڳندا هئا. ڪي اهڙيون قلبي وارداتون پيش آيون. ڪن چيزن جا حقيقي راز کليا جن جو ذڪر ڪرڻ نامناسب ۽ ناموافق ٿو سمجھان.
    القباض ۽ انبساط جي حالتن مان گذرندو رهيس.
    مائٽ مٽ، دوست احباب، آفيس جا ساٿي ۽ آفيسر منهنجي ڦرندڙ گھرندڙ موڊ مان واقف ٿي چڪا هئا. دلي طور مون سان همدردي پئي ڪيائون. مان پاڻ تي ضبط رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    ان دوران مون نماز ڇڏي ڏني. البت تلاوت روزانو ڪندو هيس. نماز ڇڏي ڪجھه عرصو ٿيو ته هڪ رات خواب ۾ صوفي نظر آيو. چيائين“ڏاڍو ڪم ظرف آهين. نماز نه ڇڏ، بڇڙو ٿيندين، وظيفو جيڪو ڏسيو هيومانءِ سو پڙهندو رهه”
    اک کلي ته الله اڪبر جو آواز ڪن تي پيو. وضو ڪري وڃِي نماز ۾ بيٺم.
    هڪ ڏينهن حالت غير ٿي وئي. رڙيون ڪرڻ، ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ سر کي ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳم. ڊاڪٽر گھرايو ويو جنهن مون کي زوريءَ انجيڪشنون هنيون.
    اهو محسوس ڪيم ته اهو سڀ ڪجھه منڊيءَ جي ڪري ٿي رهيو آهي. ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪيم. ٻئي ڏينهن تي سائيڪل تي سوار ٿي بڙ ڏانهن ويندڙ رستو کڻي ورتم. ان ڏينهن مون تي وحشت سوار هئي. ڏٺم ته دڳ تي عجيب چهرن جا ماڻهو، جانور ۽ بلائون منهنجو رستو روڪين ٿا. وظيفو پڙهندو جڏهن انهن جي ويجھو پئي ويم ته هو پاسي ٿي پئي ويا. آخر بڙ وٽ پهچي ويم. ڏٺم ته بڙ به هڪ ديو جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ان جون ڏاڙهوين متعدد ٻانهن ۾ بدلجي ويون آهن جي مون ڏانهن وڌائي رهيو آهي. مان منڊي لاهي ناري جي ڪناري پهچي ان کي اڇلڻ وارو هيم ته ڄاتل سڃاتل پيرن جي سرسراهٽ سان گڏ آواز ڪن تي پيو “متان”
    پٺيان مجذوب بيٺو هو. منهن جو هٿ اتي رڪجي ويو ۽ مان وڃي مجذوب جي ڀاڪر ۾ پيس. سيني سان لڳائي زور ڏئي آهستي ڪن ۾ چيائين“بس گُجي به ايتري اٿي. مڙس تي ڪيڏو آهين”
    مون ڏانهنس منڊي وڌائي. ان چيو “ائين نه” ڦاٽل قميص جي کيسي مان پنجن رپين جو نوٽ ڪڍي منهن جي هٿ تي رکيائين. مان کيس منڊي ڏني ۽ صوفيءَ جو ڏسيل ذڪر ٻڌايم.
    هفتو کن بيمار رهيس. جمع ڏينهن وهنجي سهنجي صاف لٽا ڪري سائيڪل تي چڙهي بڙ وارو رستو ورتم. اڄ ڪنهن به منهنجو رستو نه روڪيو. بڙ به پنهنجي اصلي صورت ۾ نظر آيو. مان اتي ڪو نه رڪيس. سائيڪل کي اڳتي وڌايم. چيچڙو وري چالو ٿيو هو. اتي ئي ويٺا هياسين ته آذان جو آواز ڪن تي پيو اٿڻ تي هيس ته شاهن ٻانهن ۾ هٿ وجھي روڪيو چيائين“جمع نماز اڄ سونهريءَ ۾ پڙهنداسين”
    جماعت تيار هئي. اقامت پڙهي پئي وئي ته پيش امام سفيد لٽن ۽ سفيد چادر ۾ اچي مصلي تي بيٺو. فاتحه سا گڏ اڄ هن سوره مزمل جي تلاوت ڪئي. سرور اچي ويو.
    نماز بعد پيش امام جماعت ڏانهن منهن ڪري دعا لاءِ هٿ کنيا ته سندس ساڄي هٿ جي ٻاچ ۾ ڄاتل سڃاتل منڊي هئي.
    نماز مجذوب سالڪ پڙهائي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو