• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jb0jdGEizDb8ui.jpg


گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون
هَڻَي حَاڪِمَنِ کَي، زَورَ ڀَرِيُون زَبَرُون
ڪَاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسَو پَرَڏَيهِيُنِ جُون


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

گُجَرِ = گجر ذات واري مومل_ گجر قوم جا ماڻهو 6 صدي عيسويءَ ڌاري وچ ايشيا مان لڏي هندستان آيا. اُتي پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون.
گَجَمَيلَ = شهر جو نالو_ جتان جون رُڪَ ۽ فولاد جون ڪهاڙيون مشهور هيون.
تَارَنِ = اکين ۾، ماڻڪين ۾
تَبَرُون = ڪهاڙيون
حَاڪِمَنِ = حڪمرانن، وڏن ماڻهن، راجائن
زَورَ = زور سان، زبردستيءَ سان
زَبَرُون = ضربون، ڌَڪَ، زخم، گهاءَ
ڪَاڪِ = راجستان جي نَيئِن، نديءَ جو نالو _ ڪاڪ ندي يا نيئن لڊاڻي ٽڪر تان هڪ چشمي مان مُنهُن ڪڍي ٿي. اُتي هڪ مشهور جوڳي ڪاگ يا ڪاڪ نالي رهندو هو، جنهن تان انهيءَ نديءَ جو نالو ڪاڪ مشهور ٿيو.
ڪَنڌِيءَ = ڪناري، ڪپ تي
پَسَو = ڏِسَو
پَرَڏَيهِيُنِ = پرديسين

بيت جو پس منظر

~ مومل جي اکين ۾، ماڻڪين ۾ ڄڻ ڪي رُڪَ جون، فولاد جون ڪهاڙيونرکيل آهن.
~ هوءَ انهن اکين سان حاڪمن تي زوردار حملا ٿي ڪري.
~ ڪاڪ ڪنڌيءَ تي جي قبرون ڏسو ٿا انهن پرديسين جون آهن جيڪي مومل جَي عشق جو کاڄ بڻيا.

سمجهاڻي

مومل تائين پهچڻ کان اڳ هڪ جوڳي جيڪو بہ مومل جي گُهورَ جو گهايل هو، سو حاڪم همير سومري، راڻي مينڌري ۽ سندن ساٿين کي ٻڌائي ٿو تہ :
هي جيڪا ڪاڪ محل ۾ گجر ذات جي مومل آهي. ان جي اکين ۾، ماڻڪين ۾ رُڪَ جون، فولاد جون ڪهاڙيون رکيل آهن. جن سان هوءَ حاڪمن تي حملا ڪري، ڌڪ هڻي، ڪهيو، ماريو ڇڏي.
هي جيڪي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هزارين قبرون ٿا ڏسو سي سڀ انهن پرديسين جون آهن. جيڪي مومل جي ڪارين ڪجلين اکڙين، ناسي نيڻن، سونهن سندرتا، حسن جي جلون، ادائن ۽ گهور سان گهايل ٿي فنا ٿي ويا.
ڀٽائيءَ جو هي بيت مومل جي صرف هڪ ادا گُهورَ سان گهائي قتل ڪرڻ جي باري ۾ آهي.دنيا جي هن عظيم شاعر محبوب جي اکين کي ڪهاڙين سان جيڪا تشبيھ ڏني آهي سا ڏاڍي عجيب، انوکي ۽ نرالي آهي. واقعي محبوب جي گُهورَ سان گهايل ٿيڻ وارا پاڻي ناهن گهرندا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لفظ گُجر ۽ گجميل بابت وڌيڪ معنائون سائين ثناءُ الله مهر ڏنيون آهن:

ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ:

گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو .

پر جيئن تہ ھن بيت م مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ :

گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال - حسين عورت - پري - اپسراء - حسين - ماھرو - خوبصورت زائفان - عورت.

آءُ لانگوٽيا لال، ڪنھن پر ڏٺي گجريون .(شاھ صاحب سر مومل راڻو)

حسين ڪنيا ، ( ڇوڪرين کي لاڏ مان سڏ ڪرڻ جو لفظ) مٺڙي، پياري، لاڏلي ، البيلي،

_________________________



لفظ گجمير يا گجميل جون معنائون ھن طرح آھن ،

گَجميرُ (جمع) گَجميرَ (ذ) شينھن، گجميل، گجويل ، شير.گجر کي گجمير جون تارن ۾ تبرونشاھ صاحب.


گجي جيئن گجمير تيئن اسان جوکيو ڏٺو جنگ م .

گَجميلُ (جمع) گَجميلَ (صفت) = سونھن ، خوبي، حسن، سوڀيا ، خوبصورتي، مجاز ، ڌما ، سھڻائي ، براج ، انداز، ناز ، نخرو.

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top