• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي : البيلو راڳي صادق فقير سنڌ ۾ سمائجي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jpndBnPlES3DA.jpg


البيلو راڳي صادق فقير سنڌ ۾ سمائجي ويو، هزارين چاهيندڙ لڙڪ روڪي نه سگهيا،ٿر ۾ سوڳ

مٺي/ اسلام ڪوٽ (رپورٽ : اعجاز- غازي بجير) “ چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو ”سنڌ جو مهان راڳي ۽ ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير کي سنڌ هميشه لاءَ پنهنجي گود ۾ وٺي ڇڏيو آهي ،سنڌ جي سريلي محبوب راڳي ۽ ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير جي مڙهه 8 ڏينهن گذرڻ بعد سعودي عرب حڪومت جي قانوني گھرجون پوريون ڪري سندس پٽ نزاڪت علي فقير سعودي عرب مان جده ايئرپورٽ کان ڪراچي ايئرپورٽ ۽ بعد ۾ سندس اباڻي شهر مٺي ۾ آندو ويو جتي هزارين صادق فقير جي چاهيندڙن گڏ پيادل سفر ڪري هاءِ اسڪول مٺي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان مٺي ۾ سنڌ ڌرتي جي گود ۾ همشه لاءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي،ٻاٻيهي صادق فقير جي اوچتي وڇوڙي تي مٺي جون گليون اداس ۽ گھرن ۾ ماتم برپا هو ۽ هزارين اکيون لڙڪ روڪي نه سگھيون هيون محبوب راڳي جي يادن کي ساري زارو قطار روئي رهيون هيون ،صادق فقير جي سوڳ ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊڪواٽر واري شهر مٺي ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند هو ۽ صادق فقير جو مڙهه تدفين لاءِ نيو پئي ويو ته هر گھر مان ٻارڙن ،عورتن ،نوجوانن گلاب جا گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪندا رهيا ،سلڇڻي صادق فقير جي جنازي نماز مٺي جي هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو سينيٽر عاجز ڌامراهه، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر آصف جميل شيخ ،جسقم جو وائيس چيئرمن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ،عبد الواحد آريسر ،اياز گل، تاج جويو، ادل سومرو، امر سنڌو، گلشن لغاري، جسم جو وائيس چيئرمن سيد نواز شاهه ڀاڏائي ،اياز امر شيخ ،نصير مرزا ،ناز سهتو ،ڊاڪٽر نذير شيخ ،اسحاق سميجو ،پيپلز پارٽي اڳواڻ سشيل ملاڻي ،ڊاڪٽر دودو مهيري ،اعجاز ٻٻر ،ڊاڪٽر سونو مل کنگھاراڻي ،مير حسن آريسر ،ارباب نيڪ محمد ،ونود ملاڻي ،مهيش ڪمار، شفيع فقير، رفيق فقير، امير منڌرو، بلاول اوٺو، مظهر حسين، اسحاق مڱريو، نصير مرزا، ايوب کوسو، نصير ڪنڀار ،خالد جوڳي ،اعجاز بجير ،ممتاز نهڙيو، سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سڪ ۾ آيل اديبن ،شاعرن ،فنڪارن ،دانشورن ،صحافين ،ليکڪن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري دعا بخشي ،صادق فقير جي مڙهه جو آخري ديدار قبرستان تي ڪرايو ويو، ۽ آخري ديدار وقت صادق فقير جي سڄي سنڌ جا دوست ،مائٽ ۽ چاهيندڙ ساروڻيون ساري هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي روئيندا رهيا ،۽ اسان جو دوست هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي پنهنجي مالڪ حقيقي حوالي ٿي ويو آهي.

اسڪولي ٻارڙن صادق فقير جي مڙهه کي سلامي ڏني

مٺي: سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جي مڙهه کي ڪراچي مان ايمبولنس ذريعي اباڻي شهر مٺي ۾ آندو ويو جتي صادق جي مڙه جي انتظار ۾ هزارين سنڌ واسي آتا هئا ،مٺي جي اسڪولن مان ڊي اي او اعجاز ٻٻر جي هدايت تي موڪل ڪري ٻارڙا وٺي استاد پراڻي ڊي سي آفيس وٽ پهتا جيئن صادق جو مڙهه اتي پهتو ته شاگردن سلامي پيش ڪئي.

jbwmR6kgemQreT.jpg
 
Back
Top