ڪامريڊ منصور سعيد کي ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جيڪي قومون سائنسي انداز ۾ ترقي نه ٿيون ڪن اهي قومون دقيانوسي يا رڳو بيان بازيءَ تي عمل ڪنديون آهن، هي ڳالهه جڳ مشهور ڏاهي ڪارل ساگات ڪئي آهي. ڪارل ساگات رڳو ٻه ڪتاب تخليق ڪيا هئا هڪ يونيورس ۽ ٻيو هن هڪ فلم ڪوسموس پروڊيوس ڪئي هئي ان جي اسڪرپٽ کي هن ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايو، اهو ڪتاب به ڪوسموس جي نالي سان پڌرو ٿيو هو. ڪارل ساگات خلآءِ تحقيقاتي اداري ناسا سان به واڳيل رهيو. ان ڪري هن ان حوالي نوٽيس تمام گهڻا لکيا ڪارل ساگات جي ڪتاب ڪوسموس جو اردو ترجمو ڪامريڊ منصور سعيد اڄ کان 15 سال کن اڳ ڪيو هو. اهو ڪتاب مون ۽ مهراڻ ملاح حيدرآباد جي لطيف ڪتاب گهر کان ڏهاڪو سال کن اڳ ورتو. انهي ئي ڏينهن ۾ منهنجي ڪامريڊ منصور سعيد سان ملاقات ٿي چڪي هئي ملاقاتن جو پوءِ اهو سلسلو حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ ٿيندو رهيو. ڪامريڊ منصور سعيد سڄي حياتي مارڪسزم سان وابسته رهيو هو هڪ سچو ۽ کرو مارڪسي هو، هن هڪ ڀيري سنڌ ۾ مارڪسزم جو عوام ۾ پاڙون نه کوڙي سگهڻ جي موضوع تي ٿيل بحث ۾ چيو هو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي عوام ۾ ڪميونزم ان ڪري پنهنجون پاڙون نه کوڙي سگهيو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي گهڻو تڻو قيادت هندستان مان لڏي آيل ڪامريڊن ڪئي. هندستان مان آيل ڪامريڊ پنهنجي نظريي سان ته سچا هئا پر جيئن ته هو عام ماڻهن جي مزاج، ريتن رسمن ۽ ٻولي کان واقف نه هئا.
    ڪراچيءَ ۾ ڪلثوم جمال ۽ عاصم جمال جي گهر پڻ ساڻس ملاقات جو سلسلو رهيو. جتي اڪثر عالمي توڙي ملڪي سياستي صورتحال تي بحث ٿيندو رهيو هو، هر ان بحث ۾ ڪامريڊ منصور جو موقف انتهآءِ وزنائتو هوندو هو. هڪ ڀيري اخبار ۾ آيل ڪنهن پراڻي ڪميونسٽ جو بيان پڙهي چڙي پيو هو. چيو هئائين ته ”سالا وه ڪميونسٽ هي ڪيا جو ڪبهي ڪميونسٽ ٿا.“ سندس پيراڊائيز واري گهر ۾ ساڻس منهنجي آخري ملاقات ٿي هئي اتي ڪچهريءَ دوران هن چيو ته ”ڪارل مارڪس مفلسي سبب پنهنجي مري ويل اولاد کي ته پنهنجي ئي گهر ۾ دفن ڪري سگهيو ٿي پر اسين نه ٿا ڪري سگهون. اڄ جيڪڏهن اسان جو اولاد جيڪڏهن بيمار ٿي پوي ته اسين ڪجهه به ڪري ان جي صحت کي ٺيڪ ڪرڻ جي جستجو ڪنداسون.“
    مارڪسزم هڪ سائنس جو نالو آهي، جيڪڏهن اها سائنس ترقي ڪري پئي، سماج ترقي ڪري پيو ته پوءِ ان نظريي تي ڇا لاءِ غلاف چاڙهيو ويو آهي. ڪميونسٽ چين ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ڇا اهو ڪميونزم آهي يا جيڪو هندستان جي رياست بنگال ۾ ڪميونسٽ جي گڏيل حڪومت دوران ٿيندو رهيو اهو ڪميونزم آهي. حقيقت ۾ اهو هڪ ڊگهو بحث آهي پر اهو به هڪڙو بحث آهي ته ڪميونزم تي غلاف چاڙهيو ويو آهي جنهن کي لاهڻ جي ضرورت آهي سوويت يونين جي ٽٽڻ سان اهو ٿيو جو اهڙن ڪميونسٽن مان جان ڇٽي جيڪي سائبيريا ۾ برف باري جي ڪري هتي اوورڪوٽ پائيندا هئا. هن وقت هتي جيڪي کاٻي ڌر سان وابسته ماڻهو آهن اهي گهٽ ۾ گهٽ ان نظرئي جي اهميت کان واقف آهن ۽ اهي سمجهن ٿا ته هي ئي نظريو ئي آهي جيڪو انساني فلاح ڪري سگهي ٿو. ضروري ناهي ته اهڙا ماڻهو اهي ڪميونسٽ پارٽي يا ليبر پارٽي يا ڪنهن ٻي جماعت سان وابسته هجن پر هڪ نظريئي سان واڳجي هو جتي به آهن، ان نظريي جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. ڪامريڊ منصور سعيد جي مڙهه کي جنهن مهل لحد ۾ لاٿو پئي ويو تڏهن سندس نياڻي ثانيه سعيد چيو ته ”بابا توکي مان تنهنجن دوستن جي حوالي ڪريان پئي“ ڪامريڊ منصور سعيد جيتوڻيڪ ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل رهيو پر سندس نياڻي ڪنهن پارٽي جي ميمبر نه رهي پر هو به ان نظريي لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي.
    ڪامريڊ منصور سعيد اڄ اسان ۾ ڪونهي پر سندس ڪميونزم سان ڪمٽمينٽ اڄ به اسان کي اتساهي ٿي ۽ هر ڪامريد سندس مرتئي تي کيس سرخ سلام پيش ڪري ٿو.

    ڪوي شنڪر
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪامريڊ منصور سعيد کي ڀيٽا

    ادا طاهر سنڌي شال جُڙيو هُجين ڪوي شنڪر جي ڪامريڊ منصور سعيد کي ڀيٽا تو هتي ونڊ ڪئي لک ٿورا، دنيا ۾ مارڪسز م عظيم سويٽ يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ پنهنجي پوين پساهن ۾ آهي، ڪامريڊ منصور سعيد پنهنجي مقصد ” ڪاز براءِ مارڪسزم“ سان ڪيترو سچو هو هن ڀيٽا مان ڀلي ريت پروڙي سگهجي ٿو، پر پاڪستان يا ڀر پاسي وارن مُلڪن ۾ جنهن نظرئي تي ڪامريڊ ڪاربند هو، اهو نظريو آخر ڪهڙي ڳالهه هُئي جو هر ماڻهوءَ جي دل جو آواز نه ٿي سگهيو، منهنجي خيال ۾ ان ۾‌ سڀ کان وڌيڪ قصور انهن ئي ڪامريڊن جو ئي آهي۔ دنيا جو ڪو به نظام صرف آدرشن، رٽي رٽائي تقريرن تي ڪونه هلندو آهي پر ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرائڻ لاءِ عملي جدوجهد، همت افزائن ، سچائين ۽ سهي معنى ۾ ليڊر شپ جي ضرورت پوندي آهي. بهرحال ڪامريڊ سعيد منصور ۾ اهي گُڻ هُئا جيڪڏهن سندس ساٿي ڪامريڊ کيس صدق دل سان ساٿ ڏين ها ته ڪامريڊ سعيد منصور پنهنجي نظرئي کي عوام الناس ۾ ڦهيلائڻ ۾ سئو فيصد نه سهي پر 25 في صد تائين ضرور ڪامياب ٿئي ها. ادا طاهر سنڌي اهڙا مضمون ضرور ضرور سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آئنده به شيئر ڪندو رهجان تنهنجا لک ٿورا......
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪامريڊ منصور سعيد کي ڀيٽا

    سهڻا ناز سائين ان شاء الله حياتي اٿم ته هن اوطاق کي هر ان محنت سان رنگڻ جي ڪوشش ڪندس جنهن سان هن اوطاق جو مان مٿاهون ٿئي ۽ من اسان ان ٽارگيٽ کي اچيو ڪيون يعني سنڌ سان محبت ۽ ان جي ترقي لاء هر ڪنهن جو ڪردار
    ان شاء الله اوهان جي دعا کپي اها جدوجهد جاري رهندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو