عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
سلوڪ وعرفان
عشق جنين اڪسير ويھ تنين وٽ
دوئي ڪري دور تون سِر تنين وٽ سٽ
پياريندئي پيالو پريت جو عشق جنين اڻ کُٽ
لاهي ڇڏيندئي ڪَٽ اندر جي عبدالعزيز چئي.
اندر جي عبدالعزيز چئي ڪندئي صفائي
ڪڍندئي ڪلمي پاڪ سان دام دغائي
ڏسيندئي واٽ وحدت جي ڪندئي دور سياهي
سچي سچائي ساڻ هلائيندئي هوت ڏي.
ساڻ هَلائيندئي هوت ڏي ڪڍندئي منجهان ناسوت
ڪندئي صاف صدق سان ڪُڌا جي ڪرتوت
هلائيندئي حال حلاج جي صبر ساڻ سڪوت
“موت قبل انت موت “ماريندئي منصور جيان.
ماريندئي منصور جيان اِي عشق وارن مرڪ
پياريندئي سوز فراق جي سيني مان سُرڪ
ڪرائيندئي قرب مان دنيا دورنگي ترڪ
اوڍائيندئي اجرڪ تارڪي جو طالب چوي.
تارڪي جو طالب چوي جنين پيتو جام
سدائين رهڻ شوق ۾ اهو عشق وارن احرام
“وذڪر ربڪ في نفسڪ“ اي آيت آين انعام
خطرا سڀئي خام رهن سدائين سلوڪ ۾.
رهن سدائين سلوڪ ۾ اٿن عشق اندر
نه ڪن گِلا پچر پرائي اٿن سور سمر
سڀ مڃيائون ملامتون جيڪي آين سِر
پڙھيائون الف وارو اکر ٿيا سُرخرو سڳر ۾.
ٿيا سُرخرو سڳر ۾ نينهن ۾ نانگا
ويراڳين وجود ۾ پنڌ سڀئي اورانگهيا
لاهوتي لانگها لنگهي ويا لِڪ ۾ .
لنگهي ويا لِڪ ۾ گاروڙي گرناٿ
وڃي مليا مطلوب کي عشق ڪيائون اثبات
لنگهي سارو ساٿ وڃي ڪُل ۾ ڪُل ٿيا.
ڪُل ۾ وڃي ڪُل ٿيا جوڳين وڃايو جُزو
آڌوتين اثبات جو چکيو منجھ مزو
اندر عارضو لاٿائون لباس جو.
لاٿائون لباس جو ، ڀولا ڇڏيائون ڀولي
ڏٺائون پيچرو پِر جو اند مون ڳولي
ڏٺائون منجھ چولي سارو سِر سرڪار جو.
سارو سِر سرڪار جو ڏٺائون منجھ مُراقبي ميدان
مازاغ البصر وما طغيٰ ڪيائون نينهن نشان
لنگهي لامڪان قائم ٿيان ڪونين ۾.
قائم ٿيا ڪونين ۾ آهن رحمت جا درياءَ
جيڪو اچي انهن وٽ ڏيکارين سڌي راھ
جنهن جا قلب سياھ ڪن اُجرو تن کي
ڪن اُجرو تن کي ڌوئي سياهي
هلائن تن کي حق ڏي ساڻ سچائي
“موتو قبل انت موتو“ تن وٽ واٽ ِاهائي
ڏين تن واڌائي سچي هن سلوڪ جي.
سچي هن سلوڪ جي جنين پيتي پِڪ
منجهان روح رندن جي اچي ٻولي حق حق
لاهي سڀئي شڪ رڙھن راھ رسول جي.
رڙھن راھ رسول جي مرد اُھي منصور
لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن سُرُور
الستي اُمور پاڙيائون پريت سان.
پاڙيائون پِريت سان وعده ڪيائون جي
هردم حج حُضور ۾ آھن نانگا سي
رند پروڙين ڪي معرڪو انهي مام جو.
______________________________
اي بي لغاري
عشق جنين اڪسير ويھ تنين وٽ
دوئي ڪري دور تون سِر تنين وٽ سٽ
پياريندئي پيالو پريت جو عشق جنين اڻ کُٽ
لاهي ڇڏيندئي ڪَٽ اندر جي عبدالعزيز چئي.
اندر جي عبدالعزيز چئي ڪندئي صفائي
ڪڍندئي ڪلمي پاڪ سان دام دغائي
ڏسيندئي واٽ وحدت جي ڪندئي دور سياهي
سچي سچائي ساڻ هلائيندئي هوت ڏي.
ساڻ هَلائيندئي هوت ڏي ڪڍندئي منجهان ناسوت
ڪندئي صاف صدق سان ڪُڌا جي ڪرتوت
هلائيندئي حال حلاج جي صبر ساڻ سڪوت
“موت قبل انت موت “ماريندئي منصور جيان.
ماريندئي منصور جيان اِي عشق وارن مرڪ
پياريندئي سوز فراق جي سيني مان سُرڪ
ڪرائيندئي قرب مان دنيا دورنگي ترڪ
اوڍائيندئي اجرڪ تارڪي جو طالب چوي.
تارڪي جو طالب چوي جنين پيتو جام
سدائين رهڻ شوق ۾ اهو عشق وارن احرام
“وذڪر ربڪ في نفسڪ“ اي آيت آين انعام
خطرا سڀئي خام رهن سدائين سلوڪ ۾.
رهن سدائين سلوڪ ۾ اٿن عشق اندر
نه ڪن گِلا پچر پرائي اٿن سور سمر
سڀ مڃيائون ملامتون جيڪي آين سِر
پڙھيائون الف وارو اکر ٿيا سُرخرو سڳر ۾.
ٿيا سُرخرو سڳر ۾ نينهن ۾ نانگا
ويراڳين وجود ۾ پنڌ سڀئي اورانگهيا
لاهوتي لانگها لنگهي ويا لِڪ ۾ .
لنگهي ويا لِڪ ۾ گاروڙي گرناٿ
وڃي مليا مطلوب کي عشق ڪيائون اثبات
لنگهي سارو ساٿ وڃي ڪُل ۾ ڪُل ٿيا.
ڪُل ۾ وڃي ڪُل ٿيا جوڳين وڃايو جُزو
آڌوتين اثبات جو چکيو منجھ مزو
اندر عارضو لاٿائون لباس جو.
لاٿائون لباس جو ، ڀولا ڇڏيائون ڀولي
ڏٺائون پيچرو پِر جو اند مون ڳولي
ڏٺائون منجھ چولي سارو سِر سرڪار جو.
سارو سِر سرڪار جو ڏٺائون منجھ مُراقبي ميدان
مازاغ البصر وما طغيٰ ڪيائون نينهن نشان
لنگهي لامڪان قائم ٿيان ڪونين ۾.
قائم ٿيا ڪونين ۾ آهن رحمت جا درياءَ
جيڪو اچي انهن وٽ ڏيکارين سڌي راھ
جنهن جا قلب سياھ ڪن اُجرو تن کي
ڪن اُجرو تن کي ڌوئي سياهي
هلائن تن کي حق ڏي ساڻ سچائي
“موتو قبل انت موتو“ تن وٽ واٽ ِاهائي
ڏين تن واڌائي سچي هن سلوڪ جي.
سچي هن سلوڪ جي جنين پيتي پِڪ
منجهان روح رندن جي اچي ٻولي حق حق
لاهي سڀئي شڪ رڙھن راھ رسول جي.
رڙھن راھ رسول جي مرد اُھي منصور
لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن سُرُور
الستي اُمور پاڙيائون پريت سان.
پاڙيائون پِريت سان وعده ڪيائون جي
هردم حج حُضور ۾ آھن نانگا سي
رند پروڙين ڪي معرڪو انهي مام جو.
______________________________
اي بي لغاري
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: