امن، ترقي ۽ خوشحالي وارو پاڪستان کپي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    نومبر 1988ع جو هڪ ڏينهن ملڪ جي اڪيلي ٽي وي چئنل پي ٽي وي ذريعي نشر ٿيندڙ هڪ منظر جو رنگين اسڪرين تي ڏيک هڪ مناسب وسيع ڊيڪوريٽ حال ۾ هڪ ميز جنهن جي پويان ٻه ڪرسيون ۽ انهن آڏو روايتي ڪاري شيرواني اوڍيل قائم مقام صدر پاڪستان غلام اسحاق خان ۽ سآءِ ۽ سفيد رنگ جي شلوار، قميص ۽ رئو اوڍيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو هٿن ۾ فائيل کنيون قسم نامون کڻآءِ ۽ کڻي رهيا آهن سندن آڏو ترتيب ڏنل ڪيترن ئي ڪرسين تي پ پ پ جي مکيه کيپ جا اڳواڻ نمايان طور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بيواهه نصرت ڀٽو، مکيه اعليٰ عملدار، فوج جا سربراهه ۽ پرڏيهي سفارتڪار پڻ ويٺل آهن ۽ دنيا جي نقشي تي موجود اسلامي سڏجندڙ ملڪن منجهان هڪ پهرين مسلمان خاتون سربراهه واري تاريخ جڙڻ جو منظر لکين پاڪستاني شهري، ڪن جي اکين ۾ خوشي نما آلاڻ ته يقينن ڪن جي اکين منجهه غصي جو گُهنڊ عيان ڏسي رهيا آهن.
    پ پ پ جي بانيڪار هستي کي فوجوداري ڪيس ۾ ڦاهي جي آيل سزا تي 4 اپريل 1979ع تي رياستي ڏهڪاءَ جي ڏڍ سان عملدرآمد کان پوءِ پ پ پ جي جدوجهد جو اهڃاڻ مڃيل اڳواڻ جو اقتداري ايوانن ڏانهن سفر جو پهريون قدم هر ڪوئي منظر جي صورت ۾ پسي رهيو هو. پيپلزپارٽي جي انهيءَ اقتدار حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم سبب پارٽي پاران اهو پڻ ڄاڻايو ويو هو ته پارٽي 1977ع کان آمريت جي بربريت جو مسلسل نشانو پئي رهندي آءِ آهي. (جيڪا نه وسرندڙ حقيقت پڻ هئي) تنهن ڪري جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي ساهي وٺرائڻ لاءِ اقتداري ايوانن ۾ قيام ڪرڻ ضروري آهي. پارٽي جي انهيءَ اتفاق واري راءِ کي مانُ ڏيندي محترمه بينظير پنهنجي اڳواڻي جا جوهر ڏيکاري آخرڪار مٿي بيان ٿيل منظر کي عمل ۾ آندو. محترمه جي زير قيادت پارٽي کي تڏهن جي پارلياماني حساب مطابق واضح اڪثريت ته ڪو نه هئي پر محترمه پارليامينٽ ۾ پهتل ٻين ڌرين مان ڪجهه سان اتفاق ڪري مرڪزي، صوبي سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سهڪاري بڻجي سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهي هلآءِ جڏهن ته نوازشريف جي اڳواڻي ۾ پنجاب حڪومت کيس ڪجهه ڏکيرو وقت ڏيندڙ پڻ بڻي هئي.
    محترمه جي حڪمراني جي شروعات سان ئي مٿس جيڪا تنقيد شروع ٿي ان مان هڪ وزندار تنقيد اها هئي ته محترمه کي پنهنجي والد شهيد ذوالفقار جي سياست کي ناڪام ڪري کيس ڦاهي ڏيارڻ ۾ متوقع ڪردار نڀائيندڙ ڌرين توڙي سندن ڇانورو ورتل شخصيتن سان ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گهربو هو. (منهنجي خيال ۾ محترمه صاحبه وٽ اهڙي ڪمپرومائيز ۾ نه وڃڻ لاءِ هڪ ٺوس دليل به مهيا ٿيل هيو ته سندس پارٽي وٽ واضح اڪثريت ڪونهي. سو هوءَ سرڪاري بدران مخالف بينچن تي ويهڻ پسند ڪندي ۽ ايئن ڪرڻ سان وڌ ۾ وڌ اهو ٿئي ها ته نوازشريف ۽ سندس کانسواءِ ڪو ٻيو به گروهه منظر سياست تي ظاهر ٿئي ها، جيڪو اڄڪلهه سياسي منظر تي حقيقي انداز ۾ موجود آهي. پر ڇا پ پ پ جي اصولي سگهه وڌي نه وڃي ها؟! جيڪڏهن محترمه عارضي طور اقتدار نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ها.) بحرحال محترمه جي اها حڪومت ٻن ورهين کان به گهٽ عرصي اندر ڪڌن ڪرتوتن ۾ ملوث هئڻ جا الزام ڏيئي ختم به ڪئي وئي ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي مڃيل مخالفن جي سهڪار سان نوازشريف جي اڳواڻي ۾ هڪ سياسي سگهه مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي شروعات به ڪئي هئي.
    تنهن کان پوءِ واري ملڪ جي سياسي منظر نامي تي نوازشريف ۽ بينظير صاحبه جوئي پڙاڏو رهيو ۽ کين آئيني طور مقرر مدي کان انتهآءِ گهٽ عرصي تي ٻڌل جيڪي حڪمراني ڪرڻ جا دور حاصل رهيا اهي به کين پريشر گروپ جي طفيل مليا ۽ ناڪامين جي نمونن طور تواريخ جو حصو آهن دراصل ايستائين ڀٽو ۽ مخالف ڀٽو واري سياست جو تصور ئي ملڪي سياست جو مکيه محور پئي رهيو پر جيئن ته ڀٽو جي سياسي ورثي جي امين بظاهر جدوجهد ڪرڻ ڪري محترمه بينظير ئي ڳڻبي ٿي آءِ ۽ جُملي ڀٽو محب خلق جو مٿس ئي ويساهه هو، انهي ڪري ڀٽو مخالف گروهه انتهآءِ دور انديشي سان انهيءَ وقت جڏهن محترمه وري هڪ دفعو اقتدار ۾ هئي مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس پاران وائڙو ڪرڻ جهڙو حصار ٺاهي ماري ڇڏيو جنهن ڪري اڻ سڌي طرح زير الزام محترمه پڻ بڻي گڏوگڏ ٻين انيڪ الزامن جي زد ۾ هئڻ ڪري بيزار ٿي بينظير صاحبه آخر ڪار پاڻ مرادو جلاوطني اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ نوازشريف کي ميدان سياست ۾ رڳو پنهنجي ئي گجگوڙ ٿي ٻڌڻ ۾ آءِ ۽ انهيءَ مغالطي کيس جنهن راهه جو راهي بڻايو ان جي منزل کيس قيد ۽ بند جي ديوارن ۽ سيخن طور ملي ۽ سندس شريڪ حيات جي خاص ڪوشش سان ٿوري ئي وقت ۾ نوازشريف فوجي حڪمران سان واعدا اقرار ڪري جلاوطني قبول ڪئي.

    غلام نبي ابڙو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو