اڳلي مهيني جي تاريخ ڪامران اڪبر سومرو، شڪارپور ٻن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ جڏهن ٻه گاڏيون بدلائي کجين جي شهر ۾ داخل ٿيم ته هر طرف روڊ جي پاسن ۽ باغن جي ميدانن ۾ ڏوڪن جا ڍير لڳا پيا هيا، جن مان ڪجهه کي سُڪائي کارڪون بڻايون پيون وڃن ته ڪجهه ماڻهو وري باه جي آڙاه ۾ تيل ۾ ڏوڪا وجهي انهن مان ڇوهارا ٺاهي رهيا هيا. ڪجهه پل لاءِ مان ان گهري سوچ ۾ گم ٿي ويس جو هر چوراهي ۽ هر واٽ تي الاهي ڪيترا ماڻهو، ٻار، مرد ۽ عورتون ڏوڪن کي تپائي تپائي ايترو ته پچائن ۽ ڪاڙهن پيا جو هو رجهي ڪري ڇوهارا بڻجي پيا وڃن، ڪٿي هن شهر جا ماڻهو ماڻهن سان به اهڙي ڪار نه ڪندا هجن! ماڻهن کي به پچائي ڪاڙهي نه ڇڏيندا هجن...! ”سائين يونيورسٽيءَ وارا لهي اچو!“ ويگن جي ڪلينر جي سڏن تي منهنجي خيالن جو تند ٽٽي پيو! ويگن مان لهي وارن کي هٿ سان سنواري ۽ منهن تي رومال گهمائي، ڪاغذن جو فائيل هٿ ۾ کڻي، روڊ جي هيڏي هوڏي ڏسي رستو پار ڪري يونيورسٽي ءَ جي ايگزامينيشن برانچ ڏانهن وڌيم! اڄ هي ٽيون ڀيرو هو جو مونکي يونيورسٽيءَ جو چهرو ڏسڻو پيو هيو! اصل ۾ ٿيو هينئن هو جو مان ڪاليج سائيڊ کان يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن جي ڊگري ڪري رهيو هيس. ٻئين سال جو امتحان وڏي جوش ۽خروش سان ڏنو، سڀئي پيپر ڏنم، پر جڏهن رزلٽ آيو ته مان بالڪل حيران ٿي ويس! اهي پيپرن وارا ڏينهن اکين جي آڏو ڪنهن وڊيو وانگر گذرڻ لڳا جڏهن گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجهند جو امتحان هال ۾ سوالن جا جواب لکندي نرڙ تان پگهر اگهندا هياسي! اڄ انهن پگهرن جو اهڙو ڦل ڏسي دل مايوس ٿي وئي ۽ ڪاوڙ جي ڪنڌ ڪر کنيو! ٻيو ڇا ٿيو هوندو، اهو ئي مونکي يونيورسٽيءَ وارن مونکي چار پيپرن ۾ غير حاضر ڏيکاري ٻئي سال جو رزلٽ ئي روڪي ڇڏيو! بس پوءِ ان مسئلي جي حل لاءِ يونيورسٽيءَ جي وڏيرن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو! ننڍپڻ کان ٻڌو هيم ته شل ڪنهنجو انهن ورسٽيءَ وارن جي وڙ وڪڙن ۾ پير نه ڦاسي، نه ته پوءِ سائين الله مالڪ آ... چپل گسي گسي ختم ٿي ويندا پوءِ مشڪل سان وڃي ڪنهن مسئلي جو حل نڪرندو! هڪ پراڻي بلڊنگي جي ٻاهران ميرن اکرن سان لکيل هو، ”ڪنٽرولر آفيس“! ٿڌو ساه ڀري جلدي جلدي اندر داخل ٿيم. هڪڙو وڏو هال جنهن جي وچ تي هارڊ بورڊ جو پارٽيشن لڳل هو! ٻنهي پاسن کان چار پنج وڏيون ٽيبليون رکيل هيون، جن جي چوڌاري ڪلرڪ اسٽاف ۽ ڪجهه ايگزامينيشن ڊپارٽمينٽ جا آفيسر ويٺل هيا! سامهون ئي ويٺل هڪ ڪلرڪ ڏي ويم جيڪو ڪنهن شاگرد سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هيو. ٿورو وانڌو ڏسي مان کيس سلام ڪري ٻڌايو ته سائين مان ايڏو پريون آيو آهيان، مونسان الاءِ ڪنهن ايڏي ويڌن ڪئي آ... سائين مان پنهنجا بي اي جا پيپر سيٽ نمبر 5501 تي ڏنا آهن، پر منهنجو رزلٽ وري 5502 تي ڪڍيو ويو آهي، مارڪس شيٽ ۾ مونکي چئن پيپرن ۾ غير حاضر ڏيکاريو اٿئون! ”بابا توهان جو اصلي نمبر 5502 ئي آهي نه؟“ ”ها سر، پر هي ڏسو نه، توهان مان الاءِ ڪنهن ڳاڙهي پين سان لڪير پائي منهنجي ايڊمٽ ڪارڊ تي 5501 لکيو آهي.“ ”ٺيڪ آهي، توهان سر رفيق سان ملو، هو بي اي جي ڊپارٽمينٽ کي ڊيل ڪندو آهي!“ ”هيلو سر رفيق!“ ”جي ها، حڪم ڪيو..“ ”سر منهنجو مسئلو حل ڪيو! منهنجو رزلٽ غلط نمبر تي ڪڍيو ويو آهي!“ ”ها بابا، توهان هيئن ڪريو ڪجهه ڏينهن رکي پوءِ اچو، اسان جو ڪجهه ڪلرڪ اسٽاف ٽوئر تي لاهور ويل آهي! سڄو رڪارڊ ۽ ليجر وغيره انهن جي هٿ ۾ آهي. المارين جون چاٻيون به انهن وٽ آهن!“ ”سر مونکي ايم اي ۾ فارم ڀرائڻو آهي، سڀاڻي ان جي آخري تاريخ آهي! ڪجهه ڪوآپريٽ ڪيو پليز! مان ٽيون دفعو آيو آهيان! اڳ ۾ به توهان جي ماڻهن آسرا ڏيئي موٽايو!“ ”توهان کي به آخري ڏينهن ۾ سڀ ڪم ياد پوندا آهن! بس سائين، اڄ جي نوجوانن کي الاءِ ڇا ٿي ويو آ...رفيق صاحب جي اهڙي ڳالهه ٻڌي منهنجي ته رت گرمائجي وئي! هڪ ته غلطيون پاڻ ڪن، لوڙيون اسان ۽ وري انهن جا تلخ نخرا به اسان سهون! ٿورو اڳيان وڌيم، ڪنٽرولر صاحب جي آفيس ڏانهن ويم! ”مي آءِ ڪم ان سر؟“ ”ييس، ييس!“ هڪ وڏو ڪشادو ڪمرو، فل ايئرڪنڊيشنڊ، وڏي ٽيبل تي پيل ليپ ٽاپ جي اسڪرين ۾ گم ٿيل ڪنٽرولر صاحب پنهنجي موڊ ۾ ويٺل هو! هن جي سامهون پڪوڙن جي پليٽ ۽ چٽڻي پيل هئي! ”سر مان توهانجي شهر جو ئي نوجوان آهيان پر افسوس، ٿوري ڪم هوندي به توهانجي آفيس وارن هروبرو مونکي رلائن ٿا، پليز اوهان ئي ڪجهه هيلپ ڪيو!“ ”جي، مان نه سمجهيم، ڇا پرابلم آهي، ٿيو ڇاهي بابا؟ بابا ڪوئي مسئلو ناهي، توهان ڪام ٿيو، ريلڪس ٿيو!“ ”سائين مان رليڪس ڪيئن ٿيان؟ آخر منهنجي فيوچر جو سوال آ...منهنجي محنت جو ڦل ٻئي کي ڏيئي ان کي پاس ڪيو ويو ۽ وري مونکي انهن پيپرن ۾ ئي ايبسنٽ ڪيو ويو! سائين مان سڀ پيپرن ۽ اٽينڊنس شيٽ تي پنهنجي نئين نمبر 5501 تي ئي ڪئي آهي، پر منهنجو رزلٽ وري اڳلي نمبر 5502 تي ڪڍيو ويو آهي...“ ”بابا پريشان نه ٿيو، مان هاڻي ئي توهانجو مسئلو حل ٿو ڪرايان... توهان هيئن ڪيو ته وڃي ڊپٽي ڪنٽرولر سان ملو!“ درخواست تي صحي ڪندي ڪنٽرولر صاحب چيو! ”وڏي مهرباني سر!“ مان اها ايپليڪيشن ۽ ڪاغذ کڻي آفيس مان نڪتس. پنهنجي وکري ويل اميد کي سهيرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته من هاڻي ڪو ڪم ٿئي! ڊپٽي ڪنٽرولر جي آفيس ڪجهه ننڍي هئي ۽ اي سي وغيره به نه لڳل هيس. ”سر مونکي ڪنٽرولر صاحب موڪليو آ، هي مسئلو آ، پليز هيلپ مي!“ ”پليز ويهو!“ ڊپٽي ڪنٽرولر ڪاغذن کي هيڏي هوڏي ڪندي انهن تي اڇاتري نظر ڦيرائيندي چيو، ”توهان هيئن ڪيو، توهان ٽاپ سيڪريٽ آفيس وڃو، انهن سان ملو، هو توهان جي هيلپ ڪندا...“ اهو ٻڌي هلي ته ڪجهه دير لاءِ مان خاموش ٿي ويم! هي به ڪو طريقو آ؟ جنهن کي ڏس ٻئي ڏانهن ريفر ٿو ڪري! ڄڻ هنن کي پنهنجو ڪو پاور ئي ڪونهي، اٿارٽي ئي ڪونهي جو ڪنهن لاڳاپيل ماڻهوءَ کي چورائي مسئلو جهٽ پٽ ۾ حل ڪرائن! الاءِ اسانجي سسٽم ۾ انقلاب ڪڏهن ايندو؟ پراڻي مينيجمينٽ اسٽائل مان ڪڏهن جند ڇٽندي! بس پوءِ ڇا پيو ڪري سگهان! چپ چاپ ڪاغذ کڻي، هوريان هوريان آفيس مان ٻاهر نڪتم! ٿوري ئي پنڌ تي ٽاپ سيڪريٽ آفيس هئي! اوڏانهن وڌڻ لڳم. پهريان ئي آفيس جو نالو ٻڌندي ئي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪو وڏو خفيه ڪم آ، ڄڻ ڪنهن سي آءِ اي جي آفيس پيو وڃان! نه ڄاڻ اتي ڪهڙا هٽلر ويٺا هوندا، ڪم ٿيندو به الاءِ نه! کجين جي شهر ۾ کارڪن وانگي تپندو تپندو، نٽهڻ اُس ۾ پگهرن ۾ رجهندو اچي آفيس وٽ پهتس. آفيس جو دروازو اندران بند هو ۽ درين ۾ ڄاري لڳل هئي جنهن وٽ ڪجهه ماڻهو ايئن بيٺل هيا ڄڻ ڪنهن جيل ۾ قيدين سان ملاقات لاءِ آيا هجن! مان به وڃي دريءَ وٽ بيٺس ۽ پٽيوالي جو انتظار ڪرڻ لڳس. مڙئي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اندر وڃي پهتم! مونکي اڃا اهو تجسس هو ته آخر هتي ڇا پيو آ جو هن آفيس جو نالو ٽاپ سيڪريٽ رکيو اٿئون! هڪ در مان گذريم ته وري ٻيو دروازو پار ڪرڻو پيو! اتي امتحاني ڪاپين جا ڍڳ لڳا پيا هيا.پوءِ سمجهيم ته آخر اهو راز ڪهڙو هو! اڃا آفيسر جي آفيس اڳتي هئي! ڪشادي ڪمري ۾ 45، 50 سالن جو همراه رولنگ چيئر تي ويٺو هو! نڪ تان عينڪ لاهيندي، پنن کي سهيڙي مون ڏانهن ڏسي پڇيائين، ”ڪيئن اچڻ ٿيو آ؟ ڪهڙو ڪم آ؟“ ”سر مونکي ڪنٽرولر صاحب موڪليو آ... منهنجو مسئلو حل ڪريو پليز!“ ”بابا هيئن ڪريو جو اوهان پنهنجي شهر جي ڪاليج مان پرنسپال کان درخواست تي صحي ڪرائي اچو، اٽينڊنس شيٽ به کڻي اچو!“ ”سر، مان شڪارپور مان آيو آهيان، هي ٽيون ڀيرو آ... هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان مونکي موٽايو پيو وڃي!“ ”بابا ٽراءِ ٽو انڊرسٽينڊ! اسانجون رڪائرمينٽس هونديون آهن!“ ”سر توهان پليز رڪارڊ چيڪ ڪريو! ٻنهي نمبرن جون ڪاپيون ڏسو ۽ اٽينڊنس شيٽ تي منهنجي صحي ميچ ڪيو، سڄو مسئلو حل ٿي ويندو!“ ”سياڻو ٿيءُ پٽ! تنهنجي چوڻ سان مان ويٺو ڪاپين جا بنڊل ته نه کوليندس! مونکي ڪنٽرولر کان اٿارٽي وٺي ڏيو ته پوءِ مان اڳتي ڪارروائي ڪندس! ”سر، ڪنٽرولر صاحب ئي ته مونکي توهانڏي موڪليو آ...“ ”اڙي پٽ سمجهين ڇو نه ٿو! مونکي لکت ۾ کپي! ايئن مان واندو ٿورئي آن!“ وري مونکي ڪنٽرولر ڏي اچڻو پيو! ”سيڪريٽ برانچ وارو صاحب ٿو چوي ته لکت ۾ ڏيوس ته منهنجو رڪارڊ چيڪ ڪرائي!“ ”هيڏي ڪر ايپليڪيشن! ڪنٽرولر درخواست تي ڪجهه لکي منهنجي حوالي ڪئي! ”هي ڇاسر، ڪجهه لکوس ته سهي!“ ”اڙي بابا چريو ٿيو آن ڇا... هي جيڪي ڪجهه لکيو آ، ڪافي آ... توهان کڻي وڃو... اڃا باقي ڇا لکانس!“ سيڪريٽ آفيس جي پٽيوالي کي چيم صاحب کي چئي ته مان درخواست تي نوٽ هڻائي آيو آهيان! ٿوري دير کانپوءِ آيو، چيائين ڪجهه وقت رکي اچو! صاحب ڪنهن سيڪريٽ پروجيڪٽ تي ميٽنگ ٿو ڪري! هاڻي هن ڊڪ ڊوڙ ۾ مونکي ڪافي ڪلاڪ گذري ويا، پر منهنجي مسئلي جي ڪنهن حل جو ڪو نالو ئي نه هو! ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس! سوچيم، جيستائين صاحب فارغ ٿي تيستائين ڪجهه کائي پي اچجي! ڪجهه دير کانپوءِ اچي سيڪريٽ آفيس جو دروازو کڙڪايو! ”سر هي وٺو، مان ڪنٽرولر صاحب کان لکرائي آيو آهيان!“ ”ها، ٺيڪ آ، توهان هيئن ڪيو، توهان ٽن ڏينهن کانپوءِ اچو، توهانجورڪارڊ چيڪ ڪرائينداسي!“ ”واه ڙي واه سائين! هيڏو رلايو ٿوَ، اڃا به ڪا ڪسر رهيل آهي ڇا! هي هن درخواست تي هيڏن سارن آفيسرن جون مهرون ۽ صحيون لڳل آهن... ڪاليج جي پرنسپال جي صحي، ڪنٽرولر جون صحيون، ڊپٽي ڪنٽرولر جي صحي، امتحاني انچارج جي صحي... سڄي درخواست کي ڄڻ نيرن، ڪارن، ساون ۽ ڳاڙهن گلن سان سجائي ڇڏيو اٿئون! اڃا ڀلا وي سي جي صحيءَ جي ڪمي آهي ڇا؟“ ”بابا، اصل ۾ اڄ ويڪ اينڊ آهي، اسان جا آفيس آورز به ختم ٿي ويا آهن، اسانجي اسٽاف جا ماڻهو به پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ وارا آهن! اوهان ئي ٻڌايو، مان هنن کي ڪيئن روڪيان! هفتي ۾ هڪ دفعو ئي ته پنهنجي ٻارن ٻچن سان ملڻ ويندا آهن! هاڻي انهن کي ڪيئن روڪيان! ڪيئن چوانِ ته اسٽور مان ڪاپيون ڪڍي رڪارڊ چيڪ ڪن! ۽ ها هن ۾ وقت به ته لڳندو نه! ڪاپيون ۽ سيٽ نمبر ميچ ڪبا ۽ اٽينڊنس شيٽ تي سگنيچرز ميچ ڪبيون ۽ پوءِ اوهانکي پنهنجو رزلٽ ٺاهي ڏبو!“ ”سائين، توهان جي هيءَ عظيم الشان انساني همدردي قابلِ تعريف آهي، پر منهنجي هن حال تي ڪو ترس نٿو اچيوَ؟ سڄو ڏينهن رلايو اٿوَ، ڪڏهن ڪهڙي آفيس ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي آفيس! آخر مسئلو حل ٿيندو به يا نه!“ آخر گهڻي ڊگهي بحث ۽ تقرير جي باوجود جڏهن صاحب پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو، مان مايوس ٿي وري ٻيهر اچڻ لاءِ آفيس کان ٻاهر نڪتم! چيم، آيو به آهيان، ڇو نه يونيورسٽيءَ جو چڪر لڳائجي! روڊ ڪراس ڪري يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيم.ٿورو اڳيان وڌيم ته بنڪ جي ٻاهران بينر لڳل ڏٺم. ويجهو وڃي ڏٺم ته بي بي اي، ايم بي اي جي داخلا جو اعلان لڳل هو! چيم، واه جو موقعو آهي، ڇو نه ايڊميشن لاءِ اپلاءِ ڪجي! بنڪ ۾ داخ ٿيندي ڪائونٽر تان هڪ آفيسر کان پڇيم، ڪنهن کان فارم ملندو ايم بي اي جو؟ هن همراه کي الاءِ ڪهڙي تڪليف هئي جو جواب ڏيڻ به پسند نه ڪيائين! ڪنڌ هيٺ هيس ۽ ڪمپيوٽر ۾ منهن لڳو پيو هيس! مان وڃي سڌو بنڪ مينيجر سان مليم! ”سر، مونکي ايم بي اي جو فارم گهرجي!“ ”هي ٽائيم آ فارم وٺڻ جو؟ بنڪ جا ورڪنگ آورز ختم ٿي ويا آهن! هاڻي ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي!“ ”سر پليز، ٿورو خيال ڪريو! مان شڪارپور مان آيو آهيان، سڀاڻي آخري تاريخ آهي ۽ مٿان وري آچر! پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ”اڙي بابا، چيم نه هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو! توهان به سڄي دنيا جو خفو لاهي، ڪم ڪار ڪري پوءِ هتي آيا آهيو! هاڻي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون! توهان کي پنهنجو خيال ئي ناهي! گهڻو وقت ٿيو آ رزلٽ کي آئي... هاڻي اسان توهان لاءِ آچر تي ته بئنڪ نه کولينداسي!“ ”سر پليز! تنقيد کي ڇڏي ڪجهه تعاون ڪيو!“ ”آءِ ايم سوري! مان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان!“ ڪجهه وقت لاءِ مان مينيجر سان انگريزي ۾ ڳالهائيندو رهيم! پوءِ جو ڪنڌ ڦيرائي ڏسان ته بئنڪ جو سڄو اسٽاف اسانجي چوڌاري بيٺو آهي... هر ڪو وائڙو ٿي ڪري مينيجر کي پيو ڏسي! لڳي پيو ته هنن کي يقين نه هو ته هنن جو باس به انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو! نيٺ سائين مينيجر جي انگريزي به ٿڪجي پئي ۽ هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو! همراه کي ڄڻ تاوُ لڳي ويو! ”چيم نه هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو! هاڻي ويهي انتظار ڪريو!“ ”سائين ڀلا هاڻي ايترو ته ٻڌايو نه ته سڀاڻي آچر تي 26 تاريخ فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي پوءِ بئنڪ کليل رهندي؟“ ”اڙي بابا، اسان کي ڪا خبر ڪونهي، وڃي بينر پڙهي اچو!“ ”سر، بينر توهانجي بئنڪ جي ٻاهران لڳيل آهي، اوهانکي ته خبر هوندي نه!“ ”اڙي بابا، وڃي پاڻ پڙهو، اسانکي خبر ناهي!“ ان ڪشمڪش ۽ لفظن جي ويڙه ۾ مينيجر ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهو ٿي ويو! ايتري ۾ اسٽاف وارن مان هڪڙو همراه ويجهو آيو ۽ چيائين ”يار هروبرو ٿا پريشان ٿيو، 26 تاريخ هن مهيني جي نه پر اڳلي مهيني جي آ...“ ”واه سائين واه! مان به ته گذريل اڌ ڪلاڪ کان اهوئي پڇڻ پئي چاهيس!“ بس پوءِ مڙئي ڪو آسرو ٿيو! نه ته سمجهيم ته هيءَ ڊگري به هٿن مان وئي! الله الله ڪري بئنڪ مان جند ڇڏائي نڪتم! واقعي يار! شهر ۾ داخل ٿيندي جنهن ڳالهه جو مونکي خوف هيو ٿيو به ائين ئي! هر آفيس ۾ هر شخص جو رويو اهڙو هو جهڙي طرح خيرپور وارا ڏوڪن کي تئي ۾ تپائيندا هن! اڄوڪو ڏينهن ته منهنجي جيون جي ڊائريءَ جو هڪ يادگار صفحو بڻجي ويو! سڄو ڏينهن آفيسن جا چڪر لڳائي، آفيسرن جا عجيب رويا ۽ ردعمل ڏسي الائجي ڇو اوپرائپ جو احساس ٿيڻ لڳو! ڄڻ ته مان پنهنجي ديس کان ٻاهر هجان جتي سڀ اڻڃاتل، اڻ سڃاتل هجن! توڙي جو هيءَ يونيورسٽي پنهنجي سنڌ ۾ آهي ۽ هتي ڪم ڪندڙ به پنهنجا سنڌي ئي آهن، پر ڪنهن مان به ڪنهن سچي سنڌيءَ جي مهڪ ڪانه آئي! سنڌي جيڪي پنهنجي قرب، مهمان نوازي، سڪ ۽ پنهنجائپ واري رويي جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهن، اڄ مونکي هن ورسٽيءَ ۾ اهڙي ڪابه خوبي نظر نه آئي! هونئن ته هيءَ يونيورسٽي سنڌ جي عظيم هستي ۽ شاعرن جي سرتاج جي نانءُ تي ٺهيل آهي پر هتان جي ماڻهن ۾ لطيف وارو لڀف ۽ انسانيت، ديس ۽ ديس واسين ماروئڙن جي سڪ ۽ اڪير جي نالي ڪوبه احساس موجود نه هو! افسوس! الاءِ ڪهڙو حال ٿيندو هن ديس جو اگر پنهنجا ماڻهو ئي جائز ڪم ۾ ديس واسين جي مدد نه ڪن، اهو به علم و ادب جي ادارن ۾ جن کي ڪنهن به قوم جي بقا جو ثبوت سمجهيو ويندو آ! ختم ٿيو!