• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قسمت جا ستار

امير عدنان

سينيئر رڪن
safe_image3.png
قسمت جا ستارا ڪڏهن عروج تي هوندا آهن ته ڪڏهن وري گردش ۾. لک ڪوششن باوجود به ڪڏهن گردش ۾ ڦاٿل اها ستارا روشن ناهن ٿيندا، يا وري وڏو وقت عروج تي روشنين ۾ ٽمڪندي هڪدم اونداهين جي ڌٻڻ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ يا ته اتان ڪڏهن نه نڪرندا آهن يا وري وڏي جستجو کان پو وري عروج جي راه تي سفر ڪندا آهن. قسمت ۽ قسمت جي ان ستارن جي عروج، زوال، گردش جي حالتن ۾ مبتلا ماڻهواسان کي پنهنجي چوطرف اڪثر نظر ايندا آهن. اهڙا ڪيئي انسان اسان جي چوطرف موجود هوندا آهن جيڪي پوري قوت ۽ سالن جي تپسيا کان پو به ان ستارن کي گردش مان ناهن ڪڍي سگهندا يا عروج جي رستي تي ناهن لاهي سگهندا. پر ساڳي جا تي اهڙا به انسان آهن جن تي قسمت جي ديوي اهڙي مهربان ٿيندي آ جو بغير جستجو جي يا ائين چئجي جو انهن جو ڌيان ان جستجو طرف هوندو ئي ناهي پر رات وچ ۾ سندن اوندهاين جي گردش ۾ ڦاٿل ستارا هڪ دم عروج تي پهچي ويندا آهن جن جو کين پاڻ کي به يقين ناهي ايندو. اهڙو ئي هڪ تازو مثال لوٽي تي پني ڳائي وڄائيندڙ ٻن ڀينرن جي قسمت جو ستارو چمڪيو جن روڊ تي روزاني جي معمول مطابق جسٽن بيبر جي راڳ جا سر الاپيا ۽ انهن سرن کي ڪنهن ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو۽ ائين راتون رات ٻه پني ڳائي ڪمائيندڙ نيگرين موسيقي جي ستاري جي صورت حاصل ڪئي ۽ سندن قسمت جي ستارن راتون رات عروج جو منزلون پار ڪندي کين ٽي وي جي اسڪرين تي نمايان ڪري ڇڏيو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top