برطانيا: پگهار ۾ صنفي فرق ظاهر ڪرڻ لازمي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    برطانيا: پگهار ۾ صنفي فرق ظاهر ڪرڻ لازمي.

    برطانيا پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل قانون ۾ مجوزه ترميم تحت وڏن تجارتي ادارن کي مرد ۽ عورت ڪارڪنن جي پگهارن ۾ فرق ظاهر ڪرڻو پوندو.

    اهڙا ادارا، جن ۾ 250 هزار کان مٿي ملازم آهن، جيڪڏهن اهي ان قانون جي خلاف ورزي ڪندا ته مٿن 5 هزار پائونڊن تائين ڏنڊ وڌو ويندو.

    برطانيا ۾ تقريبن هڪ ڪروڙ ماڻهو، تجارتي ادارن لاءِ ڪم ڪن ٿا. موجوده قانون تحت ادارن جي لاءِ مرد ۽ عورت جي پگهارن ۾ فرق ظاهر ڪرڻ لازمي ناهي ۽ هيستائين صرف 5 هزار ادارن ايئن ڪيو آهي.

    لبرل ڊيمو ڪريٽ پارٽيءَ، پنهنجي مخالف حڪومتي جماعت ڪنزرويٽوِ پارٽي جي مخالفت باوجود ان پاليسيءَ جي حق م قانون ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي آهي.

    سرڪاري ترجمان جو چوڻ آهي ته موجوده قوانين تحت 275 کان وڌيڪ ادارن، جن جي ملازمن جو تعداد 25 لکن کان وڌيڪ آهي، صنفي پگهارن جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ جو عهد ڪيو آهي.

    لبرل ڊيموڪريٽ پارٽي جي سربراه ۽ نائب وزير آعظم نِڪ ڪليگ چيو آهي ته‘ ملازمن ۾ عورتن کي برابر حق حاصل ناهن ۽ ايڪويهين صدي ۾ به اهو برداشت نٿو ڪري سگهجي، عورتن کي هاڻ به اوسطن مردن کان گهٽ پگهار ڏني وڃي ٿي’

    اميد ڪئي پئي وڃي ته هڪ سال ۾ نئين قانون جو نفاذ ٿي ويندو.

    ٻئي طرف حزب اختلاف جي جماعت ليبر پارٽيءَ به قانون ۾ تبديليءَ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

    بي بي سي 8.3.2015
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو