درگاه حضرت سوڀو فقير لغاري اويسي سيلاني رحه خانپور مهر ضلع گهوٽڪي. مزار مبارڪ حضرت سوڀو فقير لغاري اويسي سيلاني رحه ﺣﻀﺮﺕ ﺻﻮﻓﻲ ﺳﻮڀو ﻓﻘﻴﺮ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺍﻭﻳﺴﻲ سيلاني رحه ﺑﺴﻢ ﺍﻟﻠﻪ ﺍﻟﺮﺣﻤﻦ ﺍﻟﺮﺣﻴﻢ ﺣﻤﺪ ﻭ ﺛﻨﺎ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﺑﻴﺎﻥ ڪﻴﻮ ﻭڃي ٿو ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺳﻮﺍﻧﺢ ﺣﻴﺎﺕ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮﺭ ﺳﭙﺮﺩ ﻗﻠﻢ ڪﺮﻳﺎﻥ ٿو. ﺍﻣﻴﺪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻞ ﺑﺼﻴﺮﺕ ﻫﻦ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺍﺣﻮﺍﻝ ﮐﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻳﺎﺩ ﮔﻴﺮﻱ ﮐﻲ ﺗﺎﺯﻭ ڪﻨﺪﺍ. ﺑﻨﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎﺩﻡ ﺍﻟﻔﻘﺮﺍﺀَ ﻧﻪ ﺍﺭﺩﻭ ﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ﺍﻫﻞ ﻋﻠﻢ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻻﺀِ ﺍﻫﻞ ﺑﺼﻴﺮﺕ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ۾ ﻋﺮﺽ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ڪﺘﺎﺏ ۾ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﻏﻠﻄﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﺮﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﺎﺩﻡ ﺍﻟﻔﻘﺮﺍﺀَ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ. ﻫﻲ ڪﻢ ﺑﻔﺮﻣﺎﺋﺶ ﻓﻘﻴﺮ ﻟﻌﻞ ﺧﺎﻥ ﻋﺎﻟﻤﺎڻي ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﺍﻣﻴﺪ ﺗﻪ ﻣﻨﻈﻮﺭ ڪﻨﺪﺍ. ﺳﻮﺍﻧﺢ ﻋﻤﺮﻱ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺣﻀﺮﺕ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﺑﻬﺎﻭﻟﭙﻮﺭ ﮐﺎﻥ ﻫﺠﺮﺕ ڪﺮﻱ ﻣُﻠڪ ﺳﻨڌ ۾ ﻗﻴﺎﻡ ﭘﺬﻳﺮ ٿيو. ﭘﺎڻ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﻗﻮﻡ ﺟﺎ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺁﻫﻦ. ﭘﺎڻ ﺑﺤﺮ ﻋﺮﻓﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺨﺰﻥ ﻣﻤﺘﺎﺯ ﻫﺴﺘﻲ ﺩﺭﻳﺎ ﻳﻘﻴﻦ ﺭﻫﺒﺮ ﮐﺎﻣﻞ ﻭ ﺍﮐﻤﻞ ۽ ﺧﻠﻴﻔﻪ ﺣﻀﺮﺕ ﺻﺎﺣب ﺍﻟﺴﻴﺮ ﻋﻠﻴﻪ ﺍﻟﺮﺣﻤﺘﻪ ٿيﮔﺬﺭﻳﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺩﺭﻱ ٻوﻟﻲ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺁﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺳﻨڌ ۾ ﺭﻫڻ ﻗﺒﻮﻝ ڪﺮڻ ڪﺮﻱ ﺳﻨڌﻱ ٻوﻝ ﭼﺎﻝ ﺑﻪ ڪﻨﺪﺍ ﻫﻴﺎ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺷﻌﺮ ﺑﻪ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ۽ سنڌﻱ ٻنهي ﺯﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺼﻨﻴﻒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﺁڙﺍﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺴﺖ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﻧﺸﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﻃﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﻴﻦ. ﻣﺴﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺷﻌﺮ ﺟﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫُﻴﻦ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﺍﺳﻄﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺷﻌﺎﺭ ۾ ڪٿي ڪٿي ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺯﺑﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﻠﻴﻞ ﺟﻠﻴﻞ ﺍﻟﻔﺎﻅ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ۾ ٿيندا ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻦ ٿا. ڪﻼﻡ ﭼﻮڻﻭﻗﺖ ﻓﻘﻴﺮ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺟﻲ ﺣﺎﻝ ۾ ڪﻮﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻴﻦ. ﻧﺎﻟﻮ ۽ ﻭﻻﺩﺕ ﻣﺎﺀُ ﭘﻲﺀُ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻮڀو ﻓﻘﻴﺮ ﺭﮐﻴﻮ. ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻭﺍﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺍﺣﻤﺪ ﻫﻴﻮ. ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻭﻻﺩﺕ ڳوٺ ﺩﺍﺋﻮ ﻭﺍﻟﻲ ۾ ٿي. ﺩﺍﺋﻮ ﻭﺍﻟو ڏﻫﺮڪﻲ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ﺍُﺗﺮ ﻃﺮﻑ ﺍﻧﺪﺍﺯﻥ 5 ﻳﺎ 6 ﻣﻴﻞ ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻭﺍﻗﻊ ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫڪ ڀيڻ۽ ٽي ڀائر ﻫﺌﺎ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻭﻻﺩﺕ ﺩﺳﺘﻴﺎﺏ ڪﻮﻧﻪ ٿي ﺳﮕﻬﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍﻟﺒﺘﻪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻭﻓﺎﺕ ﮐﻲ ﻣﺪﻧﻈﺮ ﺭﮐﻲ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﻻﺩﺕ ﺟﻮ ﺳﻦ 1225 ﻫﺠﺮﻱ ﻗﻴﺎﺱ ڪﻴﻮ وڃي ٿو. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻭﻻﺩﺕ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ڪﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺋٽ ﺩﺍﺋﻮ ﻭﺍﻟﻲ ﮐﺎ ﻫﺠﺮﺕ ڪﺮﻱ ڳوٺ ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۾ ﺳڪﻮﻧﺖ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺌﻲ. اڄ ﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺟﺎ ڪﺎﻓﻲ ﻓﺮﺩ ڳوٺ ﺩﺍﺩ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۾ ﺭﻫﺎﺋﺶ ﭘﺬﻳﺮ ﺁﻫﻦ. ﻇﺎﻫﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺎڻ ننڍﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﻧﺎﻇﺮﻩ ﻗﺮﺁﻥ ﺷﺮﻳﻒ ﭘڙﻫﻴﺎﺋﻮﻥ. ﻓﺎﺭﺳﻲ ڪﺘﺎﺏ ﮔُﻠﺴﺘﺎﻥ ۽ ﺑﻮﺳﺘﺎﻥ ﺑﻪ ﭼڱي ﻃﺮﺡ ڄاڻنداﻫﺌﺎ. ﺣُﻠﻴﻮ ﻣﺒﺎﺭڪ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﻗﺪ ﺩﺭﻣﻴﺎﻧﻮ ﻫﻮ. ﺭﻧﮕﺖ ڪڻڪ ﺟﻬڙﻱ ﻫﺌﻲ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﺎ ﻋﻀﻮﺍ ﺗﻤﺎﻡ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺑﺎڪﻤﺎﻝ ﻫﻴﺎ. ﻟﺒﺎﺱ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺩﺳﺘﺎﺭ ۽ ﭘﻬﺮﺍڻ ﺳﺎﺋﻲ ﺭﻧﮓ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺗﻬﺒﻨﺪ ﺳﺎﺩﻭٻَڌندا ﻫﺌﺎ. ﻋﻤﺮ ڀر ﺳﺎﺩﮔﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ. ﺳﻠﻮﺍﺭ ﺗﺴﻴﻠﻪ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ڪڏﻫﻦ ﺳﺎﺩﮔﻲ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﺰﺍﺭ ڪﻮﻧﻪ ٿيا. ﻏﺬﺍ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺩﻭ ﮐﺎڌو ﭘﺴﻨﺪ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﻮﺳﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ ﺟﻴڪﻮ ﻃﻌﺎﻡ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﻫﻴﻦ ﺳﻮ ﻭڏﻱ ﭼﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﻧﻮﺵ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎٿڌو ﭘﺎڻي ﺑﻪ ﻭڏﻱ ﺷﻮﻕ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺌﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻي ﭘﻴﺌڻ ﻭﻗﺖ ﺳﻨﺪﻥ ﺯﺑﺎﻥ ﺗﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻲ ﺷڪﺮ ﺟﻮ ﻭﺭﺩ ﺟﺎﺭﻱ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫُﻴﻦ. ﺩﺳﺖ بيعت ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ننڍپڻ ﺟﻲ ﻭﻗﺖ ﮐﺎﻥ ﻭٺي ﻣﺴﺘﺎﻧﻲ ﺣﺎﻝ ﺧﻴﺎﻝ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﺊ ڪﺮﻱ ﭘﺎڻﮐﻲ ﺍﺑﺘﺪﺍ ۾ ﺟﻮﺵِ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﻣﺤﻮ ﺭکندا ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲ ﺟﻮﺵِ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻲ ﻏﻠﺒﻲ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﺎڻ ﺟوڳين ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ﺑﻪ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﺌﻲ. ﺟﻬﻨﮕﻠﻦ ۽ ﭘﻬﺎڙﻥ ﺟﺎ ﺳﻴﺮ ﺑﻪ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺟﻮ وڃي ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺑﻐﺪﺍﺩ ﺷﺮﻳﻒ ﭘﻬﺘﺎ. ﻣﮕﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮڳين ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﮔﻬڻو ﺳڪﻮﻥ ڪﻮﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ. ﺳﻮ ﻣﺠﺒﻮﺭ ٿي ڪﺮﻱ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﻭﺭﻳﺎ. ﭘﺎڻ ﻫﻤﻴﺸﻪ ڪﻨﻬﻦ ﻣﺮﺩ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ڳوﻻ ۾ ﺭﻫﻴﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﻟڪ ﮐﻲ ﻋﺒﻮﺭ ڪﺠﻲ. ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻬﻴﺴﺮه ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڏکڻ ﻃﺮﻑ ﻫڪ ﻣﺎڻھو ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺁﻳﺎ. ﺍُﺗﻲ ﻻﻝ ﭘﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﺟﻮ ﺭﻭﺿﻮ ﺁﻫﻲ. ﭘاڻ ﺍﻧﻬﻲ ﻣﺎڻھو ﻭٽ ﺭﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ڪﻢ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﺭﻭﺿﻲ ﻣﺒﺎﺭڪ تي وڃي ﭘڙﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﻫڪ ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ اندر ﺷﻴﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ﻇﺎﻫﺮ ٿي. ٻي ﺩﻓﻌﻲ ﻧﺎﻧﮓ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ﻧﻤﻮﺩﺍﺭ ٿي. ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎڻ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ﺳﻮڀو ڊڄڻ ﻭﺍﺭﻭ ﻧﺎﻫﻲ. ڊيڄاﺭﻳﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺻﻠﻲ ﺻﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺮﺍﻳﻮ“. ﭘﻮﺀِ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﻗﺖ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻣﺰﺍﺭ ﻭﺍﺭﻭ ﺑﺰﺭﮒ ﺳﻴﻨﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺒﺮ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻇﺎﻫﺮ ٿيو. ﺳﺞ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺭﻭﺷﻨﻲ ٿي. ﭘﺎڻ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻋﺮﺽ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ڪﺠﻬﻪ ﻓﻴﺾ ﺍﻟﻠﻪ ڪﺎﺭڻ ﻋﻄﺎ ٿئي“. ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﻼڻي ﺟﻬﻨﮓ ۾ ﻭڃي ﻟﻮڙﻫﻮ ڏﺋﻲ ﻭﻳﻬﻪ. ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺮﺽ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺳﻮڀو، ﻟﻮڙﻫﻮ ڏﺋﻲ ﻭﻳﻬڻ ﻭﺍﺭﻭ ﻧﺎﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻓﻴﺾ ڏيڻو ﺍٿوَ ﺗﻪ ڏﻳﻮ“. ﺑﺰﺭﮒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻣﺎنوٽ ﻧﻴﺮ ﺟﻲ ڪُﻦِ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ٽٻي ڏﺋﻲ ڪﺮﻱ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﮐﻲ ڏﻳﻮﻥ. ﺍﻫڙﻭ ﻧﻴﺮ ﺟﻮ ڪُﻦُ ﺣﻀﺮﺕ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻟﺴﻴﺮ ؒ ﻭٽ ﺁﻫﻲ، ﺳﻮ ﺍﻭڏﺍﻧﻬﻦ ﻭڃ“. درگاه حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني صاحب السير رحه تعلقه خانقاه شريف ضلع بهاولپور. درگاه خواجه محڪم الدين سيلاني صاحب السير رحه ڌوراجي بندر ضلع راجڪوٽ گجرات انڊيا. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺷﻮﻕِ ﺩﻳﺪﺍﺭ ﭘﻴﺪﺍ ٿيو ﺗﻪ ﺣﻀﺮﺕ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻟﺴﻴﺮ ؒ ڪٿيﺁﻫﻦ. ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺭﺍﺕ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﻧﺼﻴﺐ ٿي. ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺋﻲ ﺩﺳﺖ ﺑﻴﻌﺖ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ۽ ﺑﺎﻃﻨﻲ ﻓﻴﺾ ﻋﻄﺎ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺍﺭﺷﺎﺩ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ”ﻣﻴﺎﻥ ﺳﻮڀا ، ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﺍﭼﻮ“. ﺟڏﻫﻦ ﺧﻮﺍﺏ ﮐﺎﻥ ﺑﻴﺪﺍﺭ ٿيا ﺗﻪ ﺍﻧﻮﻗﺖ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺍڻ تڻ ﭘﻴﺪﺍ ٿي ﺗﻪ ﺟﻠﺪﻱ ﻫﻠﻲ ڪﺮﻱ ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺗﻼﺵ ڪﺮﻱ ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺠﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺗﻼﺵ ۾ لڳي ﻭﻳﺎ. ﺧﺪﺍﻭﻧﺪ ڪﺮﻳﻢ ﻣﺴﺐ ﺍﻻﺳﺒﺎﺏ ﺁﻫﻦ. ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻫڙﻭ ﺳﺒﺐ بڻيو ﺟﻮ ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ﺳﻔﺮ ڪﻨﺪﻱ سنڌ ۾ ﺗﺸﺮﻳﻒ ﻓﺮﻣﺎ ٿيا. ۽ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﺳﺎﻥ ﻭڃي ﻣﻠﻴﺎ. ﻣﻼﻗﺎﺕ ٿيڻ ﺷﺮﻁ ﺟڏﻫﻦ ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ﺧﻮﺍﺏ ﻭﺍﺭﻱ ﺻﻮﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﺋﻲ ڏٺي ﺗﻪ ﻭڃي ﻫڪ ﺑﻴٺي. ﻳﻌﻨﻲٰ ﺻﻮﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﺻﻮﺭﺕ ﻣﻠﻲ ﻭﺋﻲ. ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺧﺪﺍﻭﻧﺪ ڪﺮﻳﻢ ﺟﺎ ﺷڪﺮﻳﻪ ﺍﺩﺍ ڪﻴﺎ. ۽ ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭفؒ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻗﺪﻡ ﻣﺒﺎﺭڪ ﭼﻤﻴﺎ ۽ ﺩﺳﺖ ﺑﻴﻌﺖٿيڻ ﻻﺀِ ﻋﺮﺽ ڪﻴﻮ. ﺣﻀﺮﺕ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ؒ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﮐﻲ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﺍﭼڻ ﻻﺀِ ﭼﻴﻮ. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺍﻣﺮ ﻣﻮﺟﺐ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﻭڃي ڪﺮﻱ ﺧﺮﻗﻪ ﺧﻼﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺳﺮﻓﺮﺍﺯ ٿيا ۽ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻓﻴﺾ ﻭٺي ﺁﻳﺎ. سنڌ ﻭﺍﭘﺲ ﺍﭼﻲ ڪﺮﻱ ﻓﻴﺾِ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ جاري ڪيائون. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۽ ﺑﺮڪﺖ ﺳﺎﻥ ﻓﻴﺾِ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ۾ ﺟﺎﻡ ﻃﺎﻟﺐ ٿيا. ﺣﻀﻮﺭ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻓﻴﺾ ﺟﻮ ﺳﺘﺎﺭﻭ ﭼﻤڪڻ لڳو. ﺍﻻﺋﻲ ڪٿان ڪٿان ﺟﺎ ﻣﺎڻھو ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ﺭﻭﺣﺎﻧﻲ ﻭﻧڊ ﻭٺڻ ﻻﺀِ ﭘﻬﭽڻ ﺷﺮﻭﻉ ٿيا. ﺍﻫﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎﺭﻱ ﻭ ﺳﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ.ﺍﻫﻮ ﺳﺎﺭﻭ ڪﺮﻡ ﺟﻴڪﻮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ٿيو ﺳﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﺩﻧٰﻲ ڪﺮﺷﻤﻮ ﻫﻴﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ سرڪار جا بزرگ هن ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﺎ ﭘﻴﺮڀائين کي لمي وارا ﻓﻘﻴﺮ جي لقب سان سڏيندا آھن. ﺣﻀﺮﺕ ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻓﻴﺾ ۽ ﻋﻈﻤﺖ ﺗﻲ ﻧﺎﺯ ۽ ﻓﺨﺮ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ. ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻲ ڪﺸﺶ ﺟﻲ ﻭﺟﻪ ﺳﺎﻥ ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ ۽ ﺭﺍڳ ﻭﻳﺮﺍڳ ﮐﻲ ﮔﻬڻو ﭘﺴﻨﺪ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﺍﺳﻄﻲ ﺍﻫﻞ ﻭﻻﻳﺖ ﺑﺰﺭﮔﻦ ﺟﺎ ﻣﻌﻨﻲٰ ﺳﺎﻥ ڀرﻳﻞ ﺳﺨﻦ ۽ ڳائڻ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﻣٺي ﺯﺑﺎﻥ ۽ ﺑﺎﺟﻦ ﺟﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ ٻُڌي ڪﺮﻱ ﻣﺮﻍ نيم ﺑﺴﻤﻞ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺗڙﭘﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﺭﺍڳ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڳائڻ ۾ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ﺍﺛﺮ ﻫﻮ ﺟﻮ ٻُڌڻ ﻭﺍﺭﺍ ﻣﺴﺖ ٿي ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻢ ﺻﺤﺒﺖ ﭘﻴﺮ ڀائي ﻫﺮ ﻭﻗﺖ ﺭﺍڳ ﮐﻲ ﮔﺮﻡ ﺭﮐﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ﻣﺠﻠﺲ ﺳﻤﺎﻉ ﮐﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺟﻬڙﻭ ﺑﺰﺭﮔﻦ ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﺳﻤﺎﻉ ﺟﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺯﺍﺭﻭﻗﻄﺎﺭ ﺍﮐﻴﻦ ﻣﺎﻥ ﻧﻴﺮ ﻭﻫﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻋﺒﺎﺩﺕ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﺩﺕ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻗﻠﺖ ﻣﻨﺎﻡ ﻳﻌﻨﻲٰ ٿوﺭﻱ ﻧﻨڊ،ٿوﺭﻭ ڳاﻟﻬﺎﺋڻ ۽ ﮔﻬڻر ﮐﺎﻥ گهڻو ﻭﻗﺖ ﻋﺒﺎﺩﺕ ﺍﻻﻫﻲ ۾ ﺻﺮﻑ ڪﺮڻ ﻃﺮﻑ ﻣﺎﺋﻞ ﻫُﺌﻲ. ﭘﺎڻ ﺷﺮﻉ ﺷﺮﻳﻌﺖ جا ﭘﺎﺑﻨﺪ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ﺭﻭﺯﻭ ، ﻧﻤﺎﺯ ۽ ﺗﻼﻭﺕ ﻗﺮﺁﻥ ﭘﺎڪ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﮔﻲ ﺳﺎﻥ ﺍﺩﺍ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺖ ﻧﺒﻮﻱ ﺟﺎ ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻋﺼﺎ، ﺗﺴﺒﻴﺢ، ڪﻮﺋﻨﺮﻭ، ﻣﺼﻠﻮ، ڏﻧﺪڻ، ﺳﺮﻣﻮﻥ ۽ڦڻي ﺳﺎڻ ﺭﮐﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻋﺎﻡ ﺣﺎﻻﺕ ﺟڏﻫﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﻣﺒﺎﺭڪ ﮐﺎﻥ ﻓﻴﺾ ﻭٺي ڪﺮﻱ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺳﺎﻥ ﺭﻫڻ لڳو. ﻣﮕﺮ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺭﺷﺘﻴﺪﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻧﻪ ﻟڳي ۽ ﺳﻨﺪﻥ ﺩﻝ ﮐﻲ ﻗﺮﺍﺭ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ. ﺑﺤﺎﻟﺖ ﻣﺠﺒﻮﺭﻱ ﺟﺪﺍ ٿي ڪﺮﻱ ڳوٺ ﻋﺎﻟﻤﺎڻن ۾ ﭘﻴﺮ ڀائي ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫڻ لڳا. ڪﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻟﻮﻫﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﭘﻴﺮ ڀائي ڀائن ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﺳﺎﻥ ﻟﻮﻫﻲ ۾ ٽڪﺎڻو ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﺍﻧﻬﻦ ﭘﻴﺮ ڀائين ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﮔﻬڻي ﺩﻟﺪﺍﺭﻱ ڪﺌﻲ. ۽ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻧﻬﻦ ﻭٽ ﮔﻬﺮ ﺟي ڀاﺗﻴﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍﺗﻲ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﮔﻬڻو ﺑﻴﺪﺍﺭ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﻣﺨﻔﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ۾ ﻣﺸﻐﻮﻝ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫڪڙﻱ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫڪ ڪﻮﺭﻱ ۽ ﻻﺷﺎﺭﻱ ﮐﻲ ﺑﺪﮔﻤﺎﻧﻲ ٿي ﭘﺌﻲ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺭﺍﺕ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﭘٺيان ڳجهي ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺧﺒﺮ ﻟﻬڻ ﻟڳﺎ. ﻫڪ ﺭﺍﺕ ﺍﻭﭼﺘﻮڇا ڏسن ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫڪ ﻭڻ ھيٺيان ﭼﺌﻦ ﻳﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﺤﻮ ﮔﻔﺘﮕﻮ ﺁﻫﻦ. ﺍﻫڙﻭ ﺗﻤﺎﺷﻮ ڏﺳﻲ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪڙﻭ ﺑﻴﻬﻮﺵ ٿي ڪﺮﻱ ڪِﺮﻱ ﭘﻴﻮ ۽ ٻي ﮐﻲ ﺗﻪ ڪﺎ ﺷﺌﻲ ڏﺳﺠڻ۾ ﺋﻲ ﻧﻪ ﭘﻲ ﺁﺋﻲ. ﺟڏﻫﻦ ﺑﻴﻬﻮﺷﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﻫﻮﺵ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻦ ﺳﺎﺭﻱ ﺣﻘﻴﻘﺖ ڪﺮﻱٻُڌائي ﺗڏﻫﻦ ٻنهي ﻭڃي ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻗﺪﻡ ﺑﻮﺳﻲ ڪﺌﻲ. ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺮڪﺖ ﺟﻮ ﺳﻤﻮﺭﻭ ﺍﺣﻮﺍﻝ ڪﺮي ٻُڌاﻳﺎﺋﻮﻥ. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﻋﺮﺽ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ ڪﺮﻱ ۽ ﻫﻮ پڻ ﺍﻫڙﻱ ڪﻢ ﮐﺎﻥ ﺗﻮﺑﻪ ﺗﺎﺋﺐ ٿين ﭘﻴﺎ. ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻫُﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ ڪﻴﻮ. ﺍﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺑﻌﺪ ﺍُﺗﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎڻھن ﮐﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻗﺪﺭ ﻭ ﻣﻨﺰﻟﺖ ﺟﻲ ﭘﺮﻭڙ ﭘﺌﻲ ۽ ﻣﺎڻھو ﺟﻮڪ ﺩﺭ ﺟﻮڪ ﺍﭼڻ لڳا. ﺍﻟﻠﻪ ﺗﻌﺎﻟﻲٰ ﺟﻮ ﻭﺭﻱ ﺍﻫڙﻭ ڪﺮﻡ ٿيو ﺟﻮ ﻓﻘﻴﺮ جي ﺁﺳﺘﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻟﻨﮕﺮ ﺑﻪ ﺟﺎﺭﻱ ٿيڻ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺍﺭﺍﺩﻭ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﻫڪ ﺍلڳ ﺁﺳﺘﺎﻧﻮ ﺑﻨﺎﺋﺠﻲ. ﺗڏﻫﻦ ﭘﻴﺮڀائين ﻭﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ٻن ﻓﺮﻻﻧﮕﻦ ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻣڪﺎﻥ ﺑﻨﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ۽ ﺍُﺗﻲ ﺭﻫڻ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﻫڪ ﮐﻮﻫﻲ ﭘﺎڻي ﻻﺀِ ﮐﻮٽﺎﻳﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺮ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻭﻳﻨﺪڙ ﮐﻲ ﭘﺎڻي ﺟﻲ ڪﺎ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﻧﻪ ٿئي. ﺍُﻫﻮ ﻣڪﺎﻥ ۽ ﮐﻮﻫﻲ ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻬﺮﻳﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ. ڪﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﺎﻥ ﻭﺻﺎﻝ ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ ﻭﻳﺎ. ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﺍﻥ جڳھ ﺗﺎﻥ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﻣﺰﻭ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ. ﺩﻝ ﮐﻲ ﺗﺴڪﻴﻦ ۽ ﻗﺮﺍﺭ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ. ﺑﺤﺎﻟﺖ ﻣﺠﺒﻮﺭﻱ ﻭﺭﻱ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺟﻲ محبت ﺳﺎﻥ ﻣﻮٽﻲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﻭٽ ﺁﻳﻮ. ﺍُﺗﻲ ﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﻭٽ ﭘﺮﻱ ﭘﺮﻱ ﺟﺎ ﻣﺎڻھو ﺯﻳﺎﺭﺕ ۽ ﺩﻋﺎ ﻭﺍﺳﻄﻲ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫڪ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﺟﻮ ﺳﻴّﺪ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺯﻳﺎﺭﺕ ڪﺮڻ ﺟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺁﻳﻮ ﭘﻮﺀِ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻﺀِ ﺍُﺗﻲ ﺋﻲ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ ۽ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﻭﺭﻫﻴﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻳﺎ. ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻭﺻﺎﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ۾ ٿيو. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﺟﻦ ﺟﻮ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﻫﻮ ﺗﻪ پيرﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺍﻭﻟﻬﻪ ﻃﺮف ﮐﺎﻥ جڳھ ڏﺟﻮ. ﺑﻤﻮﺟﺐ ﻓﺮﻣﺎﻥ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ جي تي پير محمد شاه کي ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺩﻓﻦ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ. پير محمد شاه جي ﻣﺰﺍﺭ ﺑﻪ ﺭﻭﺿﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺁﻫﻲ. ﺳﻮڀي ﻓﻘﻴﺮ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﭘﻴﺮ ڀاﺋﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﺸﺘﺮڪﻪ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺯﻣﻴﻦ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺌﻲ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﭘﻴرڀائين ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺌﻲ. ﺍﺗﻲ ﻫڪ ﮐﻮﻫﻪ ۽ ﻫڪ ﻣڪﺎﻥ ﺑﻪ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻮﻥ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺍﺭﺍﺩﻭ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﻨﺒﺮ ﺟﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻﺀِ ﺳﺮﻭﻥ ﮔڏ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ۽ ﺭﻭﺿﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫٿن ﺳﺎﻥ شروع ڪيائون. ماڻھو جي قد کان زياده ﺩﻳﻮﺍﺭ ﭘﺌﻲ ٺاهي ﻭﺋﻲ ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ ﻟﺒﻴڪ ﭼﺌﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﺟﻮ ﺟﺎﻡ ﭘﻴﺘﺎﺋﻮﻥ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮﺭﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﺷﺎﺩﻱ ﻧﻪ ڪﺌﻲ. ﺑﻨﺎ ﺍﻭﻻﺩ ﺟﻲ ﺋﻲ ﺭﻫﻴﺎ. ﭘﺎڻ ﻋﺠﺐ ﻣﺮﺩ ﺁﺯﺍﺩ ﻫﺌﺎ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ۾ ﻣﺎﺋٽﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫﻮ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎﺩﻱ سنڀاليو ﻣﮕﺮ ﻫﻮ ﺍﻥ ﻓﻘﻴﺮﻱ ﺟﻲ ﻣﺰﻱ ﮐﺎﻥ ﺁﺟﺎ ﻫﺌﺎ. ﺗﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﺍُﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ڪﻮﺑﻪ ﻓﻘﻴﺮ ڏﻱ ﻟڙﻱ ڪﻮﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻓﻴﺾ ﻭﺍﺭﻱ ﺳﻠﺴﻠﻲ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﮐﺠﻲ. ﺷﺎﻳﺪ ﺍﻧﻬﻦ ۾ ﺍِﻫﻮ ﺑﺎﺭ کڻڻ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ڪﻮﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ﻭﺍﻟﻠﻪ ﺍﻋﻠﻢ ﺑﺎﻟﺜﻮﺍﺏ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﺑﻌﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣلڪﻴﺖ ﻋﺎلماڻي ﻓﻘﻴﺮ ﻟﻌﻞ ﺧﺎﻥ ﻭٽ ﺭﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﻗﺎﺩﮔﻲ ﺳﺎﻥ ﻧﻨﮕﺮ ۽ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺟﻮ ﺍﻧﺘﻈﺎﻡ ڪﻴﻮ. ﺍﺧﻼﻕ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺧﻮﺵ ﺧﻠﻖ، ﻧﻴڪ ﺧﻮﺀِ ۽ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻧﺮﻡ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻣﺎﻟڪ ﻫﺌﺎ. ﻭڏﻥ ﺟﻲ ﻋﺰﺕ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ننڍﻥ ﺗﻲ ﺷﻔﻘﺖ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ۽ ﻫﻤﻨﺸﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﻋﺰﻳﺰ ڪﺮﻱ ڀاﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳڀ ﺳﺎﻥ ﺩﻟﺠﻮﺋﻲ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﺮ ﻫڪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﻧﻴڪ ﻧﻈﺮ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻏﺮﻳﺐ ﺑﻴڪﺴﻦ ﺗﻲ ﺭﺣﻢ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ﺳﺎﺩﮔﻲ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﻫﺌﺎ. ﺳﻴّﺪﻥ ۽ ﺩﺭﻭﻳﺸﻦ ﮐﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﻋﺰﺕ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ڏﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎڻ ﻏﺮﻳﺒﻨﻮﺍﺯ ۽ ﻣﻬﻤﺎﻥ ﻧﻮﺍﺯ بي ﺣﺪ ﺩﺭﺟﻲ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ. ﺍﺭﺷﺎﺩ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﺩﺭﻳﺎ ۾ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻟﻄﻒ ﻭﺭﺗﻮ ﺟﻮ ڪﻮﺋﻲ ﺍﻫﻞ ﺭﺍﺯ ﺋﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﻨﺰﻟﺖ ﮐﻲ ﭘﺮﻭڙﻱ ﺳﮕﻬﻲ ٿو. ﻫڪ ﺩﻓﻌﻲ ﺧﻮﺍﺟﻪ ﺳﻠﻄﺎﻥ ﺍﺣﻤﺪ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺎﻡ ﻣﺠﻠﺲ ۾ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ﺟﻴﺘﺮﻱ ﻣﺪﺍﺭﺝ ﻭﺍﺭو ڪﻮ ﻓﻘﻴﺮ سنڌ ۾ ڪﻮﻧﻬﻲ. ﭘﺎڻ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮڀو ﺍﻥ ﺑﺎﺑﺖ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﺭﺍﺯ ﺟﻮﻥ ڳاﻟﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڪﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻲٿو. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮔﻬڻو ڪﺮﻱ ﺧﺎﻣﻮﺷﻲ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﭘﺎڻ ﺟﻴڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻇﻬﺎﺭ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ ﺳﻮ ﺷﻌﺮﻥ ﺫﺭﻳﻌﻲ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ. ﻭﻓﺎﺕ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ﺟﻲ ڳوٺ۾ لڳ ڀڳ 90 ﻭﺭﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۾ ﺗﺎﺭﻳﺦ 21 ﺫﻭﺍﻟﻘﻌﺪ 132ٰ5 ﻫﺠﺮﻱ ۾ ﺩﺍﺭﺍﻟﺒﻘﺎ ﻃﺮﻑ ﺭﻭﺍﻧﻪ ٿيا. ﺍِﻧّﺎَ ﺍﻟﻠﻪ ﻭَ ﺍِﻧّﺎﺍﻟﻴﻪ ﺭﺍﺟﻌﻮﻥ. ﺍﻧﻬﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﻣﻨﻌﻘﺪ ٿيندو ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ۾ ﺣﻀﺮﺕ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﺭﻑ ﻋﻠﻴﻪ ﺭﺣﻤﺘﻪ ﺟﻮ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ 21 ﺟﻤﺎﺩﺍﻻﻭﻝ ﺗﻲ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺍڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺭﻭﺿﻮ ﻣﺒﺎﺭڪ ڳوٺ ﻋﺎﻟﻤﺎڻي ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎٿيلو، سنڌ ۾ ﺁﻫﻲ. ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڳوٺﻋﺎﻟﻤﺎڻي 16 ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ﺁﻫﻲ. ﺍُﺗﻲ ﭘﻬﭽڻ ﻻﺀِ ﺳﻮﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ. ﻭﻓﺎﺕ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺟﻮ ﺍﺣﻮﺍﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻭﺻﺎﻝ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﺭﻭﺿﻲ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﭘﻴﺮ ڀاﺋﻴﻦ ڪﺮﺍﻳﻮ ۽ ﻫڪ ﻣڪﺎﻥ ﻣﺴﺎﻓﺮﻥ ﻭﺍﺳﻄﻲ ٺاﻫﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺁﺭﺍﻡ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺭﻭﺿﻲ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ٻه ﻣﺰﺍﺭﻭﻥ ﺁﻫﻦ. ﺍﻭڀر ﻃﺮﻑ ﺣﻀﺮﺕ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀي ۽ ﺍﻭﻟﻬﻪ ﻃﺮﻑ ﻓﻘﻴﺮ ﭘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺁﺭﺍﻣﻲ ﺁﻫﻦ. ﻣﺮﺩ ﻧﻪ ﻣﺮﻥ ڪڏﻫﻦ ڪﻮﭘﺎ ﻫﻦ ﻗﺎﺋﻢ )ﺑﻴﺪﻝ ﺳﺎﺋﻴﻦ( ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﺩﺍﺩ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين پير ڀائين ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﺁﻫﻲ. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ جي ﻋﺮﺱ ﺟﻮ ﺳﻤﻮﺭﻭ ﺧﺮﭺ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﺟﺎﺋﺪﺍﺩ ﺟﻲ ﺁﻣﺪﻧﻲ ﻣﺎﻥ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﺁﺩﺍﺏ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻋﺮﺱ ﺗﻲ ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﻋﺮﺱ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺗﻲ ﭘﻴﺮﻳﻦ ﭘﻴﺎﺩﻭ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﮐﻲ ﺍﻳﺌﻦ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺟﻬڙﻭڪ ﻣﺎڻھو ﻣڪﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﺯﻳﺎﺭﺕ ﮐﻲ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ. ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﺮﺷﺪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺑﺎﺭ ۾ ﭘﻬﭽﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭘﻴﺮﻳﻦ ﺍﮔﻬﺎڙﻭ ٿي ڪﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﻣﺠﻠﺲ ﮐﻲ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻣﺠﻠﺲ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺣﺪﻳﺚ ﺷﺮﻳﻒ: ﻭَﻣَﻦ ﺍَﺭَﺩَ ﺍَﻥ ﻳَّﺠﻠِﺲَ ﻣَﻊَ ﺍﻟﻠﻪ ﻓَﻞ ﻳَﺠﻠِﺲ ﻣَﻊَ ﺍﻟﻔُﻘَﺮﺍﺀ سڀ صاحبان ﻣﺤﻞ ﻭﺍﻻ ﮐﻲ ﭘﻴﺮ ڪﺮﻱ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍڪﺜﺮ ڪﺮﻱ ٽﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻭڌﻳڪ ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﻘﺎﻩ ﺗﻲ ﻧﻪ ﺗﺮﺳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﺎﺍﺩﺏ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻮڀو ننڍي ﻋﻤﺮ ۾ ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ٿيو. ڪﻨﻬﻦ ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ﺟﺎ ﺗﻴﺮ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﺩﻝ ﺗﻲ ﮔﻬﺎﻭَ ڪﺮﻱ ﻭڌا. ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﻮ گهڻو ﺣﺼﻮ ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺟﻲ ﻧﺎﺯ ﺑﺮﺩﺍﺭﻱ ۾ ﮔﺬﺭﻳﻮ.ڇو ﺟﻮ ﻋﺸﻖ ﻣﺠﺎﺯ ﺟﻮ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺍﻫڙﻭ ﺣﻴﺮﺕ ﺍﻧﮕﻴﺰ ۽ ﭘﺮﺟﻮﺵ ﻣﻨﺰﻝ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ.ڇو ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻧﺎﭘﻴﺪ ڪﻨﺎﺭﻭ ۽ ﺑﻲ ﺍﻧﺖ ﺑﺤﺮ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪﻮ ﺍﻥ ﺣﺎﻟﺖ ﻣﺎﻥ ﮔﺬﺭﻱ ﺗﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ سڌ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﻣﻘﻮﻟﻮ ﺁﻫﻲ، ”ﺍﻟﻤﺠﺎﺯ ﻗﻨﻄﺮﺗﻪ ﺍﻟﺤﻘﻴﻘﺖ) “ﻳﻌﻨﻲٰ ﻣﺠﺎﺯ ﺣﻘﻴﻘﺖ ڏﻱ ﻭٺي ﻭﻳﻨﺪڙ ﻫڪ ﭘﻞ ﺟﻮ ڪﻢ ڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ(. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎﻟڪ، ڪﺎﻣﻞ، ﺷﺎﺋﻖ ﺷﺮﻳﻌﺖ، ﻃﺎﺋﺮ ﻃﺮﻳﻘﺖ، ﻫﻤﺪﺭﺩ ﺣﻘﻴﻘﺖ، ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺟﻮ ﺧﺰﺍﻧﻮ، ﮔﻨﺠﻴﻨﻪ ﻋﺮﻓﺎﻥ ۽ ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﺩﺭﻳﺎ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﺠﺎﺯﻱ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ۾ ﻓﺮﻣﺎﺋﻦ ٿا ﺗﻪ: ”ﺳﻮڀاﺳﻤﺠﻬﻪ ﺻﻮﺭﺕ ﺳﺠﻦ ڪﻲ ﺳﺒﺤﺎﻧﻲ، ڦر ﻟﻮ ﺧﻮﺏ ﺧﺮﻗﻮ ﺗﺠﻠﻮ ﻧﻮﺭﺍﻧﻲ“ ”ڪﻨﮕڻﻫﻲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻي، ﺳڙﻥ ﭘﻴﺎ نناڻي، ﻣﺪﺩ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻴﻼﻧﻲ، ﻣﺌﻴﻦ ﺩﻡ ﺩﻡ ﺳڏﻳﺴﺎﻥ ڪﻨﮕڻ ﻣﻮﺗﻲ ﺩﺍڻا، ﻣﻮﻻ ﭘﺎڪ ڄاڻان، ﺳﻮڀل ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺩﺍ ﻣﺎڻا، ﻣﺌﻴﻦ ﻣﻮﺟﺎﻥ ﻣڻيسان“. ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻧﻈﺎﺭﻭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڳوٺ۾ ﺭﮐﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺴﺘﺎﻧﻮ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﻮ. ﺷﻌﺮﻥ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻭﻫﻲ ﮐﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ٿيو. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﻧﻈﺎﺭﻭ ٿيو. ﺍُﺗﻲ ﭘﺎڻ ﻣﻼ ﺣﻠﻴﻢ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﭘﻮﺀِ ﻟﻮﻫﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﻭﺳﺘﻲ ۾ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ڪﻮﺭﻱ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺍُﺗﻲ ﻫڪ ﻣﺎﺋﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ ﻧﻴڪ ﻧﻴﺖ ﻭڏﻱ ﻣﺤﺒﺖ ﺭﮐڻ ﻭﺍﺭﻱ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺍُﺗﻲ ﺭﻫڻ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺍﺗﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﮔﻬﺎﺭﻳﺎﺋﻮﻥ. ﻣﮕﺮ ﻗﻀﺎ ﺍﻻﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﺋﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ ۽ ٻيا ﻣﺤﺒﺖ ﻭﺍﺭﺍ ﺩﻧﻴﺎ ﻓﺎﻧﻲ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﻫڪ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﻭﻳﺎ. ﭘﻮﺀِ ﻓﻘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺍُﺗﺎﻥ ﻭﺍﭘﺲ ﻋﺎﻟﻤﺎڻين ۾ ﺍﭼﻲ ﺭﻫڻ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ ﻣﻼ ﺣﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﺑﺎﻗﻲ ﺩﻡ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﺎڻس ﻭﻓﺎﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﺍُﺗﻲ ﮔﺬﺭﻳﻮ. ﺟﻮ ﺍڄ ﺑﻪ ﺍُﺗﻲ ﺭﻭﺿﻲ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺟﻮ ﻧﺮﻭﺍﺭ ﻧﺸﺎﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ. ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻓﺎﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﺛﺒﻮﺕ ﻇﺎﻫﺮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭘﺎڻ ﺁﺭﺍﻡ ﭘﺬﻳﺮ ٿيا. ديوان “درد عشق “ ڪلام حضرت سوڀا فقير لغاري اويسي سيلاني رحه اردو رسالو سهيڙيندڙ: فقير سعد الله لغاري رحه سنڌيڪار: ﻓﻘﻴﺮ ﺣﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺳﺎڪﻦ ﺟﻬﺎﻥ ﭘﻮﺭ .