ڇا ڪير اهو تصور ڪري سگهي ٿو ته حُڪومت ڪنهن کاتي يا ان جي ڪنهن پراجيڪٽ لاءِ ڪي فنڊ مقرر ڪري يعني ڪنهن ترقياتي يا تحقيقاتي ڪم لاءِ پئسا ڏئي ۽ اهي پئسا يا فنڊ استعمال ٿيڻ بنا واپس ٿي وڃن، يعني مقرر مُدي تائين جيڪڏهن اهي فنڊ استعمال نه ٿي سگهن ۽ واپس ان اداري ڏانهن هليا وڃن جنهن جاري ڪيا هيا يعني ”ليپس“ ٿي وڃن؟ جي ها پاڪستان ۾ اهڙا افسوسناڪ ۽ شرمناڪ واقعا ڏٺا، ٻڌا ۽ پڙهيا ويندا آهن. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هڪ پاسي اسان چئون ٿا ته ترقياتي ۽ عوامي ڪم ٿين ئي نٿا ۽ ڪم جي تمام وڏي گنجائش موجود آهي پر ٻئي پاسي اسان جا ادارا ۽ انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ”ڪک ٻيڻو“ ڪرڻ لاءِ به تيار نظر نٿا اچن. اهڙا سرڪاري ادارا جيڪي ڪنهن پراجيڪٽ يا ڪم لاءِ مليل فنڊن يا پئسن کي مقرر وقت اندر استعمال نه ڪري سگهندا آهن ۽ فنڊن جي ”ليپس“ ٿيڻ کي پنهنجي توهين سمجهندا آهن ته پوءِ وري اهي اهو جڳاڙ ڪندا آهن جو ڪوڙو پراجيڪٽ، ڪوڙو ڪم، ڪوڙا فائيل ۽ ڪوڙا ووچر ٺاهي ڏيکاريندا آهن ته هن پراجيڪٽ تي ڪم ٿيو ۽ ان تي هيترا فنڊ استعمال ٿيا ۽ ايئن اهي فنڊ يا پيسا جيڪي ڪنهن پراجيڪٽ يا ترقياتي ڪمن لاءِ موڪليا ويا سي سئو سيڪڙو ڪرپشن جي نذر ٿي ويندا آهن. سو انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪرپشن اسان جي معاشري جي رت ۾ شگر جي مرض جيان ڦهلجي وئي آهي. ڪو ماڻهو يا ادارو ناهي بچيو جيڪو ڪرپشن کان بچيل هجي. اڄ جي دور ۾ جيڪو ماڻهو ڪرپٽ ناهي يا ڪرپشن نه ٿو ڪري سو ناڪام ترين ماڻهو ۽ معاشري ۾ mis-fit سمجهيو وڃي ٿو ۽ ايئن اڄ جي دور ۾ عام طور جيڪو ماڻهو ڪرپٽ هجي ٿو سو ئي شاهوڪار هجي ٿو، ايئن به ناهي ته ڪو ڪرپشن صرف ”پئسن“ ۾ ئي ٿيندي آهي يا ان ۾ ئي ڪرپشن ڪري سگهجي ٿي پر ڪرپشن ته پنهنجي ڪردار، عمل ۽ رويي ۾ به ڪري سگهجي ٿي. ڊيوٽي پوري ۽ ايمانداري سان نه ڪرڻ، ضمير، ايمان، سچ، حق ۽ انصاف پٽاندڙ ڪم نه ڪرڻ به ڪرپشن آهي. پنهنجن اختيارن کي ناجائز نموني استعمال ڪرڻ به ڪرپشن آهي. ايئن به ناهي ته صرف اسان وٽ حڪمران وزير ۽ ڪامورا ئي ڪرپٽ هوندا آهن پر هتي ڪرپشن جو جنهن کي جيڪو به ۽ جيترو به موقعو ملي ٿو سو ڪنهن ريت به وڃائڻ نٿو چاهي. هونئن ته انفرادي طور ڪو فرد يا ادارو ته ڪٿي به ڪرپشن ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ ايئن ٿيندو رهندو آهي پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن سڄو معاشرو ئي ڪرپٽ ٿي وڃي ته اها يقينن تشويشناڪ ۽ خوفناڪ ڳالهه آهي. زرار پيرزادو