محمد رمضان ابڙو تي تاثر ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو خادم گھراڻو

    نصرپور سنڌ جو هڪ قديمي تاريخي شهر آهي نصرپور جي مٺي پاڻي واري سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي ته هتان جي ڌرتي ۾هر دؤر ۾ اهڙن املهه هيرن جنم ورتو آهي جيڪي اڄ به تاريخ ۾ زنده جاويد آهن نصرپور جو هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو ڪنهن جي خوشي هجي يا غمي هجي اتي ڏسڻ ۾ ايندو هو ڪچهري جو ڪوڏيو علم جو بحر هو جنهن سان جڏهن ٻه ٻول ٻولڻ جي لاءِ ويهبو هو ته پاڻ تاريخ جا داستان ٻڌائي علم ۾ اضافو ڪري ڇڏيندو هو هيءُ منهنجي نظر ۾ هڪ اهڙو چنڊ هو جنهن تي جيترو لکجي گھٽ آهي هيءُ آهي محمد رمضان ابڙو جيڪو ادب ۽ ثقافت جو گلدان هو هاڻي اسان ۾ نه آهي ڪو وقت هوندو ته نصرپور ۾ غمي ۽ خوشي ۾ مولود شريف چيا ويندا هئا پر هاڻي خوشي جي وقت تي انڊين گانن جو رواج آهي اڄ اسان جو نوجوان مولود شريف کان لا علم آهي . ڪنهن جو جنازو کڻبو هو ته اتي به مولود چيا ويندا هئا پر هاڻي نصرپور ۾ مولود نه آهي نصرپور ۾ محمد عيسى ساند ، محمد حسن ابڙو ، حاجي انڙ ، محمد صالح گھراڻو ۽ محمد رمضان ابڙو جي دوستي هوندي هئي جيڪي گڏجي مولودن جي محفل ڪندا هئا ، جنهن مان چار ڄڻا پهرين ويا هليا باقي محمد رمضان ابڙو هو جيڪو پنهنجي ورثي کي قائم رکيو پئي آيو اهو به اسان کان موڪلائي ويو هاڻي نصرپور مان مولود ختم ٿي ويو آهي محمد رمضان ابڙو جتي غمي ۽ خوشي ۾ هوندو هو اتي نصرپور ۾ بزرگن جي ڏهاڙن تي به ويندو هو ڪٿي به پري ڪوبه مرتيو ٿيندو هو ته دل وارو پيارو ماڻهو غمن ونڊڻ جي لاءِ اتي پهچي ڏکويلن کي همٿ ڏياريندو هو انهن کي اٿت ڏيندو هو سندس محبت اهڙي هوندي هئي جو هر دل ۾ سندس ناءُ هوندو هو جيستائين زندگي آهي اهڙو پيارو ماڻهو ياد رهندو . پاڻ شيراز ابڙو جا ڏاڏا آهن گلزار ابڙو جا والد صاحب آهن . مشهور پبلشر ۽ مترجم پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو سندس نياڻو آهي مشهور نوجوان شاعر ريحان ابڙو ۽ سميع الرحمان ابڙو جا پاڻ نانا هئا ، ساحر اعجاز ابڙو ، امان الله زبير ابڙو جا چاچا هئا . پاڻ علم جا جيڪي گل اسان کي ٻڌايا اهي سدائين ياد رهندا هيءُ هڪ اهڙو گل هو جنهن تي جيترو لکجي ٿورو آهي دعا آهي ته رب پاڪ کين جنت ۾ جاءِ ڌي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو