فري سرور ويب سائيٽ تي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ فانٽ ڪيئن سيٽ ڪجن جيئن اهي ڪنهن به ڪمپيوٽر ۾ بغير سنڌي سافٽ ويئر جي به پنهنجي اصل شڪل ۾ ظاهر ٿين...جيئن سائين ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي اگر ڪو دوست ايڇ ٽي ايم ايل ڪمانڊ ۾ سمجهائي سگهي ته مهرباني ٿيندي.... ڇو جو منهنجي ويب سائيٽ ايڇ ٽي ايم ايل تي ٺهيل آهي.....www.daurcity.8m.com
ادا سڀ کان پهرين توهان فانٽ کي ڪنهن سرور تي رکو، جيئن گوگل ڊرائيو، 4شيئرڊ وغيره. پو ئي انهن جا يو.آر.ايل ايڇ.ٽي.ايم.ايل ويبسائٽ ۾ لڳايو. ٿي سگهي ٿو مسئلو حل ٿئي. اگر مسئلو حل نه ٿئي ته ٻڌائجو
ادا ٿهيم صاحب ايتري ته ڄاڻ آهي....پر مهرباني ڪري ڪوڊنگ شيئر ڪندا ته وڌيڪ آسان ٿيندي...۽ مهرباني ڪري ايڇ ٽي ايم ايل جي آسان ڪوڊنگ شيئر ڪندا....ته وڏي مهرباني ٿيندي....ڇو جو منهنجي هي ويب سائيٽ ايڇ ٽي ايم ايل سپورٽيڊ آهي..... مان ويب سائيٽ جو لنڪ هتي شيئر ڪريان ٿو.... www.daurcity.8m.com
ادا آئون هتي ايم.بي لطيفي جو ڪوڊ موڪليان پيو. پهرين گوگل ڊرائيو تي فونٽ رکو ۽ پو اُن جي ڊائونلوڊ لنڪ ڪاپي ڪريو ۽ هيٺ ڏنل سي.ايس.ايس ۾ جِتي url لکيل آهي اُتي ريپليس ڪريو. ڪوڊ: /** Generated by FG **/ @font-face { font-family: 'Conv_MBLateefi'; src: url('../fonts/MBLateefi.eot'); src: url('../fonts/MBLateefi.eot?#iefix') format('embedded-opentype'), url('../fonts/MBLateefi.woff') format('woff'), url('../fonts/MBLateefi.ttf') format('truetype'), url('../fonts/MBLateefi.svg#MBLateefi') format('svg'); font-weight: normal; font-style: normal; }
ادا توهان کي آئون عوامي فونٽ جو سي.ايس.ايس موڪليان پيو، جيڪو عوامي آواز جي ويبسائٽ تي رکيل آهي. اُهو پنهنجي ويبسائيٽ ۾ اپلائي ڪرائي ڏِسو. جيڪڏهن مُشڪل پيش اچي ته مونکي ذاتي ڪچهري موڪلجو. سرگوشي: ڪجهه شيون گهڻو ظاهر نه ڪجن ته بهتر آهي. :) ڪوڊ: @font-face {font-family:font3;src:url(http://awamiawaz.com/wp-content/themes/zenko/font3.eot);src:local(http://awamiawaz.com/wp-content/themes/zenko/font3),url(http://awamiawaz.com/wp-content/themes/zenko/font3.ttf) format("truetype");} ياد رَهي.: هي آفر محدود مدت لا آهي.