ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪوهستان کان ڪاڇي تائين سنڌ ڌرتي جا تاريخي ماڳ جن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ وزارتون به قائم ٿيل آهن ۽ عملدار پڻ پر سنڌ ڌرتي جا سمورا ماڳ سياست جهڙي مڪار عمل جي ڪري مسمار ٿيندا پيا وڃن پر انهن وزيرن، مشيرن کي تاريخي ماڳن جي پرواهه آهي نه وري ڌرتي ڄاوا انهن تاريخي ماڳن جي حفاظت جي سگهه رکن ٿا. موهن جي دڙي کان وٺي آمريءَ جي دڙن تائين ، رني ڪوٽ کان وٺي ڪوٽڏيجي ڪوٽ تائين، عمرڪوٽ کان ديبل بندر تائين جو هڪ هڪ ماڳ سنڌي قوم لاءِ هڪ اهڙو مثال آهن جتي سندن عقل ۽ سگهه جي خبر پوي ٿي ته قديمي سنڌ جا رهواسي ڪيڏا طاقتور ۽ عقلمند هئا. جن کي ڏسندي اڄ جو انسان دنگ رهجي وڃي ٿو. مگر وقتن جي حڪمرانن جي بي ڌياني جي ڪري اڄ اهي ماڳ ويران ۽ بيابان لڳن ٿا. دنيا جا تاريخي ماڳ ڏسنداسين ته حيران ٿي وينداسين ڇو جو سجاڳ قومون پنهنجي تاريخي ورثن کي پنهنجي ملڪيت سمجھي انهن ماڳن کي مقدس سمجھنديون آهن ۽ انهن ماڳن جي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ اتي وڌيڪ تفريحي نظارا قائم ڪري سياحن کي تفريح فراهم ڪنديون آهن. جنهن ۾ سندن تاريخي ورثا ۽ ماڳ به محفوظ ته انهن جي ياد به تازي ڪئي وڃي ٿي. پر اسان وٽ اهڙن تاريخي ماڳن کي صرف مٽي جي ڍيرن تائين محدود رکيو ويو آهي. اڄ دنيا جيتري ترقي ڪئي آهي اها اسان جي سنڌ ڌرتي جي ان 5 هزار سال پراڻي دڙي موهن جي ڌڙي کان نڪري دنيا جي ترقي جو سبب ٿيا. پر ان موهن جي دڙي جي اڄ جيڪا خراب ۽ نازڪ حالت آهي جو ڪو به سياح اتي پهچي اعتبار کان وانجھيل ۽ حيران رهي ٿو ته ڇا هي اهو موهن جو دڙو آهي جتان دنيا کي منزل ڪٽڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جو ڦيٿو هٿ آيو هيو ان هڪ ڦيٿي کي ڏسندي ڏاند گاڏي کان شروع ٿيندڙ سفر اٺ هوآءِ جهاز جهڙي تيز ترين سواري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪيٽي بندر به هڪ اهڙو ئي ماڳ هيو جيڪو سنڌ جو واحد بندر گاهه هيو جتي دنيا جو وڻج واپار بحري ٻيڙن جي ذريعي هتان کان بردار ٿيندو رهندو هيو پر ان ڪيٽي بندر جو جيڪو حال آهي اهو صرف حيران ڪندڙ ۽ افسوس ڏياريندڙ آهي. گل سيوهاڻي