هڪ ڀيري مان ڪراچيءَ کان شڪارپور وڃي رهيو هوس، رستي تي هڪ پيٽرول پمپ تي ڪجهه کائڻ جو سامان ورتو جيڪو پنجاهه رپين جو ٿيو. مون کيسي مان سئو جو نوٽ ۽ پنج سئو جو نوٽ به ڪڍيو ۽ ان دڪاندار کي سئو جو نوٽ ڏنو. دڪاندار مون کي ساڍا چارسئو رپيا واپس ڏنا، مان پيسا ورتا پر اهو سوچي رهيو هوس ته ايڏا پيسا مونکي واپس ڇو ڏيئي رهيو آهي، ان کانپوءِ مون پنهنجو پنج سئو جو نوٽ کيسي ۾ چڪاسيو ته ان کان پوءِ ان دڪاندار کي چيو ته مان توهان کي سئو رپيا ڏنا آهن پر هن چيو ته توهان مونکي پنج سئو رپيا ڏنا آهن توهان ڀلي ويا آهيو. مان ان دڪاندار کي چيو مون وٽ آهن ئي ڇهه سئو تنهن مان پنج سئو منهنجي کيسي ۾ پيا آهن هي وٺ مون کي پنجاهه رپيا واپس ڏي. جيڪڏهن مان چاهيان هان ته ايتري بحث کان پوءِ اهي کڻي سگهان پيو پر منهنجي اندراڻ ضمير اهو قبول نه ڪيو.