جهالت جي تلوار هيٺيان بيٺل اسان جي سماج جي عورت

'مختلف موضوع' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2015۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    [​IMG]
    جتي دنيا جي جديد ملڪن عورتن جي حقن کي تسليم ڪري انهن کي آزادي ڏني آهي اتي اڄ به اسان جهڙن سماجن ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ ۽ کين تذليل جو نشانو بنائڻ جو سلسلو جاري آهي ،اسان جي سماج ۾ جهالت ڪي ٽو جي چوٽي کان ٽپندي وڃي، پاڻي وانگر سمنڊ جا ڪنارا پار ڪندي وڃي، وسندڙ مينهن جا ڦڙا جڏهن زمين ۾ جذب ٿين ٿا ان ڦڙن وانگر انسانن جي دلين ۾ جذب ٿيندي وڃي، جهالت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل اهي ماڻهو جيڪي اڄ به عورت کي پير جي جتي جي برابر ٿا سمجهن، 2، 2 اکيون هوندي به دنيا جي روشني کان محروم آهن، عورت ڇا آهي؟ ان جا حق ڪهڙا آهن؟ معاشري ۾ ان جو درجو ڪهڙو آهي؟ ان جون خواهشون ڪهڙيون آهن؟ هو چاهي ڇا ٿي؟ اهي سوال جڏهن اکين جي اڳيان اچن ٿا ته اکين مان لڙڪ ڪري پون ٿا... آخر ڇو؟؟؟؟؟ اهو ظلم صرف عورتن سان ئي ڇو؟ 21صدي ۾ هوندي اهو سوچيندي به حيراني ٿي ٿئي ته اڄ به اسان جو معاشرو اونداه ۾ زندگي بسر ڪري ٿو، هڪ نظر پنهنجي آس پاس جي معاشري کان هٽائي ڏسجي ته ڪيتريون ئي عورتون هن دنيا لا۽ عظيم مثال بڻجي ويون آهين يا اڄ به موجود آهن، مثال وٺجي ٿو محترمه بينظير بهٽو جو جيڪا عظيم شخصيت جي مالڪ هئي هر مرد جي زبان ۾ ان لاءِ عزت جا لفظ هوندا هيا، اڄ به ان کي ماڻهون ڀيڻ بينظير جي نالي سان سڏين ٿا جنهن سان گڏ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا اهي ماڻهو جنهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي پنهنجو سڀ ڪجه سمجهو هو ماڻهو جي ايندڙ مستقبل جو ڏيو محترمه بينظير وٽ هيو پر افسوس جي ڳاله آهي محترمه هن عوام سان گهڻو وقت نه رهي سگهي وري به ان کي هر انسان ياد ڪري ٿو عورت ته اها به هئي ،،،، هڪ ٻيو خوبصورت مثال وٺجي ٿو ملالا يوسف ذئي جو، جيڪا نوبل انعام جي ۽ اعليٰ شخصيت جي مالڪ بڻجي چڪي آهي، ٻارن جي حقن لاءِ ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجي زندگي جو ڏئو وسائڻ لاءِ تيار هئي، اهي به ته عورتون آهن انهن کي به ته اعليٰ درجا مليا آهين ڇا اهي عورتون ناهن؟ يا ڪنهن ٻي قوم جون آهن. پنهنجي ئي پاڪستان سان تعلق رکن ٿيون.. ته پوءِ پنهنجي گهر ۾ عورت جي اتري گهٽ عزت ڇو؟؟ ڇا هو تعليم کان محروم آهن ان جي ڪري؟؟ پر تعليم کان محروم ڪرڻ وارو ڪير آ؟؟؟؟ هڪ اها عورت آهي جيڪا هزار مسئلا سهي ڪري گهر جي چار ديوار جي اندر خاموش رهي ٿي هڪ اها عورت آهي جيڪا ملالا وانگر هڪ عظيم آواز بڻجي ٿي، پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ لاءِ پوئتي نه هٽي ٿي، خواهشن جو اظهار ڪندي گهٻرائي نٿي، هڪ اسان جي غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ عورت جيڪا اڄ به خاموش، دنيا داري کان لا توان، تعليم کان لا خبر، زندگي جي ڀلائي ۽ برائي کان سوين ميٽرن جي فاصلي تي زندگي بسر ڪري ٿي، ڇا اها زندگي آهي؟؟ اهڙي زندگي گذارڻ کان بهتر موت آهي، تمام گهٽ اهڙا مرد آهن جيڪي عورتن کي پنهنجا حق ڏين ٿا ؟ زندگي جو هڪ سچ اهو به آهي ته عورت کي ڪمزور سمجهڻ وڏي غلطي آهي، عورت فطري طور تي ڀلي ڪمزور هجي پر هو دل ۽ دماغ کان ڪمزو ر ناهي هوندي، عورت جو هڪ آواز هزارين آواز ن جي برابر هوندو آهي، خوبصورت چوڻي آهي ته هڪ مرد پڙيو ته هڪ فرد پڙهيو، پر هڪ عورت پڙهي ته پورو خاندان پڙهيو. هڪ ته عورت کي تعليم کان محروم رکيو وڃي ٻيو وري ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي کيس ٽائيٽانڪ جي جهاز وانگر سمنڊ ۾ ٻوڙيو وڃي، هڪ نياڻي جي زندگي ان وقت ئي ختم ٿي ويندي آهي جڏهن ان جي شادي 11. 12 ، يا 13 سال جي عمر ۾ ٿيندي آهي، اها شام ان جي زندگي جي آخري شام هوندي آهي، هڪ خوبصورت مثال آهي ته حضرت بيبي فاتمه رضه الله عنه حضور پاڪ جن جي اڳيان ايندي هئي ته حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن ان جي عزت ۾ اٿي بيهندا هئا، ۽ اڄ هڪ نظر آس پاس ڦيرائي ڏسجي ته اڄ به وڏن وڏن حويلين ۾ ۽ وڏن خاندانن ۾ عورتون مردن جي حاضري ۾ اٿي بيهنديون آهن، هڪ طرف محترمه فاطمه جناح جيڪا پنهنجي ڀاءَ سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندي هئي. هيلن ڪيلر هڪ اها عورت هئي جيڪا نابين هوندي ٻنهي اکين کان محروم هوندي اعليٰ تعليم حاصل ڪري هن دنيا ۾ عظيم مثال ٺاهي وئي، ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال وٺجن ته پورو ڪتاب ٺهي پوي، ته پوءِ اڄ ڪيئن ٿا ماڻهو چون ته عورت جو ٻاهر نڪرڻ صحيح ناهي، ان جو تعليم هاصل ڪرڻ صحيح ناهي، ان کي معاشري ۾ ٻاهر وڃڻ صحيح ناهي، ان جو نوڪري ڪرڻ صحيح ناهي،، ڇا هو پڙهي نٿي سگهي يا ان ۾ اها قوت ناهي، يا هو پنهنجي حقن کي سمجهي نٿي سگهي، بلڪل هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي تعليم هاصل ڪري سگهي ٿي مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪري سگهي ٿي مردن سان گڏ هر رستي تي هلي سگهي ٿي، تعليم کان وٺي راندين تائين وڃي سگهي ٿي، سياست هلائي سگهي ٿي وڪيل ٿي سگهي ٿي ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿي استاد ٿي سگهي ٿي، هر ڪم ڪرڻ جي قابليت جي مالڪ آهي، وڏي ۾ وڏي ڳاله اِها به آهي ته هو هڪ ماءَ آهي جيڪا هڪ عظيم هستي آهي جنت جنهن جي قدمن جي غلام آهي، هو هڪ ڀيڻ آهي هڪ ڌي آهي جنهن سان گهر ۾ رونڪ پيدا ٿئي ٿي، ماءِ آهي ته جنت کي قدمن جي هيٺيان رکي ٿي، نياڻي آهي ته ست قرآن پاڪ جي برابر جي حيثيت رکي ٿي، جنهن عورت ايترا خوبصورت لقب ڏنل آهن اها عورت هن معاشري ۾ ذلالت جو شڪار ٿئي ٿي، ڄمڻ کان وٺي پيري تائين مصيبتون سهي ٿي، ننڍپڻ کان ئي ڀاءَ ڀيڻ جي فرق ۾ اندروني طور تي تڪليف سهي ٿي، کاڌي پيتي ۾ گهر ۾ گهٽ سمجهي وڃي ٿي، جڏهن تعليم جي ڳاله ڪجي ته 5 ڪلاس کان مٿي پڙهڻ ان جي قسمت ۾ نه هوندو آ. اگر ڌي آهي ته ڀلي گهٽ پڙهي ڪهڙو ڪمائي کارائيندي، ؟ باقي جيڪڏهن پٽ پڙهندو ته ڪمائي کارائيندو، پوڙهائپ ۾ اسان جو سهارو ٿيندو، اڄ جي اها دنيا ئي ن رهي آ جو پٽ سدورا سهارو ٿين، سڀ عارضي ڳالهيون آهن، ٻهراڙي جي پاسي وڃي ڏسجي ته اڄ به پراڻيون رسمون رائج آهن، اڄ به هڪ نياڻي ۽ پٽ ۾ زمين آسمان جو فرق ٿو ڪيو وڃي، منجهائڻ جهڙي ڳاله آهي ته اهو سلسلو شروع ڪيئن ٿيو؟ عورت ۽ مرد ۾ فرق ڪرڻ وارو، انهن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ وارو، ، پر حقيقت ۾ جيڪڏهن اسلام ۾ هڪ نظر ڦيرائي ڏسجي ته عورت جي عزت ڇا آهي، يا ان حق ڪهڙا آهن، پر نه اهو ڪرڻ ڪنهن کان ٿو پڄي جهالت ۾ جڪڙيل مغرور ماڻهو ڪيئن عورت جي عزت ڪن جن جو ڪنڌ مغروري سان آسمان کي ٿو ڇُهي، ڪاٽن جا ڪپڙا پائي وڏا پٽڪا پائي وڏڙو ٿا سمجهن پاڻ کي، وڏائي ۾ پيا اڏرن، وڏائي وڏائي نه وڏائي جهالت آهي، جيڪا اڄ جي ماڻهو ڀرپور ڀريل آهي، عورت تي حڪم هلائڻ ان تي تشدد ڪرڻ، ننڍي عمر ۾ زبردتي شادي ڪرائڻ ان جي خواهشن کي نيلام ڪرڻ، اهو ئي ڪم رهيو آ باقي،منهنجي ننڍڙي ذهن جو ايمان آهي ته جبري طور نافذ ٿيل حالتن خلاف بغاوت ضرور ٿيندي . داعش جا دهشتگرد هجن يا طالبان اهي اسان عورتن ،ٻارن ، نينگرين جا حق ڦٻائي نٿا سگهن ، دنيا تبديل ٿي رهي آهي ، دنيا جو عورتن سڄاڳ ٿي رهيو آهن ، جاهلن جي هٿ ٺوڪين دلين کي اسان رد ڪيون ٿا ، عورت ماء ، عورت هڪ نياڻي آهي ، عورت هڪ زال آهي جيڪا هن دنيا کي خوبصورت ٺاهي ٿي ، اسان ڪڏهن بينظير ڀٽو ،ڪڏهن ملاله ، ڪڏهن هيلن ڪيلر ، ڪڏهن آسو ٻائي بڻجي سماج کي ڏيکارينداسين ته اسان ۾ ڪجهه ڪري سگهون ٿيون ، پنهنجن گندن ذهن مان غلطفهميون ختم ڪيو ، اسان اڏينداسين جديد سماج جتي عورتن جي مڪمل آزادي هجي ، جتي نياڻيون ڪاري ڪري نه ماريون وڃن ، جتي نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادي نه ڪئي وڃي ، جتي نياڻين جي اسڪولن کي بم سان نه اڏاريو وڃي ، يقين پدر شاهي سماج اسان جا حق غضب ڪندو رهندو پر اسان جي جدوجهد به جاري رهندي ، اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسان عظم ٿيون ڪيون ته اسان پنهنجي حقن لاء وڙهنداسين ، اسان هن سماج کي بهترين سماج ٺاهينداسين .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فيصل ميمڻ

    فيصل ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ويب انجنيئر
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو