اڄوڪي احتجاجي سنڌ جو سوال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اهي ديس جن کي درياهه ناهن اهي فطرتي قدرت جي پُرنور نظارن کان محروم هوندا آهن، پيار درياهه هوندو آهي ۽ درياهه پيار هوندو آهي جتي درياهه پنهنجي جوڀن سان جلواگر هوندا آهن اتي پيار جو ڏڪار نه هوندو آهي اتي ماڻهو ماڻهو جو ماس نه کائيندو آهي. انهن ماڻهن جو اخلاق اعليٰ معيار جو هوندو آهي اڄوڪي جديد دنيا ۾ ترقي ۽ سائنس جي حوالي ۾ جتي ماڻهن کي ڪي سهولتون آسائشون مهيا ٿيون آهن ته ڪٿي فطرت جي حسن کي هاڃو رسيو آهي ۽ ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ به واڌارا ٿيا آهن. ڊئمن ڪئنالن جديد آبپاشي نظام جي نالي ۾ بجلي جي بهاني سان هڪڙي قوم جي حق تي ڌاڙو هڻي ٻي قوم کي ڊوءُ سان نوازيو ويو آهي. سنڌو درياهه تي ڌاڙي جي نتيجي ۾ سنڌ جي معيشت، ثقافت ، تهذيب، ماحوليات ۽ ماڻهن جي روز مرح زندگي تي هاڃيڪار اثر پذير ٿيا آهن. جڏهن اڃا ذوالفقار علي ڀٽو جي جوڙايل چشما جھلم لنڪ ڪئنال جو وجود ڪو نه هو تڏهن سنڌو درياهه جا وهڪرا ساليانو 46 لک ميٽرڪ ٽن لٽ کي کڻي ڊيلٽا ۾ داخل ڪندا هئا جنهن ڪري ڊيلٽا ٺهندڙ وڌندڙ جو ڪچي پڪي جي زندگي پنهنجي لوڪ رنگ ۾ مهڪندڙ هئي ته فطرت جي سونهن سان ٺهڪندڙ به هئي. پر جڏهن کان ڊئمن ۽ ڪئنالن جا واجهه وجھي سنڌو جي سدابهار وهڪرن کي واڙيو ويو ۽ پنجاب جي خوشحالي سان سلهاڙيو ويو ته سنڌ جا سور ساوا ٿيڻ لڳا جيڪي هاڻي وڌي وڻ ٿيا آهن. هڪ پاسي کان پنجاب جو روينيو کاتو ته ٻئي طرف کان سمنڊ سنڌ کي کآءِ ۽ پيئي پيو. سنڌ سان انهي ويڌن جي وارتا پنجاب پاران پاڪستان کان به پراڻي آهي. جڏهن آڳاٽو پنجاب سنڌو درياهه مان پاڻي تي زرعي پيداوار وڌائڻ شروع ڪئي انهي جا انگ اکر 1871ع کان معلوم ٿين ٿا. جڏهن پنجاب جناح بئراج ڀرسان وهندڙ ٿل ڪئنال لاءِ انگريز سرڪار کي عرضداشتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي وفادارين جي عيوض 1925 ۾ اهو ڪئنال ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پر پوءِ به پنجاب جون سنڌو تي ڌاڙي جون دعوائون، دهشت، حملا ۽ هلائون جاري رهيون. بي اين راءِ ڪميشن جڙي انگريز منصفن جي عدالتن ۾ سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جو ڪيس هلندو رهيو ان زماني ۾ انگريزن سان پنجاب جون مهربانيون سوايون هيون ته وري سنڌ جون سرڪشيون سرس هيون. جيتوڻيڪ انگريزن جي وفادارن کان سنڌ به خالي نه هئي. پر پوءِ به معب و طن سنڌين جي ارڏائين جا عروج هئا. سنڌي جوڌا روپلي ڪولهي کان ويندي سورهيه بادشاهه تائين هٿيارن سان ليس ٿي فوٽو ڪڍائڻ بجاءِ پنهنجي طريقن کي ڳجھو رکي دشمن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري رهيا هئا.
    انگريزن سان پنجاب جي واڌو وفاداري باوجود انگريزن آخر 1945ع وارو سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه ڪرايو جنهن ۾ هنن کي سنڌ جي ڊيلٽا، زراعت، ماحوليات، ٻيلن ڪچي ۽ پڪي جي آبادين معيشت انساني ضرورتن جو خيال هو جنهن ڪري هنن انهي ٺاهه ۾ اهو طئه ڪيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻارهو ئي ايترو پاڻي هجڻ گھرجي جو گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ کان سکر تائين ٻيڙيون آساني سان اچي وڃي سگهن. درياهه سان لاڳاپيل انساني حيواني زندگي جو تحفظ ٿي سگهي پر پاڪستان برپا ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ مسلمان حڪمرانن انهي عالمي معاهدي کي کنگهيو ئي ڪو نه ته سنڌ کان پاهر درياهه کي ڊئمن ڪنئنالن ۾ قيد ڪري خاموش دهشتگردي سان من لڀائيندڙ درياهي زندگي کي اجاڙي درد جو صحرا بڻآءِ ڇڏيو آهي، جتي زندگي جي هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ئي لڳي رهي آهي.
    عثمان پنهور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو