پوليس کي لغام ڪير ڏيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ارباب جي دور حڪومت ۾ جڏهن صحافين، استادن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ مختلف ادارن سان تعلق رکندڙ ملازمن مٿان لاٺي چارج ٿي رهي هئي، شيلنگ ٿي رهي هئي، گوليون وسايون پي ويون، تڏهن پيپلز پارٽي اهڙي عمل جي سختي سان مذمت ڪندي يا انهي کي جمهوريت جي نفي قرار ڏنو هو. ڇو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت کي ترجيح ڏني آهي ۽ آمريت آڏو گوڏا کوڙڻ بدران آمريت جي سامهون منهن اٽڪايو، پيپلز پارٽي جي سربراهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو سدائين عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي، پر افسوس جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي جي اقتدار ۾ هجڻ باوجود استادن ۽ شاگردن تي لٺيون وسايون پيون وڃن. اهڙا واقعا آمريت جي يادن کي تازو ڪري رهيا آهن.
    اها هڪ حقيقت آهي ته ملڪ ۾ امن وامان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پوليس جو سهارو ورتو ويندو آهي ۽ پوليس تي اهو فرض به هوندو آهي ته عوام جي مال جي ۽ جان جي حفاظت ڪري، ڇو ته پوليس به سرڪاري ملازم آهي، پر هن وقت جي پوليس عوام جي حاڪم بڻجي رهي آهي. موجوده حڪومت جنهن هميشه جمهوريت کي ترجيح ڏيندي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن پوليس کي اها مڪمل آزادي ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪو به پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري تنهن سان اهڙو حشر ڪيو وڃي جو هو پنهنجا حق ئي وساري ڇڏين. تازو ڪراچي ۽ خيرپور جا واقعا انهي جو مثال آهن.
    نذير علي خواجه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو