آخري ڳالهه اها ته اسان جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان اهڙي دور ۾ ڀلائيءَ جي اميد رکي رهيا آهيون جيڪو سندن زوال جو دور آهي. جنهن دور ۾ اهي پنهنجي ترقي پسندي وڃائي ويٺا آهن. ان ڪري اسان کي سنڀالي قدم کڻڻ گھرجن. اهو سمجهڻ ته “الف” يا “ب” اسان جا ٻيڙا پار ڪرائي ڇڏيندو، فلاڻو نوجوان آهي، فلاڻو سهڻو آهي، فلاڻو پڙهيل لکيل آهي وغيره وغيره، پاڻ سان ڌوڪو ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه نه آهي. اسان کي خراب حڪمرانن ۽ سياستڪارن منجهان سٺي حڪمرانيءَ جي اميد نه رکڻ گھرجي. ( اثر امام )