“غيرتي پُٽ” ليکڪ محمد رمضان دلدار چڍڙ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو،ڪالهه ماتلي شهر کان محترم رمضان دلدار چڍڙ پنهنجو لکيل ستون ڪتاب ”ماتلي شهر جي تاريخ“ مون لاءِ اعزازي ڪاپي کڻي مونسان ملڻ آيو، چيومانس يار رمضان تنهنجي ستن ڪتابن جو ڪاپيون مونکي اعزازي طور مليون آهن پر هن ڪتاب ” ماتلي شهر جي تاريخ“ جي قيمت توکي مونکان ضرور وٺڻي پوندي چيائين ته سائين نثار جڏهن به ڪو نئون ڪتاب تخليق ڪندو آهيان ان ڪتاب تي ايڊوانس ۾ توهان جي لاءِ اعزازي ڪاپي جو نانءُ لکي ڇڏيندو آهيان، ۽ هن شهر ۾ ڪيترا ئي اديب آهن پر توهان هميشهه محبت سان پيار سان ، ماني ته مولا جي آهي پر ماني کارائڻ کان سواءِ موڪل ئي ڪونه ڏيندا آهيو، توهان کان ڀلا ڪتاب جا پيسا ڪيئن وٺبا. ان کان علاوه توهان باقائده منهنجو ڪتاب دلي طور پڙهندا آهيو،انهن ڪتابن مان اڄ تائين مون جيڪا به ڪهاڻي ڇيڙي آهي توهان ان ڪتاب جا ريفرنس باقائده پيجن سميت، انهن ڪهاڻين جي ڪردارن جي نالن سميت مونکي ٻُڌائيندا آهيو ، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آئون جيڪو توهان کي ڪتاب ڏيندو آهيان ان کي توهان پڙهندا به آهيو ته وري ياد به رکندا آهيو. محمد رمضان دلدار چڍڙ يڪ ساهي ۾ چئي ويو. اڙي درويش تنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جي گندن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جا سڀئي گُڻ آهن ، جڏهن به تنهنجي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪندو آهيان ته انهيءَ ڪهاڻيءَ کي ختم ڪرڻ تي دل ئي ڪانه چوندي آهي جيستائين تنهنجي ڪهاڻيءَ جو اختتام نه ٿئي. مون وراڻي ڏني مانس. پر ڪهاڻين کي ڇڏي هي ” ماتلي شهر جي تاريخ“ جو ڪتاب لکيو اٿئي ڇا ڳالهه آهي وري تاريخ دانن ۽ تحقيق دانن ۾ به پنهنجو نالو لکرائي ويٺين. مون وري کيس چيو. پاڻ کلندي چيائين ته سائين تتِي ٿڌِي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جِي! مو چيومانس ته ٻي ڪا نئين ڪهاڻي لکي اٿئي جيڪا في الحال مان سنڌ سلامت تي اُماڻي سگهان، کيسي ۾ وٽوڙيل سٽوڙيل چند پنا ڪڍيائين چيائين ته سائين هڪڙي شارٽ اسٽوري آهي ته سهي پر فيئر ڪونهي ٿيل ، چيومانس ته ادا اها ڪهاڻي مونکي ڏي، ننڍي پُٽ ڪاشف کي سڏي ڪري انهن وٽوڙيل سٽوڙيل پنن جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ جو چيومانس، ايتري ۾ مون واري مولائڻ ماسات سڳوري چار دال جا اڦراٽا ۽ لسي جو جڳ مٿي ڏياري موڪليو لسي ۾ برف به پيل هو لسي جي جڳ کي هٿ لاتم ته مونکي يخ ٿڌو محسوس ٿيو، رمضان ڀاڳن وارو آهين ڪافي ڏينهن کان پوءِ تو واري ڀاڀي دال جا اُڦراٽا تيار ڪيا آهن ۽ لسي جو جڳ به ڏياري موڪليو آهي مون کلندي کيس اهي اُڦراٽا کائڻ جي صلاح هنئي مانس، دال جا اُڦراٽا کائي پيٽ ڀريوسين مٿان وري ٿڌي لسي جا گلاس پيتاسين ، سائين مزو اچي ويو رمضان دلدار چڍڙ چيو مون کيس چيوته ادا رمضان دلدار جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان، ايتري ۾ مون وارو پُٽ انهن پنن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به ڪرائي آيو، اهڙي طرح محمد رمضان ڪافي دير ڪچهري ڪندو رهيو پنهنجي ايندڙ ڪتابن جي باري ۾ ٻُڌائيندو رهيو ۽ ٺيڪ پنجين وڳي اجازت ورتائين ته سائين هاڻي مان هلندس، چڱو رمضان جيڪا تنهنجي مرضي. اڄ هي ڪجهه وانڌڪائي ملي آهي جو محمد رمضان دلدار چڍڙي جي نڪور ڪهاڻي ” غيرتي پُٽ“ جي ڪمپوزنگ ڪري توهان سان ونڊ پيو ڪريان. دوستو هن ڪهاڻي جي باري ۾ توهان جا پُرخلوص رايا سائين محمد رمضان دلدار چڍ ڙ تائين ضرور پهچايا ويندا


    ”غيرتي پُٽ“
    از: محمد رمضان دلدار چڍڙ ماتلي ضلع بدين سنڌ

    زيبو ڳوٺ مان پرڻجي جڏهن شهر ۾ آئي هُئي ته اُهو ڪو ايڏو وڏو شهر به نه هو پر مڙوئي شهر هو زيبو جو مڙس امداد اڪثر پنهنجي زال کي پنهنجي ڪارنامن جي باري ۾ ٻُڌائيندو هو، زيبو خبر اٿئي آئون جڏهن 16 سالن جو هُئس ته هڪ ڇوڪري نسرين سان منهنجو عشق ٿي ويو ! هڪ رات آئون سندس گهر ۾ ٽُپي ويس ان ڇوڪري سان منهنجو ڇهه مهينا منهنجو عشق هليو!!.......... پوءِ هڪ نرس جي پويا لڳس، نرس ته ڪانه ٺهي پراُن جي ننڍي ڀيڻ مون سان ٺهي وئي...............! ان سان منهنجو عشق 2 سال کن هليو..............! اُن کان سواءِ به مون ڪافي عشق ڪيا!، پرائيويٽ اڏن، ڪِنِي بازارن ۾ به ويندو هُئس.............! اڄ به منهنجو هڪ رن سان عشق هلندڙ آهي.........................! ڪڏهن موقعو مليو ته گهر وٺي ايندوسانس.........! تون به ڏسجانس.................................! مُئا سڄو ڏينهن پراون رنن جُون ڳالهيون اٿئي.............................. ٻي به ڪا ڳالهه اٿئي يا نه؟ ...........................! زيبو بيزار ٿيندي چيو .......................... هاءِ هاءِ دنيا ۾ آهي کائڻ پيئڻ ٻيو ڇا؟ .......... هڪ ڏينهن مري ته هُونئن ئي وينداسين............................!!! امداد خوش ٿيندي چيو................بس دنيا جا ٻيا ڪهڙا ڌنڌا ڌاڙي ڪبا، فلاڻي ڇُورِي گُلابي............. !! هُو فلاڻي رن ڦاپان! امداد وڌيڪ ڦُونڊجي چيو....! رڳو تنهنجِي هُوءَ ڪيم! هِيءَ ڪيم پئي پوي زيبو وڌيڪ بيزار ٿيندي چيو...........................! پر امداد جي اهائي عادت هُئي ڪو نه قصو پنهنجيءَ عياشيءَ جو ڇيڙيو ويٺوهوندو هو....... هڪ ڏينهن لاشعوري طور ڪچهري ڪندي زيبوءَ جي وات مان نڪري ويو ته شاديءَ کان گهڻو اڳ ڳوٺ ۾ ٻني مان گاهه ڪندي هُيس .......... قيصر نالي هڪ ڇوڪرو مون کي ڏسي اڪثر سلام ۽ اشارا ڪندو هو، هڪ ڏينهن مون به موٽ ۾ سلام ڪيومانس .................!!! ٻي ڏينهن قيصر ويچاري کي ٻنيءَ ۾ گاهه ڪندي نانگ کائي ويو ۽ هُو مرِي ويو........................... رن ................................ ههڙي تهڙي ................................ وڏي گار ڏيندي امداد زيبوءَ کي چيو ته رن غير مرد کي تو سلام ڪيو هُو ..................................................... بيحيا ڪُتي................. امداد ڊوڙ پائي ڪُهاڙِي کنئي ۽ زيبوءَ تي وار ڪري ڏنائين................................. اک ڇُنڀ ۾ زيبو ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو.......................................................................................؟؟؟؟؟؟؟؟

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو