مُومَلَ مَارَي مِيرَ، آهَيڙِيُنِ کَي آڪِرِي
سَوڍِيَ گَهڻَا سَڪَائِيَا، پَڙِهِيَا پَڻِتَ پِيرَ
هَڻَي تَنِ کَي تِيرَ، مَڻِيَو جَنِ مَٿَنِ ۾
سُرُ مُومَلَ رَاڻَو
آهَيڙِيُنِ = شڪاريُنِ
آڪِرِي = کَهُرِي، تُندُ، هيڪاري وڌيڪ سخت، اُتامري
سَوڍِي = مومل، مومل جو نالو
سَڪَائِيَا = ڪنبايا، ڏڪايا
پَڙِهيَا = ڏاها، عقلمند، پڙهيل ماڻهون، سلجهيل ماڻهون
پَڻِتَ = پنڊت
مَڻِيَو = ڇَٽُ، تاج، ڪلنگيون
بيت جو پس منظر
~ شوخ ۽ چنچل مومل پنهنجي حسين ادائن سان اميرن توڙي شڪارين کي ماريو فنا ڪريو ڇڏي.
~ مومل پنهنجي دلڪش ادائن جا تير انهن تي وسائي ٿي جيڪي بادشاھ ڪلنگيون ۽ تاج پهري ٿا اچن.
سمجهاڻي
مومل جيڪا سونهن ۽ حُسنَ جو مجسمو آهي، سا پنهنجي هار سينگار، بخملي ويس وڳن ۽ قاتل ادائن سان هر ڪنهن کي ماري فنا ڪريو ٿي ڇڏي. سندس سونهن جي جلون ۽ ادائن جي آڏو شڪاري، مير، پير ۽ پنڊت بہ مات کائي ٿا وڃن.
هوڏانهن وري ڪلنگيون ۽ تاج پهريل بادشاھ ۽ شهزادا بہ سندس نظرن جي طلسمي تيرن کان محفوظ ناهن.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل