khadim ghirano
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جي گڏجاڻي امان الله زبير ابڙو جي صدارت ۾ آچر جي ڏينهن ٿي گذري جنهن ۾ منٺار لاشاري خاص طور تي شرڪت ڪئي هن گڏجاڻي ۾ ريحان ابڙو چوسٽا ، ريحان ميمڻ جنهن پهريون دفغو شرڪت ڪئي چوسٽو ، عبدالڪريم ساحل جتوئي غزل ۽ چوسٽا ، عبدالحسين عاجز کوسو نظم ، سميع الرحمان ابڙو چوسٽو ، راجيش ڏيوجي محمد اسماعيل عرساڻي جو نظم ڳائي پيش ڪيو خادم گهراڻو ڪهاڻي ۽ مضمون ، بدرلادين قاضي وائي ، منٺار لاشاري سرائيڪي غزل ، امان الله ابڙو بيت ۽ نظم اصلاحي تنقيد لا پيش ڪيا .مٿين کان سوا هن اجلاس ۾ ڍول گهراڻو به شرڪت ڪئي .