استادن مٿان تشدد جو ذميوار ڪير آهي......؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هيءَ جمهوري حڪومت جيڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عمل ۾ آءِ آهي هن جمهوري حڪومت جي قائم ٿيڻ سان عوام ۾ خوشي جون مرڪون موٽي آيون هيون. هر ڪنهن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا. گهڻي عرصي کانپوءِ جمهوري نظام قائم ٿيڻ سان هر هڪ مظلوم کي اها اميد هئي ته اسان جا جائز مسئلا حل ٿيندا ۽ آمرن جي دور ۾ ڪيل ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو. پر افسوس جو هن جمهوري حڪومت به آمرن جي حڪومتن جي نقش قدم تي هلندي ظلم ۽ تشدد جو سلسلو جاري رکيو. جيڪا شهيد راڻي جي خون سان ناانصافي ۽ پ پ منشور خلاف آهي. 2007ع ۾ گورنمينٽ استادن لاءِ ٽيچنگ الائونس، ٽائيم اسڪيل جي منظوري ڏني هئي جيڪا ٽن صوبن ۾ لاڳو آهي پر سنڌ ۾ استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. استادن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف وقتن تي احتجاج ڪيا ۽ تعليم واري سينيئر صوبآءِ وزير سان ڳالهيون ڪيون. جن کين مطالبا مڃڻ جو يقين ڏياريو، استادن جي احتجاجن کانپوءِ وزيراعليٰ سنڌ هڪ ڪاميٽي جوڙي انهي ڪمايٽي استادن جي مطالبن کي جائز قرار ڏنو. جنهن بعد سمري تيار ڪري وزيراعليٰ ڏانهن موڪلي وئي. جنهن مختلف بهانا بڻآءِ سمري کي رد ڪري ڇڏيو. جيڪا استادن سان ناانصافي آهي. هاڻي جڏهن استاد پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪراچي پريس ڪلب کان گورنر هائوس ڏانهن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وڃي رهيا هئا ته ڦوهاري چوڪ وٽ پوليس اهلڪارن استادن مٿان وحشياڻو تشدد ڪندي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي لٺبازي شروع ڪري ڏني جنهن ۾ ڪيترآءِ استاد زخمي ٿي پيا ۽ زخمي استادن کي به پوليس تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي.
    حاجي احمد خان ٻگهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو