سنڌ گورنمنٽ ۾ جنهن به محڪمي ۾ نوڪريون اچن ٿيون ته پوء بس اسان خوشي ۾ ماپئون ئي نه ٿا . ايڌهان پنهنجا ڪاغذ موڪلياسين ئي نه پهريان وچي ڀوتار، وڌيري ايم-پي جي در جا چڪر پيا ڌينداسين. هڪ ته ڀوتار ملندو نه پر جيئن مليو ته پوء سائئن جن کي جھڪي ملي ڪري عرض ڪنداسين ، سائين قرب ڪيو منهنجو چوڪرو ڌاڌو هوشيار آهي 12 ،13،14 15 پڙهيل آهي ، سائين وونٺ به توهان کي ڌيندا آهيون بس ڪو پٺوالي جو ئي آرڊر ڌيو سجي زندگي توهان جا احسان نه ڀلاء سگهنداسين- ڀوتار مچ کي تاء ڌئي ڪري پنهنجي ڇارتي کي سڌ ڪندو اڙي جمن هن کان هي ڪاغذ وٺ يا نالو لکيس ته پوء هن جو ڪم ڪنداسين، همراه ته صفا خوش ٿئي ويو - ڀوتار جي اوتاق کان نڪري ڪري ڪنهن پاڙي واري هوٺل جو رک ڪندو- جڌهن ڀوتار کي آرڊر ڌيڻ جو وقت آيو- ته پوء ڀوتار پنهنجن ڇاڙتن کي حڪم ڌيندو ته اڙي جمن، راهو جن ماڻهن نوڪرين جي لاء چيو اٿو تن کان هڪ آرڊر جا 6 لک ،3 لک گهرجو پوء نوڪرين جي نيلامي جو واڪ لگڻ شروع ٿيندو ڀوتار جي اوتاق کان، پوء جمن،راهو هوٺلن تي وچي ڪري آرڊرن ڌيڻ جا حوال هڻندا، پوء اسان ته بس انتظار ۾ ئي هونداسين ته ڪو هجي جيڪو پيئسن ۾ نوڪري وٺي ڌئي جڌهن ڀوتار جي ماڻهن جي ور چهڙياسين ته پوء سرڪاري نوڪري وٺهڻ لاء 6 لک به پورا ڪرڻا پوندا انهن کي پورو ڪرڻ جي لاء گهر جا برتن ، ماء، زال، ڀيڻ جا گه نيلام زمين ، پلاٽ ء قرض وٺهي ڪري به 6لک پورا ڪري سرڪاري آرڊر وٺهنداسين- جڌهن آرڊر مليو ته پوء 4 مهينا ته پگهار به نه ملندي پوء وري ڀوتار جي در جا چڪر- بس سرڪاري نوڪري بيو چوڪ وارو هوٺل پوء زندگي هوندي موجن ۾، ايها ته سوچ ڪڌهن دماغ ۾ ئي ڪون ايندي ته ڪو ڪاروبار ڪيان ، جيڪي 6 لک نوڪري جي لاء ڌيڻ چاهيان ٿو چو نه انهن 6لکن مان ڪو سٺو ڪاروبار ڪيان ، سرڪاري نوڪري مان جيڪي مهيني ۾ 20 هزار ملندا انهن کان ايهو سٺو نه آهي ته ڪو ڪاروبا.وپار ڪري هڪ محنت جي جذبي سان رزق روزي ڪمائجي. پوء حال ايهو رهندو جو جيڪو پاڙي ۾ پرچون جو به دوڪان هوندو اهو ڪنهن پنجابي يا پٺهاڻ جوهوندس اج ان جو دوڪان هڪڙو هوندو ڪجه عرصي کان پوء پوري بازار، پورو محلو ڪنهن ڌاري جي هٿ هوندس- پهريان ايئن هوندو هيو جو سنڌ جو ڪاروبار هندن جي هٿ ۾ هيو پر پنهنجو سنڌي هيو انهن جي لآء به اسان سنڌ جي زمين تنگ ڪري چڌي هاڻي اهي پنهنجا اباڻا ڪک چڌي ڪنهن بئي ملڪ ويا آهن ته ڪي وچي رهيا آهن- آخر اسان جي سوچ ڪهڙي آهي ؟؟ اسان سرڪاري نوڪرين جي پوٺيان ڪيترو وقت ء پيسو سيڙائينداسين- هاڻي سنڌ پوليس ۾ جيڪي نوڪريون آيون آهين اسان جا دوست ان آرڊر وٺهڻ لاء 6 لک،5لک ٿا ڀرين جن وٺ نه آهين اهي وري زمين ٿا وڪرو ڪن يا قرض ٿا وٺن آخر انهن 6 لکن مان ڪو ڪاروبار چو نٿا ڪن. هان سرڪاري نوڪري جي لاء ڪاغذ جمع ڪرائجن سٺي گاله آهي ماڻهون ڪوشش ڪري پر ائين ته نه پئسن ۾ سرڪاري نوڪريون وٺهجن- پوء پوري زندگي 20 هزار ء ڪرپشن ڪري زندگي گذار جي – ان لاء ايهو بهتر آهي ته اگر پئسا آهن ته ڪاروبار ڪيوته جيئن پنهنجي سنڌ تي وپار خاطر ڪو ئي ڌاريو اچي ڪري پنهنجو ديرو نه چمائي----