90 تي رينجرز جو ڇاپو، غير ملڪي هٿيار، سزاءِ موت جا قيدي ۽ ٽارگيٽ ڪلر هٿ ڪيا ويا، راءِ ڏيو.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2015۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    اڄ صبح جو سوير رينجرز طرفان عزيزآباد ۽ ان جي اوسي پاسي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس تي پڻ ڇاپو هنيو ويو جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ غير ملڪي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ سزاءِ موت جا قيدي ۽ ڪجهه ٻيا ٽار گيٽ ڪلر پڻ پڪڙيا ويا آهن، اهڙو اظهار ڊي جي رينجرز پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پڻ ڪيو آهي.
    ايم ڪيو ايم جيڪا هميشه طالبان ۽ دائش جي باري ۾ واويلا ڪندي رهندي آهي، جيڪا سدائين لياري ۾ رهندڙ ماڻهن جي خلاف آپريشن جا مطالبا ڪندي رهندي آهي ۽ هميشه ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي باري ۾ چوندي رهندي آهي ۽ اڄ جڏهن ان جي مرڪزمان هي سڀ ڪجهه مليو آهي ته ان کي ظلم ۽ ناانصافي چئي ماڻهن کي احتجاج لاءِ مجبور ڪري رهي آهي.
    غير ملڪي هٿيار ۽ ٽارگيٽ ڪلر ته ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالھ آهي ته جهڙي تنظيم آهي اهڙا ڪم ڪندي پر اهي قيدي جن کي سزاءِ موت اچي چڪي آهي اهي بجاءِ جيل جي 90 تي ڪيئن پهتا، ان پٺيان ڪهن جو هٿ ٿي سگهي ٿو اهو اسان سڀني لاءِ سوچڻ ڪو مقام آهي.
    هتي سڀ دوست پنهنجي مناسب راءِ ڏيئي هن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ڇو ته ان سان سنڌ ۽ سنڌين تي اثر پئجي سگهي ٿو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا سنئين سنڌي ڳالهه آهي ايم ڪيو ايم کي هر گورنمنٽ سپورٽ ڪئي آهي خبر ناهي ڪهڙي مجبوري کان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به بجاءَ کين سزا ڏيڻ جي الٽو سندن غلامي قبول ڪندا آهن. اڄ اگر قانون سچ ۾ ڏوهاڙين کي انجام تائين بهچائڻ چاهي ٿو ته تمام بهترين قدم آهي اسان خود حڪومت سان گڏ آهيون جيڪڏهن حڪومت جي ذاتي مفاد پويان اهيو ڊرامو رچايو ويو آهي ته اهيو عوام کي بيوقوف ڪرڻ واري پروپيگنڊا بند ٿيڻ گهرجي ۽ ملڪ کي حقيقت ۾ ڏوهاڙين کان پاڪ ڪرڻ گهرجي..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هتي سڀ دوست پنهنجي مناسب راءِ ڏيئي هن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن،
    ڳالهه ته پڌري پَٽِ پئي آهي ، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين قدم....
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي فيصلو تمام سٺو آهي ... خوشي ٿي.

    پر پوء به ڪيئي ڳجهارتون آهن، ايم ڪيو ايم جو گورنر، ايم ڪيو ايم لاء يونيورسٽيون ..... مان سمجهان ٿو هڪ سبب ته شايد ايم ڪيو ايم ۾ موجود گروهه بنديون ۽ ڌڙا بنديون به آهن.

    پر پوء به مجموعي طور هي عمل ساراهه لائق آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رينجرز کي هن عمل تي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ اميد ڪبي ته اڳتي به ان کان سخت ايڪشن ڪيا ويندا ۽ اهي ايڪشن سڀني مجرمن خلاف هجڻ گهرجن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ٻڌو آهي ته اڳ ۾ به نواز شريف جي حڪومت دوران ئي ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپو لڳو هو..
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ساراھ جوڳو عمل آهي ، سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي سمورن دفترن جو آپريشن ٿيڻ گهرجي
     
  9. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
     
  10. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    السلام عليڪم دوستو ،صبح بخير .
    نزله زڪام کهانسي ،قومي نشان همارا.
    اهڙو ڪم ڪيو اٿس مونسان لڳي ٿو سچو مغز نڪ رستي نڪري ويو آهي ،ڪا ڳاله سمجھ ۾ نه ٿي اچي .
    ”صاحب ڏيج شفا ميان مريضن کي “
    مٿان پي ٽي سي ايل وارن مٿو خراب ڪيو آهي .EVO .ٽائيم کان اڳ بند..... لڳي ٿو ته لمٽ 20 جي بي ڪئي اٿن.هتي سائين ڪير ڪڇي .مٺي به ماٺ ،مُٺي به ماٺ.
    اميد ته اوهان سڀ عافيت سان هوندا. سيارو پنهنجي ڪثر نه ٿو ڇڏي.وري به مالڪ جا ڪروڙين ڪرم جو دم عزت عافيت سان گذري سو غنيمت.
    شهر ۾ ڪاله وڏي وٺ وٺان لڳي پئي هئي پر ميمڻ ڳوٺ ۾ رهڻ جو اهو فائدو آهي جو سڪون سان هر ڪاروبار پئي هليو. ڪراچي نائين زيرو جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي اچ شهر به معمول موجب آهي.ڪاله ڀائي جي خطاب ۾ دم خم ،گانو راڳ يا ڌونس ڌمڪي نه هئي. رب خير فرمائيندو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    جيو جي صحافي ولي بابر جو قاتل فيصل محمود پڻ پڪڙيو ويو آهي پر افسوس جو جيو وارن پنهنجي صحافي جي مالڪي ڪرڻ ۽ رينجرز جي حمايت جي بجاءِ دهشتگردن جي طرفداري پئي ڪئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بول ڪي لب آزاد هين تيري....!!
    پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي سياسي پارٽين جي مڇي مارڪيٽ لڳل آهي ۽ سياسي پارٽيون عوامي خدمت لا نه پر هڪ منافعه بخش ڪاروبار سمجهي وجود ۾ اينديون رهنديون آهن.
    ايم ڪيو ايم جو ته وري دين ايمان ئي الڳ آهي. هي تنظيم سياسي پارٽي نه پر هڪ مافيا سمجهي وڃي ٿي. سندس شان ۾ ڇا لکجي..!!
    سپريم ڪورٽ ، فوجي ترجمان ، رينجرز ترجمان يا وري پوليس ترجمان ايم ڪيو ايم جي نظرن ۾ سڀ غلط آهن بس صحيح آهي ته سندن پير ۽ مرشد الطاف ڀائي..!!
    ڪلهه ڏينهن جو پاڻ فرمائي رهيو هو ته "آخر ڏوهاري 90 ۾ ويٺا ڇو هئا..؟ خوامخواهه اڪثريت لا مٿي جو سور بڻيا آهن، مون وانگر هيڏانهن هوڏانهن هلي وڃن ها، ايتري وڏي دنيا آهي..!!"
    (مطلب ته ڀُوتار قبولي رهيو هو ته پاڻ به ڪارو منهن ڪري ڀڳو آهي..!!!)
    اڄ وري مظلومن جي ساٿي فرمايو آهي ته 90 تان ڏوهاري نه پڪتا ويا آهن پر اهي ته 90 جي آس پاس گهمي رهيا هئا...!!
    مطلب ته سندس چوڻ موجب 90 هڪ سير سپاٽي جو مقام آهي خاص طور تي ڏوهاري ماڻهن لا پڪنڪ پوائنٽ..!!
    ڀلا سائين ڦني خان کان ڪير پڇي ته آخر ڏوهارين کي 90 اچي ئي روحاني سڪون ڇو ٿو ملي ..!!!؟؟
    حد ته اها آهي ته ايم ڪيو ايم جو هي مؤقف به سامهون آيو آهي ته 90 تان هٿ آيل خطرناڪ هٿيار رينجرز ڪمبل ۾ ويڙهي پاڻ سان گڏ کڻي آئي هئي..!!
    انهن عقلمندن کي ڪير سمجهائي ته هڪ ڪمري ۾ ماپڻ جيترن هٿيارن جو ايڏو وڏو ذخيرو ڪمبل ۾ ڪيئن ٿو اچي سگهي...!!؟؟

    بيشڪ الله پاڪ ظالمن جي رسي ڍلي ڪندو آهي پر جڏهن ڇڪيندو آهي ته پو دنيا لا عبرت به بڻائي ڇڏيندو آهي..!!
    اڃا ته سندن ڪيل بيشمار ظلمن جوحساب ڪتاب کين ڏيڻو آهي دنيا ۾ به ته آخرت ۾ به...!!!
    شل الله پاڪ اسان سڀني کي ۽ اسان جي سنڌ کي سندن شر کان محفوظ رکي. آمين ثم آمين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو