حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو: سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي ۽ مشهور حڪيم محمد صالح ولد مير خان ڪانڌڙي 14 جون 1912ع تي سن شهر ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي پڙهڻ بعد عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. غربت سبب مزدوري ۽ واپار به ڪيائين. ٻه شاديون ڪيائين. پهرين گهرواريءَ مان 6 پٽ ۽ 4 نياڻيون ٿيس. پر اوچتو ملڪ ۾ ڪالرا جي بيماري پئي، جنهن ۾ سندس سمورا ٻار ۽ هڪ ڀاءُ گذاري ويا. سندس ماءُ ۽ پاڻ وڃي بچيا. ڪافي وقت کان پوءِ ماءُ جي چوڻ تي ٻي شادي ڪيائين جنهن مان 4 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد ٿيس. 1937ع کان حڪمت شروع ڪيائين. ابتدا ۾ ڪنهن هندو پساريءَ کان نسخا ورتائين پوءِ حڪمت جي ماهرن حڪيم گل محمد، حڪيم سيد حيدر شاهه (قاضي احمد واري)، مولوي نور محمد نورائي (سکر واري) حڪيم حبيب الله شاهه (جيڪب آباد واري) کان نسخا حاصل ڪيائين ۽ طبي ڪاليج اسلام آباد مان طب جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوري ملڪ ۾ ڏهين پوزيشن کڻي پاس ٿيو. سندس طبعيت مزاح واري ۽ گفتگو وڻندڙ هئي. جنهن ڪري ماڻهو وٽس تمام گهڻا ايندا هئا. سندس حڪمت جو دڪان ڄڻ ڪچهري جو آستان هوندو هو. کيس تمام گهڻي ڄاڻ هئي. حافظو به ڪمال جو هوندو هئس. ايندڙ مريض کي شاهه عبداللطيف ۽ راضي فقير جا بيت ٻڌائيندو هو. جي ايم سيد جو عقيدتمند ۽ صحبتي هو. روزانو شام جو وٽس ڪچهري لاءِ ويندو هو. 1971ع ۾ جڏهن جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي 17 ماڻهن جو وفد بنگلاديش موڪليو ته ان جا اڳواڻ سيد امداد محمد شاهه، رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو هئا. اتي سندس تقرير شيخ مجيب الرحمان کي گهڻو متاثر ڪيو هو. حڪيم صاحب جا ڪم قابل تعريف آهن. هو سن ۾ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وجهندڙن مان هو. هن سوسائٽيءَ طرفان شهر جي دڪاندارن کان پنجن پئسن جي حساب سان روزانو چندو ورتو ويندو هو. جنهن مان پسگردائي جي شاگردن لاءِ يونيفارم، ڪتابن ۽ فين وغيره جو خرچ ڀريو ويندو هو. ان ريت ڪيترن غريب شاگردن جي مدد ٿيندي هئي. اها سوسائٽي اڄ به ساڳي ريت ڪم ڪري رهي آهي. هن وقت ان سوسائٽي کي ڊاڪٽر سيد ضياءُ هلائي رهيو آهي. هن سوسائٽي طرفان 15 شاگرد ڪئنيڊا موڪليا ويا آهن. حڪيم محمد صالح لطيف شفا خانو هلائيندو هو. جتي استادن ۽ شاگردن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. حڪيم صاحب مولوي عبدالخالق (بهاولپور)، مولوي محمد صالح سيال (دادو) ۽ مولانا خسرو (حيدرآباد دکن ) کان گهڻو متاثر هو. هن جي ايم سيد جي ڪچهرين مان تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس اوطاق به مشهور هوندي هئي. جتي جي ايم سيد جي سالگرهن جي موقعي تي 1968ع کان 1996ع تائين سوين ماڻهن جي رهائش جو بندوبست هوندو هو. حڪيم صاحب ٽي ڪتاب (1) مجربات صالحين (2) تجربات صالحين ۽ (3) صحبت صالحين لکيا. سندس اولاد مان وڏو پٽ ڊاڪٽر عبداللطيف ڪانڌڙو اسڪول آف ميل نرسنگ ۾ نرسنگ ٽيوٽر آهي. ٻيو پٽ عبدالستار ڪانڌڙو سيوهڻ ڪاليج جو پرنسيپل ۽ بعد ۾ سن ڪاليج جو پرنسيپل ٿي رهيو. ٽيون پٽ مظهر علي ڪانڌڙو سن شهر ۾ اسپيئرپارٽس جو دڪان هلائيندو آهي ۽ چوٿون پٽ علي محمد ڪانڌڙو ياماها ڪمپني ۾ ڊپٽي پراڊڪشن مئنيجر (بلوچستان) آهي. سندس هڪ نياڻي آپا نذيران جيڪا ساڻس حڪمت ۾ هٿ ونڊائيندي هئي سا مڊوائيف جي نوڪري ڪري ٿي. حڪيم محمد صالح 12 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي.