ريتون رسمون هر قوم ۾ سدائينءَ کان رهيون آهن ۽ انهن جي قائم ٿيڻ جي وجه ۽ ان کان پوءِ جا فائدا انيڪ آهن. مثال طور اڳي اسان وٽ مرتئي کان پوءِ تڏي تي ويٺل پونئرن وٽ دُعا لاءِ ايندڙ هر مٽ مائٽ، عزيز توڙي دوست ڪُجهه پئسا ڏيو ويندو هو ته جيئن هو ڏُکي ويل ۾ آئي وئي کي چانهه چُڪو به پيارين ۽ سڀ گهر ڀاتي ڪم ڪار ڇڏي سوڳ ۾ ويهي رهيا آهن ته ڪُجهه ڀر جهلو به ٿي پئي. پر هاڻ اها رسم جهڙوڪر ختم ٿي چُڪي آهي. ايئن وري خوشي جي سڀ کان وڏي رسم شاديءَ جون به انيڪ رسمون آهن جن مان ڪي ته اڄ به هندو توڙي مُسلمانن ۾ پڻ ساڳيون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته اهي سنڌ ۾ محمد بن قاسم کان به اڳ جو هلنديون اچن. شاديءَ کان پوءِ وري اسان وٽ گهوٽ ڪنوار جون دعوتون شروع ٿين ٿيون جيڪي کين مٽن مائٽن توڙي گهر ڀاتي جهڙن دوستن پاران کارايون وڃن ٿيون. شاديءَ کان پوءِ جلد اهو سلسلو شروع ٿئي ٿو جيڪو مهينو سوا تائين پيو هلندو آهي. ان سان نه رُڳو دعوت جو فرض پورو ٿئي ٿو پر نئين گهر آيل نئين ڪنوار جلد ئي گهوٽ جي مٽن مائٽن سان مليو وٺي ۽ گهوٽ پڻ ڪنوار جي ويجهن مائٽن سان عليڪ سليڪ ڪريو وٺي. تُرڪيءَ ۾ اچي شادي جي رسمن جي پُڇا ڪئي ته حيرت ٿي ته هتي پڻ ڪافي رسمون ساڳيون آهن. اڄ به ڳوٺن ۾ گيت گانا هلن ۽ ڇوڪريون نچن ڪُڏن. ڪنوار وناهه ۾ به ويهي ٿي. نڪاح کان پوءِ لائنون لهڻ مهل کير ۾ منڊي لڪائڻ، گهوٽ جي بند مُٺ کولڻ وغيره جهڙيون رسمون پڻ ادا ڪيون وڃن ٿيون. شهرن ۾ وري اسان وانگي شادي هال ۾ شادي ٿئي ۽ سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ اُڪلائي مهمانن کي واندو ڪيو وڃي ٿو. پر ٻه ڳالهيون بلڪل نيون ۽ اسان کان مختلف نظر آيون. پهرين اها ته شاديءَ کان پوءِ گهوٽ ڪنوار ان رات ئي ڪنهن نه ڪنهن وڏي شهر ۾ هني مون تي نڪرن ٿا. ڳوٺن ۾ به سرنديءَ وارا اهو ڪن پر شهرن جا لڳ ڀڳ سڀ گهوٽ ڪنوار اڳواٽ ئي هفتي ڏيڍ جي هني مون جو بندوسبت ڪريو ڇڏين. تُرڪيءَ ۾ هونئن به گهُمڻ جي جاين کوٽ ناهي پر ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ جا شهر موسم جي لحاظ کان بهتر هُجڻ ڪري گهڻو زور انهن ڏانهن هوندو آهي جنهن ۾ انطاليه سرِفهرست آهي. شادي واري رات ماني کائي مهمان گهر ويندا ته گهوٽائتا ڪنوار کي وٺي گهر اچڻ بجاءِ سڌو وڃي ايئرپورٽ ڇڏين يا گهُمڻ جو هنڌ ويجهو آهي ته ڪار ۾ وڃي ويهاريندا. هو هوٽل پُهچي سهاڳ رات (يا صبح) به هوٽل جي ڪمري ۾ گُذارين. ان کان پوءِ هفتو ڏيڍ اهو شهر گهُمندي گُذارين ۽ مدد لاءِ گهوٽ جو دوست يا مٽ مائٽن مان ڪو همراهه هوندو جيئن پاڻ وٽ شادي ۾ اهنر يا اڻهيار هوندو آهي. ان دوران هڪ ماهر فوٽو گرافر به گڏ هوندو جيڪو مسلسل انهن يادگار لمحن جا فوٽا ڇڪيندو رهندو آهي. اسان کي به مُختلف تفريحي ماڳن تي اهڙا نوان شادي شُده جوڙا مليا. ڪنوار کي اڇو وڳو جيڪو هيٺ وڏو ويڪرو ۽ گهوٽ واري پينٽ ڪوٽ ۽ ننڍي ٽاءِ ۾ هوندو آهي جيڪو هاڻ اُتي رواج آهي. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ ڪنوار جڏهن واپس ساهورن پُڄي ٿي ته کيس ڪرڻ لاءِ ڪم هڪ وڏي چئلينج طور موجود هوندو آهي. هونئن ته گهڻي ڀاڱي گڏيل گهر (Joint Family)وارو رواج هاڻ ختم ٿي چُڪو آهي. گهوٽ ڪنوار جي مڱڻيءَ کان پوءِ هو پاڻ طئي ڪن ٿا ته ڪٿي رهبو ڪهڙو گهر وٺبو. ڏينهن ٻڌجڻ کان پوءِ شادي ٿيڻ تائين وٽن ٽي چار مهينا هوندا آهن جنهن دوران هو گهر به وٺيو وٺن يا ڪِرائي تي کڻن ٿا جنهن ۾ سڀ سامان برابريءَ جي بُنياد تي وٺندا رهن ٿا. جنهن سان هڪ طرف ٻنهي ڌُرين تي هڪ جيترو بار پئي ٿو جنهن سان هڪ طرفي پريشاني نه ٿي ٿئي. سامان ۾ سُئي سڳي کان وٺي هر شئي مڱيندو ۽ مڱيندي گڏجي وڃي پاڻ وٺن ٿا. يعني جنهن کي سامان استعمال ڪرڻو آهي اُهي پاڻ ئي وٺن ٿا ته اڳتي هلي کين پريشان نه ٿي ٿئي. ايئن ته بلڪل ناهي جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي ته ڪنواريتن پاران ڏيج وٺندي يا گهوٽائتن پاران ڪنوار کي ڏنو ويندڙ سڀ سامان گهڻو ڪري گهوٽ به، پر ڪنوار کان ته يقينن بنا صلاح وٺڻ جي ورتو وڃي ٿو جنهن سان اڳتي هلي ڪا پسند نا پسند جي ڳالهه بد مزگي پئدا ڪري ٿي. سامان سڙو وٺڻ کان پوءِ شادي ۽ هني پورو ڪري اچن ته اسان کان مُختلف ٻي ڳالهه جو وارو اچي ٿو. ڪنوار کي پنهنجي گهر سنڀالڻ سان گڏ اُتي جي نرالي ريت نڀائڻي پوي ٿي جيڪا آهي گهوٽ توڙي پنهنجي سڀني عزيزن کي دعوت کارائڻ. جيئن مٿي لکيم ته اسان وٽ گهوٽ ڪنوار دعوت کائيندا آهن پر تُرڪيءَ ۾ وري دعوت کارائيندا آهن. چون ٿا ته انهيءَ سان ڪنوار پهرين مهيني ئي گهر ۾ رڌي پڪي تي هِري ويندي. مهمانن سان به عليڪ سليڪ ٿي ويندي. هڪ لحاظ کان جتي اهو فائدو آهي ته ساڳي وقت نئين ڪنوار لاءِ ڏچو پڻ آهي. اڃان تازو شادي ڪري ڪنوار مس مس گهر پُهچي ٿي، نئون گهر نئون ماحول ۽ مهينو سوا هڪ نه ٻئي ڏينهن مهمانن جو اچڻ. اتفاق سان تُرڪي اچي جنهن سان گهڻي گهرائپ ٿي اهو هو اونيور تولگا جنهن جي صالحه نالي ڇوڪري سان شادي به انهن ڏينهن ئي ٿي هُئي. هي پاڻ اڃان پي ايڇ ڊي جو شاگرد آهي ۽ صالحه هن جي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اڃان هني مون ڪري موٽيا ته ملڻ ٿيو. کين دعوت جو سلسلو شروع ڪرڻو ئي هو ته ڪُجهه نئين انداز سان ڪرڻ لاءِ اسان کي دعوت ڏنائون ته جيئن دعوتن جو آغاز انٽرنيشنل مهمانن سان ٿئي. ان دعوت ۾ ته اڃان ادي صالحه حجاب پئي ڪيو سو گهڻي ڪچهري نه ٿي پر اڳتي هلي جڏهن ڪافي ملاقاتون ٿينديون رهيون ته هڪ ڏينهن ڪچهري ٿي. هڪ ڏينهن ٻُڌايم ته ”اسان وٽ ايئن ڪونهي. گهوٽ ڪنوار شادي ڪري هني مون تي ويا ته ٺيڪ نه تي ٻي ڏينهن ئي دعوتون شروع ٿيو وڃن. جيڪي مهينو کن هلنديون رهن ٿيون.“ پُڇيم ”ڀلا توکي ٻنهي مان ڪهڙي ڳالهه وڻي“ ”ادا آئون ته فل الحال اوهان واري ريت پسند ڪنديس جو سڄو مهينو دعوتون کارائي کارائي ٿڪي پئي آهيان.“ ”پر اهو به ته آهي جو توکي نئين گهر ۾ ايندي ئي ڪم سان لڳڻ ڪري هاڻ نواڻ نه لڳندي هوندي“ ”ها بلڪل اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ اها رسم آهي. ان سان هڪ طرف حجاب جلدي ختم ٿيو وڃي ۽ ٻيو ته گهوٽائتن جا جيڪي مٽ مائٽ آهن انهن سان به ڳالهه ٻولهه جو موقعو مليو وڃي. ڇو ته هاڻ اسان وٽ ارينج ميريج جو رواج لڳ ڀڳ ختم ٿي چُڪو آهي ته ڪافي مائٽ اهڙا هوندا آهن جيڪي نوان هوندا آهن ۽ انهن سان شاديءِ ۾ ئي پهرين ملاقتا ٿئي ٿي ۽ هن ريت سان ڪچهري جو موقعو مليو وڃي.“ ”ها بلڪل ان لاءِ اهو بهتر حل آهي“ ”بهتر حل ضرور آهي پر هڪ نئين ڪنوار جو پهريون مهينو وڏي مزدوري آهي“ صالحه اهو چئي کلندي رهي ۽ آئون سوچيندو رهيس ته ڪيئن ريتون رسمون به پنهنجي جداگانه حيثيت رکن ٿيون. الڳ احساس ۽ نوان تصور.
رسم ته عجيب آهي پر ان قسم جون يا ان کان به نراليون رسمون سڀني ملڪن ۾ ٿين ٿيون. پر يار نئين ڪنوار سان هيڏو وڏو ظلم ... اها روايت تبديل ٿيڻ گهرجي. ترڪ ڪجهه سوچين ۽ تبديليون آڻين. بهر حال اوهان جو ليک وڻيو
سٺي ڳالھ آهي ، اسانوٽ ته ايئن به چيو ويندو آهي ته جيسيتائين هٿن تان ميندي نه لهي تيسيتائين ڪنوار ڪم ڪار يا رڌ پچاءُ نه ڪري !
مون کي ته اها ڳالهه 100 سيڪڙو وڻي آهي ته عورت کي اچڻ شرط ساهيڙن ۾ مالڪ هجڻ احساس ڏيارجي نه ڪي مهمان هجڻ جو احساس ڏيارجيس اسان جي سماج ۾ ڏسو ڇوڪڙيون امير گهر مان هجن يا غريب گهر مان ساهيرن ۾ اينديون آهن ته کين بجاءَ ذميدارين کان واقوف ڪرڻ جي کين چيو ويندو آهي وڃڻ شرط مڙس کي نوڪرياڻي رکڻ جي فرمائش ڪجان پوءِ نه مڃي ته سس کي چوءَ پنهنجي ڪم پاڻ ڪريو.. مطلب احساس ذميواري ٻين کي به پنهنجو امان ابو سمجهڻ هرگز نه.......مڃو نه مڃو اسان جي سماج ۾ ڳوٺ توڙي شهر جو عورتن جا مزاج هڪجهڙا ٿي چڪا آهن شروع ۾ ڇوڪڙين کي هٿ پير نه هڻڻ جي عادت وجهي کين خود لاءِ ۽ ٻين لاءِ انيڪ مئسلن جا سبب بڻائجڻ کان بهتر ناهي ته انسان پنهنجي اولاد کي محنت ۽ احساس ڪرڻ جو پابند بڻائي