مريضن لاءِ مفت مشورو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسانجي سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي. پوءِ ان ۾ ايريگيشن کاتو هجي صحت جا مرڪز هجن پوليس هجي يا نادرا يا پوسٽ آفيسون هجن ايجوڪيشن کان علاوه سمورن کاتن ۾ ڪٿي به ايمانداري ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. هرڪو ننڍو وڏو آفيسر عوام کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي تکي ڪيو ويٺو هوندو آهي. هڪڙا آفيسر ڊيوٽين تي موجود ئي نه هوندا آهن جيڪي موجود هوندا آهن اهي اڀري سڀري جي ٻڌندا ناهن پوءِ جنهن جو به ساڻن ڪم ڦاسي ٿو ان جي جُتي گسي ٿي وڃي هن دفعي موجوده حڪومت آفيسر طبقي کي وڌيڪ سهولت ڪري ڏني آهي ڇو ته حڪومت هفتي ۾ ٻه سرڪاري موڪلون ڪري ڇڏيون آهن. هاڻي اهي آفيسر سولا ٿي پيا آهن جن جي نيتن ۾ اڳي کوٽ هئي. آفيسن جي ويجھا رهندڙ آفيسر جمعي ڏينهن به ڊيوٽي تي ڪو نه ٿا وڃن ته اسان نماز پڙهنداسين وري ڳوٺ به وينداسين هاڻي اهي جمعي ڏينهن ڳوٺ روانا ٿين ٿا وري ٻه موڪلن کان بعد سومر ڏينهن اچن ٿا تڏهن به چوندا ته ٿڪي ٽٽي آيا آهيون هاڻي ڊيوٽي وري اڱاري ڏينهن جوائين ڪنداسين. اهڙي طرح هفتي جي ستن ڏينهن مان آفيسر طبقو فقط ٽي ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿو. آءُ خاص ڪري انهن مريضن کي مشورو ڏيندس ته جيڪي سرڪاري اسپتال ڏانهن علاج لاءِ وڃن ٿا کين چوان ٿو ته اوهان فقط اڱارو، اربع ۽ خميس ڏينهن وڃو باقي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ڳوليا به نه لڀندا.
    سليم ملاح- حنيف ملاح
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو