عزيز الله ٻوهيو ڪجهه مهينا اڳ ٿورن ڏينهن جي وقفي سان سنڌ جي نالي وارن اديبن، غلام حسين رنگريز ۽ امر جليل صاحبن امام سنڌيءَ جي شخصيت خلاف ان کي تحريڪ خلافت جي سياسي عمل ۾ بهرو وٺڻ ڪري ملو ۽ ملائيت کي جيارڻ جو ڪارڪن سڏيو ۽ سنڌي صاحب کي پنهنجو آئيڊيل سياسي رهنما سڏڻ وارا عقيدت منجهان جيڪو امام انقلاب جو لقب ڏيندا آهن ان تي به امر جليل صاحب اعتراض واريو ته عبيدالله ڇا جو ۽ ڪهڙو انقلاب آندو هو. آئون مٿين ٻنهي ترقي يافته اديبن جي خدمت ۾ عرض ڪيان ٿو ته اوهان خلافت کي ملائيت جي علامت سان جيڪو تعبير ڪيو آهي اها اوهان جي سياسي علميت جي کوٽ آهي آئون جيڪڏهن ان جي پوري تشريح هت لکان ته ان کي آئون هن مضمون ۾ ماپي نه سگهندس مختصر عرض ته خلافت اسلاميه نالو آهي اقوام متحده مثل يونائيٽڊ نيشن جي اداري جو جيڪو ڪجهه عرصي کان نيويارڪ ۾ قائم ڪيل آهي هن اداري جي بدناموسيءَ جو سبب خليفه سلطان عبدالحميد جهڙن نااهل خليفن جي ڪري ٿيو سو عالمي سامراج کي هلائڻ واري اداري فري ميسن کي نيويارڪ ۾ جيڪو يونائيٽڊ نيشن وارو ادارو کولڻو هئو ته انهن سوچ ڪئي ته ڪٿائين مسلمانن جي اداري خلافت ترڪيه ۾ سلطان عبدالحميد کانپوءِ ڪوئي اهل ۽ لائق ماڻهو خلافت تي نه اچي وڃي جنهن جي ڪري هنن وارو ادارو ناڪام ٿي وڃي سو اڳ مسلمانن جو اهو ادارو ختم ڪجي پوءِ اسان جون عالمي جمعداريءَ واريون سوچون ڪامياب ٿي سگهنديون. آئون پنهنجي هن مضمون ۾ اڳتي انقلاب جو امام لکڻ بدران ملا عبيدالله سنڌي لکان ٿو ته جيئن مٿي ڄاڻايل ٻه اديب في الحال خوش ٿين ۽ هن سوال جو جواب ٻئي اديب صاحب پاڻ سوچين ته مهاتما گانڌي کي هو ڇا سڏيندا جنهن مسلم مذهبي پيشوائن سان گڏجي تحريڪ خلافت ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مسلمانن کي پنهنجي تقريرن ۾ قرآن جون آيتون پڙهي هن سياسي اداري کي بچائڻ لاءِ سڄي هندستان ۾ ۽ امرجليل جي ڳوٺ روهڙي ۽ سکر ۾ بگيءَ تي چڙهي مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان گڏ دورا ڪيا. پير رشدالله جهنڊي واري سان گڏ جلسا ڪيا آئون ته کڻي هروڀرو مٿين صاحبن جي خوش ڪرڻ لاءِ ملا عبيدالله سنڌي خلاف سندن انڪشاف ته ان تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو هئو کي ڄڻ ته تسليم ڪندي ٻه اکر لکي ويس ته امرجليل صاحب جي دانش مندي کان سوال ڪري سگهان ته جيڪڏهن تحريڪ خلافت ۾ عبيدالله سنڌي حصو وٺڻ ڪري ملائيت جو نمائندو ٿيو ته پوءِ گانڌيءَ کي ساڳين سرگرمين سبب به ملا سڏڻ گهرجي، نه ته حقيقت هي آهي ته ملا عبيدالله سنڌي ۽ کڏي ڪراچيءَ جي مولانا محمد صادق مٿان بلقان جي جنگ وارن ڏهاڙن ۾ انگريز حڪومت جي سخت نگراني هئي انهن ڏينهن ۾ ملا عبيدالله سنڌي سعيدآباد ويجهو پير جهنڊي ۾ پڙهائيندا هئا ۽ انگريزن جي فوج جو پير جهنڊي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهيل هئو ته ڪٿائين هي بلقان طرف انگريزن جي ترڪ مخالفن سان ڪا مدد جي ڪمڪ نه موڪلي سگهي ۽ انگريزن کي هي شبهو پئجي چڪو هو ته ملا عيبدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق گڏجي بلوچستان ۾ تاج برطانيه جي باغي نوري مينگل کان ترڪن جي مدد لاءِ ڪمڪ موڪلي آهي، سو امرجليل ۽ غلام حسين رنگريز کي ياد رکڻ گهرجي ته تحريڪ خلافت سنڌ ۽ هند ۾ 1919ع ڊسمبر مهيني ۾ شروع ٿي آهي ۽ ملا عبيدالله سنڌي پير جهنڊي کان 1915ع ۾ تحريڪ کان چار سال اڳي ڪابل لاءِ روانو ٿيو آهي اهو به سندس استاد شيخ الهند محمود الحسن جي هن حڪم ۽ تجويز هيٺ ته افغانستان ۾ وڃي هندستان جي انگريزن کان آزادي لاءِ دنيا وارن کان مدد وٺي. مٿي ڄاڻايل مسٽر طبقي جي مهربان دانشورن کي ڄاڻ هوندي ته ملا عبيدالله سنڌي کي ڪابل وڃڻ لاءِ سنڌ جي پاڙي وارن پيرن کان ڪراچي لاءِ به پئسو ڪو نه مليو اهو به حيدرآباد جي هڪ وڏي هندو فئملي جي عظيم انسان جيڪو مذهب مٽائي مسلمان ٿيو هو يعني شيخ عبدالرحيم ان پنهنجي ڌيءَ جون سونيون واليون وڪڻي ڀاڙي خرچ لاءِ ملا عبيدالله سنڌيءَ کي اها رقم ڏني هئي پوءِ اڳتي هلي گمناميءَ ۾ اتر هندستان طرف شيخ عبدالرحيم کي قتل ڪيو ويو هئو پر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو چوڻ آهي ته شيخ صاحب جي موت جي صحيح خبر نه لڳي آهي آئون انگريز سي آءِ ڊي جي هوشياريءَ جي حوالي سان هي ڳالهه عرض ڪرڻ گهران ٿو ته امام الهند ابوالڪلام آزاد سان ملا سنڌيءَ جي جمعي جي ڏينهن جامع مسجد دهليءَ ۾ ملاقات ٿي اتي پريشاني وچان آزاد صاحب ملا عبيدالله کان پڇيو ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي جواب ۾ ملا سنڌي صاحب چيو ته اوهان سڀاس چندر بوس کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو آئون ان کي ٻاهرين دنيا جي ڪن انگريز دشمن ماڻهن ڏي خط لکي ڏيان ٿو پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو، ان ملاقات بعد ملا سنڌي صاحب پنهنجي رهائشگاهه ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڪاليج جامع ملبه واقع اوکلي طرف پيدل روانا ٿيا اهو (اهو فاصلو اندازن ڪيماڙي کان صدر جيترو ٿيندو جو آئون پاڻ سواريءَ تي اهو هندستان وڃڻ وقت ويو هئس). اتفاق سان رستي ۾ هڪ ويران جڳهه تي ملا عيبدالله سنڌيءَ کي نيتاجي سڀاس چندر بوس ملي ويو ۽ ساڻس آزاد صاحب وٽ ٿيل ڳالهه ٻولهه کان آگاهي ڏني ۽ ان تي عمل ته ٿيو پر خبر ناهي ته انگريز سرڪار کي ڪيئن خبر پئي جو انهيءَ ئي سفر ۾ بابو بوس ائين ته گم ٿي ويو جو ڪنهن کي به ان جي گم ٿيڻ ۽ مرڻ جي ڪا به خبر نه پئي. مون ڳالهه شروع ڪئي هئي ته ڪابل وڃي ملا سنڌي اتي جي بادشاهه امير حبيب الله کي پنهنجي افغانستان اچڻ جو مقصد ٻڌايو جنهن کيس مشورو ڏنو ته اوهان هت ڪانگريس پارٽيءَ جي عيوضيءَ طور بهتر نموني ڪم ڪري سگهندا پوءِ ملا سنڌي صاحب پوئتي هندستان سان رابطو ڪري قيادت وارن کان پنهنجي ممبرشپ به حاصل ڪئي ۽ ڪابل ۾ ڪانگريس جو غير ملڪي يونٽ کولي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي به اجازت ورتي ملا سنڌي صاحب هندستان مٿان افغانستان جي چڙهائي به ڪرائي جيڪا جنگ ٽن محاذن تي لڙي وئي هتي جنمان هڪڙي محاذ تي ملا سنڌي صاحب افغاني فوج سان پاڻ به گڏ هئو سو ٻن محاذن تي افغاني فوج شڪست کاڌي ۽ جنهن محاذ تي ملا سنڌي صاحب گڏ هئين اتي هو سوڀارا ٿيا هئا ملا صاحب ڪابل ۾ جلاوطنيءَ جا ست سال گذاريا هئا اتي جي عرصي ۾ هڪ بادشاهه آزاديءَ جي مهم ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ لاءِ آيل ۽ اتي رهيل گروپ سان مدد ڪرڻ بجاءِ مخفي طور انگريزن جي حمايت وارو نمونو اختيار ڪري رهيو هئو ته ملا عبيدالله سنڌي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان ان جي ولي عهد کي پنهنجو ايترو ته هم خيال بڻايو جو خود ان جي هٿارون بادشاهه کي قتل ڪرايائين پوءِ ان جو جانشين مشهور انگريز دشمن بادشاهه ثابت ٿيو جنهن کي بادشاهيءَ تان هٽائڻ يا قتل ڪرڻ لاءِ برٽش گورنمينٽ کي پنهنجي مشهور افسر ڪرنل لارينس آف عريبيه کان مدد وٺڻي پئي پروفيسر سرور صاحب جي لکيل ڪتاب ڪابل ۾ ست سال منجهان هي حقيقت چڱي طرح ملي ٿي ته ملا سنڌيءَ جو ڪابل ۾ رهڻ وقت اتي سوويت يونين جي سفير سان وڏو رابطو رهندو هئو اتي رهائش جي عرصي ۾ ملا سنڌي صاحب کي پروڙ پئجي وئي ته انگريز سرڪار افغان گورنمينٽ تي وڏو بار وڌو آهي ته هوءَ وڏي معقول لالچ تي ملا سنڌيءَ کي جيئرو يا مئل ان جي حوالي ڪري پوءِ ملا صاحب رات جي انڌيري ۾ پنهنجي اڳ ڄائي پٽ عزيز احمد کي به ساڻ ڪري روس روانو ٿي ويو ۽ اتي پنهنجي شاگرد موسيٰ جارالله وٽ لينن گراڊ ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي جي نئين انقلابي حڪومت سان رابطا به قائم ڪيائون ۽ انهن ڏينهن ۾ لينن پنهنجي وفات واري بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪو هئو ملا سنڌي صاحب کي سندس مطالبي تي جڏهن لينن سان ملائڻ وٺي ويا هئا تڏهن مرض جي سختيءَ جي ڪري لينن جي زبان ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان بند ٿي چڪي هئي سو ان سان ڪا به گفتگو ڪري ڪو نه سگهيا، پوءِ هتي شخصيت پرستي جي پوڄاري ليکڪن ڏاڍا ڪوڙ لکيا ته لينن سان سنڌي صاحب جون تفصيلي ملاقاتون ٿيون ۽ لينن جي زال سنڌي صاحب کي نماز پڙهڻ لاءِ وضو جو پاڻي گرم ڪري ڏيندي هئي جن اهڙين سڀن ڳالهين جي ملا سنڌي صاحب هتي واپسي مهل سختي سان ترديد ڪئي. محترم امرجليل ۽ غلام حسين رنگريز صاحب جن کي ملا عبيدالله سنڌيءَ جي سياسي ڪارنامن ۽ عمل کان سخت انڪار آهي سو ڄاڻڻ گهرجي ته انهن ٻنهي دانشورن جا آئيڊيل مسٽر لڏي جا ڪيترائي ليڊر ۽ رهنما پاڪستان جا حامي ۽ ٺاهيندڙ ۽ جناح جا پوڄاري حد تائين پيروڪار رهيا آهن پر هنن جي خيال واري ملا عبيدالله هڪ ڏينهن به پاڪستان، مسلم ليگ ۽ جناح جي حمايت ڪا نه ڪئي. مون سان مولانا عبدالقادر لغاري صاحب مرحوم ڳالهه ڪئي ته مون کي هڪ ڏينهن امام سنڌي صاحب مدرسي کڏي ڪراچيءَ ۾ چيو ته تون مون سان حيدر منزل تي گڏجي هل اتي آئون جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان ضروري ڳالهه لاءِ ملڻ گهران ٿو. اسان اتي گڏجي وياسون ۽ اتي ملا سنڌي صاحب ٻنهي سنڌي اڳواڻن کي چيو ته آئون توهان وٽ پنهنجي هيءَ اڇي ڏاڙهي ميڙ ڪري آيو آهيان ته مسلم ليگ ۽ جناح کي ڇڏي ڏيو ۽ پاڪستان ٺاهڻ بدران الهه بخش سومري جو ساٿ ڏيو. مون ان کي چيو آهي ته هو وائسراءِ سان ملي سنڌ کي آزاد وطن لاءِ گهر ڪري جيڪو اڳي وانگر خاص سنڌين جو هجي جو مطالبو ڪري سو اوهان به اسان سان سنڌ سنڌين جي آهي جي مهم ۾ ساٿ ڏيو ته ڀلو ٿيندو پوءِ ملا سنڌيءَ جي ان مطالبي جي جواب ۾ مسٽر جي ايم سيد ۽ مسٽر شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحبن انڪار ڪيو ۽ مسٽر لڏي ۽ طبقي وارن لاءِ پاڪستان ٺاهڻ ۾ هڙون وڙون ڪم ڪيائون ملا سنڌيءَ جي تجويز ۽ اسڪيم کي ان جي مٿي ۾ اڇلائي هنيائون. پنڊت جواهر لال نهروءَ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ملا سنڌي صاحب سان غالبن اٽليءَ ۾ هڪ ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي ته هن ماڻهوءَ وٽ هر مهم ۽ مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا رٿ ۽ تجويز هئي. امر جليل صاحب اوهان هنن گودڙي پوشن جي خبر سامراج کان پڇي ڏسو جو هن سڄي عمر ڪپڙي جي هڪڙي وڳي ۾ گذارڻ واري مرد قلندر جي مري وڃڻ جو ٻڌي انگريز سرڪار کي اعتبار نه آيو ۽ انهن کي ان ۾ به ڪنهن سياسي چال جو انديشو محسوس ٿيو جو انهن ان خبر جي تصديق لاءِ پوليس کان رپورٽ گهري جنهن دين پور ۾ ان جي قبر آهي اتي وڃي مشير نامون ٺاهي قبرستان ۽ ان ۾ ملا سنڌي جي قبر جي جاگرافي تيار ڪري سرڪار کي اعتبار ڏياريو ته ملا سنڌي سچ پچ ۾ مري ويو آهي ۽ جيئرو ناهي ملا سنڌيءَ پنهنجي وفات واري سال چيو ته اسان برصغير منجهان انگريزن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي جيڪڏهن آئون مري وڃان ۽ چئن سالن تائين انگريز هتان نڪري نه وڃي ته منهنجي قبر تي اچي دانهن ڏجو ته اڃا انگريز هتي ويٺو آهي نڪتو ڪونهي ته آئون قبر منجهان اوهان کي ٻڌائيندس ته انگريز جون پاڙون اسان پٽي آيا آهيون اوهان کي اهو نيڳال جو پاڻي نظر ٿو اچي. منهنجي محترم غلام حسين رنگريز ۽ امرجليل صاحب کي خبر هجڻ گهرجي ته پڪي قلعي حيدرآباد جي جلسي ۾ غالبن جيڪو 1943ع ۾ ٿيو هو ان ۾ اسٽيج تي مولوي محمد صالح عاجز ملا سنڌي لاءِ نعرو هڻايو ته امام انقلاب عبيدالله سنڌي زندهه باد ته پويان سنڌي صاحب اچي ان کي چماٽ هنئي ته بس ڪر آئون امام انقلاب ناهيان. آئون هڪ شڪست کاڌل سپاهي آهيان. امر جليل صاحب! تحريڪ خلافت وارا توکي معمولي ماڻهو ٿا نظر اچن ملا سنڌيءَ جو استاد هندستان ۾ هن تحريڪ جو باني شيخ الهند محمودالحسن به برابر ملا برادريءَ جو هئو انگريزن ان کي جڏهن ڪاري پاڻيءَ جي سزا طور مالٽا جي ٻيٽن ۾ سزا ۽ قيد ڏئي شهر مڪي جي مسجد بيت الحرام منجهان گرفتار ڪيل هن باغيءَ کي موڪليو هئو ته آزاد ٿي موٽي اچڻ مهل دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي ان جي استقبال لاءِ آيل آزادي پسندن جي هجوم ۾ مهاتما جو ڪارڪن سڏيون ٿا ته ڇا ڪارل مارڪس، لينن چي گويرا کي ڏاڙهي ڪا نه هئي ڇا؟ ڇا فيڊرل ڪاسترو ۽ سورهيه بادشاهه کي ڏاڙهي ڪا نه هئي ڇا؟ ڇا ته اسان جي لکڻي داسن جي سوچ ۽ ذهنيت آهي! صدر ايوب جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ هڪ ملڪ جو فوجي جنرل پاڪستان جي دوري تي آيو ۽ سرڪاري ميزبانن کان پڇيائين ته غلاميءَ جي زماني ۾ انگريزن خلاف آزادي وٺڻ جي ايامن ۾ اسان سان گڏ هڪ شخص عبيدالله سنڌي هوندو هئو اهو جيئرو آهي يا گذاري ويو ان کي ٻڌايو ويو ته اهو وفات ڪري ويو آهي وري پڇيائين ته ان جي قبر هندستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾ موٽ ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته هتي پاڪستان ۾ آهي پوءِ ان شخص چيو ته آئون ان ماڻهو جي قبر تي وڃي حاضري ڏيڻ پنهنجي لاءِ ضروري ٿو سمجهان ان لاءِ بندوبست ڪيو وڃي. مون سان ملا عبيدالله سنڌي جي ڏوهٽي ميان ظهيرالحق مرحوم بيان ڪيو ته اهو جنرل صاحب جڏهن سرڪاري انتظام سان هتي پهتو ۽ اسان ان کي قبر ڏيکاري ته ان قبر کي فوجي سلوٽ ڪندي ڪافي دير بيهي اتي روئندو رهيو،
افسوس مولانا عبيدالله سنڌي رح جن کي گهڙن سمجهيو ئي نه آهي . . . . . اڄ ڪله جيڪي بي سندن نالو وٺي تحريڪون پيا هلائڻ سندن سوچ ۽ فڪر ۽ مولانا عبيدالله سنڌي رح جي سوچ ۽ فڪر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي .. . . .. . اها واحد شخصيت آهي جنهن بابت اسان جا سنڌي دانشور پنهنجي فڪر ۽ سوچ کي هتي ڏيڻ لا غلط انداز سان پيش ڪيو آهي ڪڏهن سوشلسٽ ته ڪڏهن الا ڇا ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو جو عقل دنگ ٿي وڃي ٿو. .. . ..