شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح جي باري ۾ اسان کي سڀ کان پهرين مير علي شيخ قانع ٺٽويءَ جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۽ ان کانپوءِ ان جي ڇپيل ٻئي ڪتاب ”مقالته الشعرا“ ۾ ذڪر ملي ٿو، جيڪو صرف ڪجهه ٻڌل ڳالهين جي حوالي سان لکيل آهي. جڏهن ته قانع صاحب شاهه صاحب جي دؤر جو آهي ۽ جڏهن شاهه صاحب جي وفات 1165هه/1752ع ۾ ٿي هئي ته سندس عمر 25 سال هئي ۽ تحفته الڪرام ڪتاب شاهه صاحب جي وفات کان 16 سال پوءِ لکيو هئائين.ان کانپوءِ انگريزن جي دؤر ۾ ڪجهه غير ملڪي مصنفن جهڙوڪ رچرڊ برٽن ۽ بارٽل فريئر ڪجهه تصنيفون لکيون/لکرايون جڏهن ته تحقيقي حوالي سان ان سموري عرصي (160سال) ۾ ڪو خاص تحقيقي ڪم نه ٿيو. پر هن عرصي دوران 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو جرمنيءَ مان ڇپرايو. ان جي مهاڳ ۾ ٽرمپ، شاهه جي جنم ۽ وفات جون تاريخون ۽ ماڳ به لکيا جن تي پڻ هاڻي اختلاف ڪيو ٿو وڃي.مير عبدالحسين سانگي پهريون محقق هو جنهن شاهه صاحب جي سوانح عمريءَ جي حوالي سان تحقيق ڪئي، جنهن جو ڪتاب ”لطائف لطيفي“ لکيل آهي، ان سان گڏوگڏ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ به تقريباً ساڳيو متن ڇاپيو ويو آهي. انهن ٻن عالمن کانپوءِ ليلا رام وطڻ مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولوي دين محمد وفائي ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن/ اديبن/ شارحن به شاهه صاحب جي سوانح کي عقيدت جي حوالي سان ۽ ڪجهه ٻڌل ڳالهين ۽ ضعيف راويتن سان بيان ڪيو آهي. جن ڳالهين کي شايد اسان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي جديد دور جو نوجوان يا ايندڙ نسل قبول نه ڪري.ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي شاهه صاحب جي فن، فڪر، شاعريءَ، تصوف ۽ ان وقت جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن تي انگريزيءَ ۾ “Shah Latif of Bhit” (جنهن جو ترجمو ”ڀٽ جو شاهه“ جي نالي سان عطا محمد ڀنڀري ڪيو) جي نالي سان ڪتاب لکيو. چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب جي سوانح ۽ فڪر تي ان وقت تائين جيڪي به ڪتاب لکيا ويا، انهن مان هي ڪتاب سڀ کان نرالو آهي ۽ تحقيقي حوالي سان به هڪ نئون رخ ملي ٿو، پر ان ڪتاب ۾ ايڇ ٽي سورلي صاحب شاهه جي سوانح عمريءَ کي ڪافي حد تائين مختصر بيان ڪيو آهي جنهن ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ بابت تمام گهٽ ڄاڻ آهي.بهرحال اڄ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي ۽ ڪمپيوٽر جي ذريعي ابلاغ (Communication) کي ختم ڪيو ويو آهي. دنيا جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ انٽرنيٽ تي موجود آهي جنهن ۾ اسان کي سنڌ، ان جي ٻوليءَ ۽ ماڻهن بابت صحيح ڄاڻ ڀرڻي پوندي. انهيءَ ڪري ضرورت آهي ته شاهه صاحب جي سوانح جي حوالي سان هڪ مڪمل حتمي تحقيق (Final Research) ڪئي وڃي، جنهن کي اسين دنيا جي اڳيان رکون (يعني انٽرنيٽ تي) ۽ چئي سگهون ته شاهه صاحب سنڌ جو هڪ عظيم شاعر، صوفي بزرگ ۽ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ هو. جنهن جو ثبوت شاهه جو رسالو اسان وٽ موجود آهي.شاهه جي سوانح تي ٿيل تحقيق:شاهه صاحب جي سوانح يا شاعري جي حوالي سان ٿيل تحقيق تي اسين نظر ڦيرائينداسين ته سڀ کان مٿاهون نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظر ايندو، وري جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ٿيل تحقيق تي ڪجهه گهري نظر وجهنداسين ته گهڻائي پهلو اڻپورا ۽ تشنه محسوس ٿيندا. ڪٿي اضافي وڌايل ڳالهيون ملنديون ته ڪٿي اڃان به ڪجهه شين جي کوٽ نظر ايندي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ابتدائي/ اڳ ٿيل تحقيق ۽ پوءِ ٿيل تحقيق ۾ ئي ڪجهه ڳالهين ۾ تضاد موجود آهي جنهن کي ڊاڪٽر صاحب پوءِ واري دور ۾ ڇپيل ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ (جلد 8 ۽ 9) ۾ ڪافي حد تائين درست ڪيو آهي، پر ان ۾ ڪن ڳالهين کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪافي حد تائين مختصر پڻ ڪيو آهي.ڪتاب ”شاهه عبداللطيف رحه (شاهه عبداللطيف جي سوانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون)“. مصنف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سهيڙيندڙ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (مهراڻ اڪيڊمي، 1990) ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکيل مقالي ”شاهه حبيب جو ڪٽنب“ تي هڪ نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته صفحي 23 تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پيراگراف جي پهرين سٽ ۾ لکيو آهي ته، ”شاهه حبيب والد جو اڪيلو پٽ هو“.انهي ساڳئي ڪتاب جي شروعات ۾ صفحي 18 ۽ 19 جي وچ ۾ ڏنل شجري ۾ سيد عبدالقدوس شاهه (شاهه حبيب جي والد) کي ٻه فرزند ڄاڻايل آهن. هڪ حبيب شاهه ۽ ٻيو عبدالرشيد شاهه، جنهن جي پنجن پٽن جا نالا به شجري ۾ ڏنل آهن. يعني سيد حبيب شاهه جو ڀاءُ عبدالرشيد شاهه هو ته پوءِ شاهه حبيب والد جو اڪيلو پٽ ڪيئن ٿيو!! انهيءَ ڳالهه کي ڳنڍيندي ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته، ”ڀائنجي ٿو ته سندس غربت ۽ فقيريءَ سببان کيس پنهنجي خاندان مان آسانيءَ سان سڱ نه ملي سگهيو... اسان کي مليل روايتن موجب شاهه حبيب ٻه شاديون ڪيون، هڪڙي مغلن مان ٻي ڏيرن مان، غالباً پهرين شادي مغلن مان ڪيائين ۽ گمان آهي ته اهو ساڳيو مغل خاندان هو جنهن مان پوءِ ڀٽائي صاحب پاڻ به سڱ جي گهر ڪئي، شاهه صاحب جي سڱ گهرڻ جو سبب محض مجازي عشق ڪو نه هو، پر خود سندس والد اتان شادي ڪري چڪو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نئين آيل ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکي ٿو ته، ”شاهه حبيب پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ اچي مٽياري شهر ۾ رهيو، اها جاءِ جتي هو رهيو اتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هجي ۽ مٽياريءَ ۾ سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو هو شايد اتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاهه جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو تنهنجي چوڻ تي مٽياري کي ڇڏيائين. ڪن روايتن مطابق شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي، جنهن مان عبداللطيف ڄائو.“هاڻي مٿين ٻن روايتن ۾ اختلاف ڏسو! ان کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاهه صاحب جي ڄمڻ جي هنڌ ۽ هاشم شاهه جي حوالي سان پهريائين پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف رحه“ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”شاهه حبيب جي وري به هاشم شاهه سان ملاقات ٿي ۽ احوال ڪيائن. بزرگ وري هينئر ٽيون دفعو به چيس ته، ”ابا! الله ۽ رسول طرفان توکي پٽ جي مبارڪ هجي، نالو وري به عبداللطيف رکج، پر هن ڀيري ديرن جي جاءِ مٽائج.“ هاشم شاهه جي اها ٽئين ۽ آخري دعا هئي. هن بزرگ سن 1100هجريءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سال کن کانپوءِ شاهه حبيب جي گهر اميدواري ٿي. شاهه صاحب جن پنهنجي ديري کي ڳوٺ ”هالا حويلي“ ۾ وٺي آيا. چئي نه ٿو سگهجي ته ڇو خاص انهيءَ ڳوٺ ۾ وٺي آيا. ڀانئجي ٿو ته شايد اتي شاهه حبيب جا ڪي ٻيا ويجها عزيز، يا ڪي مٽياري سادات، يا ٻيا ڪي سادات، يا خود شاهه حبيب جا معتقد ۽ مريد رهندڙ هئا، جن جي لالا نگري تي ديرن کي اوڏانهن نيائين. بهرحال، ڳوٺ ”هالا حويلي“ کي ئي اهو شرف مليو، ۽ شاهه حبيب جي گهر ٽيون پٽ عبداللطيف ڄائو، جو سنڌ جو شاعر ”عبداللطيف“ بنيو.“ان کانپوءِ وري ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي پوءِ لکيل ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيو آهي ته:”... اها گهر واري جاءِ (حويلي) روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديهه ”سئي قندر جاگير“ تعلقي شهدادپور ۾ آهي... انهي حويليءَ ۾ ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ”سوئي قندر مقام“ ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين موجود آهن. ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. درويش هاشم شاهه جي وفات لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”درويش هاشم سگهو ئي تاريخ 12 ربيع الاول سنه 1120هجري ۾ وفات ڪئي.“ ان کان علاوه ڪجهه ٻين ڳالهين ۾ ڊاڪٽر صاحب پهريان ٿيل تحقيق جي متضاد لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نئين ٿيل تحقيق ۾ شاهه صاحب جي سوانح عمري مختصر ڪري لکي آهي. هينئر ضرورت آهي ته شاهه صاحب جي ڄمڻ جي هنڌ جي مختلف روايتن ۽ آثارن جي حساب سان آخري کوجنا ڪئي وڃي ته شاهه صاحب سئي قندر، هالا حويلي يا وري ڀئي پور ۾ ڄائو؟ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ ۾ شاهه حبيب جو سئي قندر کان لڏي ڪوٽڙي مغل م ويهڻ جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”شاهه لطيف ڏهن ٻارنهن سالن کن جو هوندو، جو شاهه حبيب سوئي قندر واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميل اولهه ڏکڻ طرف ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب، سندس لڏڻ جو سبب اهو هو جو شاهه عبداللطيف اڃا سرجيو ئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاهه حبيب کي چيو ته: ”قطب سرجيو آهي، هت رجوعات ٿيندي اسين فقير کٻڙن ۾ لڪيا پيا آهيون. هاڻي يا اوهان وڃي ٻئي پاسي ويهو يا اسان کي لڏڻو پوندو.“ پوءِ شاهه حبيب وڃي گهران پڇيو ته بي بي صاحبه اميد واري جي تصديق ڪئي، فقيرن جي اها ڳالهه بالآخر سبب بني جو شاهه حبيب بالآخر سوئي قندر مان لڏيو.“جيڪڏهن ان مقامي روايت کي صحيح مڃيو وڃي ته ان جو مطلب ته شاهه صاحب جي ڄمڻ کان اڳ شاهه حبيب سوئي قندر جي ماڳ کان لڏي ڪنهن ٻئي ماڳ تي وڃي ويٺو. يعني شاهه صاحب جي ڄمڻ جو هنڌ پوءِ سوئي قندر نه بلڪه ڪو ٻيو ماڳ آهي. پر ڏٺو وڃي ته مٿي ڏنل روايت ضعيف بلڪه غير منطقي پڻ آهي. جئين ته مٿي ڏنل روايت ۾ پهرين سٽ ۾ شاهه لطيف جي عمر ڏهن ٻارنهن سال ڄاڻايل آهي، ۽ پوئين روايت ۾ شاهه لطيف جي سرجڻ جو ذڪر آهي ۽ آخر ۾ وري شاهه حبيب جو گهران بي بي کان پڇڻ ۽ بي بي صاحبه جي اميدواري ڏيکاريل آهي جتي هڪ نه سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه بيان ٿيل آهي، منهنجي خيال ۾ ته هيءَ روايت بيان ئي نه ڪرڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته، ”هي روايت پنهنجي جاءِ تي، پر ڀائنجي ٿو ته سندس سهري عرس فقير ڏيري جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب سوئي قندر واري ماڳ کي ڇڏيو ۽ گنڀات واري ڀيڻيءَ مان لڏيو. سندس لڏڻ جو هڪ خاص سبب اهو به هو جو ڪوٽڙيءَ جو رئيس مرزا بيگ مغل جيڪو سندس عقيدت مند هو، تنهن خير ۽ برڪت خاطر شاهه حبيب کي دعوت ڏئي وٺي آڻي ڪوٽڙي ۾ رهايو.“جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اڳ واري ٿيل تحقيق جو حوالي سان مرزا بيگ مغل لاءِ ڄاڻايو آهي ته شاهه حبيب جي پهرين شادي ان (مرزا بيگ مغل جي) خاندان مان ٿيل هئي، پر هتي ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته مرزا بيگ مغل شاهه حبيب جو عقيدت مند هو.ان کان علاوه ونهين فقير جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌ کان ٻاهر هن دؤر ۾ (يعني 40 سالن کانپوءِ واري دؤر) شاهه صاحب خاص ڪري ڪڇ ۾ پنهنجن پيارن فقيرن جتن بلوچن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد ونهين فيقر سالاراني جت ۽ تماچي فقير نهڙيي وڌو. هن دؤر جي پهرئين سفر ۾ شاهه صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا اهڙي فيض واري نظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي فقير کي شاهه صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو (ونهيون فقير) اتي ئي رهيو.“ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ”شاهه صاحب جي محبت ۽ دلنوازيءَ جو اهو معجزو هو جو (ڀٽ تي) ڪنهن به فقير ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان ڪو نه ٿي ڪيٻايو. ونهيون فقير سالاراڻي جت جيڪو تازو خدمت ۾ حاضر ٿيو هو. موتي ۽ کينهون ٻنهي ڪتن جي سنڀال تنهن جي حوالي ٿي.هتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي کنيل مٿين حوالن مان ظاهر آهي ته ونهيون فقير شروع ۾ ئي ڀٽ تي آيو هو ۽ شاهه صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 16 تي جيڪا پلي واري روايت بيان ڪئي آهي، اگر ان روايت کي اسين ونهين فقير جي حوالي سان ڏسون ته ان جو مطلب ٿيندو ته بي بي صاحبه کي اميد واري ٿيڻ وارو دؤر 1142هه/1729ع کانپوءِ جو آهي، جڏهن ته شاهه صاحب جي شادي 1124هه/ 1712ع ۾ ٿي. انهي حوالي جي حساب سان يا ته ونهيون فقير جت جيڪو پلي واري روايت ۾ آهي اهو ساڳيو ونهيون فقير نه پر ڪو ٻيو فقير آهي. مطلب ته اها به تحقيق طلب ڳالهه آهي. اهڙي ريت، تمر فقير، جاني فقير ڏيري ۽ سندس پٽ عنايت فقير جي حوالي سان روايتون پڻ تحقيق طلب آهن.بهرحال هينئر ضرورت آهي ته شاهه صاحب جي شجري کان وٺي شاهه حبيب جي ڪٽنب، شاهه لطيف جي ڄمڻ جي هنڌ، درويش هاشم شاهه واري روايت، شاهه صاحب جي شادي، شاهه صاحب جي خليفن ۽ فقيرن ۽ شاهه صاحب جي گادي نشين سيد جمال شاهه تائين تحقيق ڪري ان تحقيق جا جامع ۽ مستند نتيجا اخذ ڪيا وڃن.شاهه صاحب جي شجري جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ان مطابق گذريل پيڙهين ۽ سالن جي وچ ۾ ڪجهه فرق آهي. مثال طور سيد حيدر شاهه هراتي (شاهه لطيف جي پيڙهي، شجري مان 13 نمبر تي) تيمور لنگ سان گڏ 801هه يا 802هه ڌاري آيو جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ (مٽياري ۾) اچي رهيو ۽ شاهه محمد هالي جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان پٽ (مير علي سنڌي) جو اولاد ٿيس. انهيءَ مان ثابت آهي ته مير علي سنڌي جي ولادت لڳ ڀڳ 802هه يا 803هه کانپوءِ ٿي هوندي. اگر مير علي سنڌي جي ولادت جو سال 802هه به ليکجي ته شاهه ڪريم جي ولادت سال 944هه آهي. يعني 142 سالن جو فرق آهي، جڏهن ته شجري جي حساب سان 7 پيڙهيون بيهن ٿيون، ۽ شاهه ڪريم جي ولادت (944هه) کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ولادت 1102هه آهي. ان عرصي ۾ 158 سالن جو فرق آهي. جڏهن ته شجري جي حساب سان 4 پيڙهيون بيهن ٿيون، جيڪو فرق مٿي ڄاڻايل پيڙهين جي فرق کان گهڻو وڏو/ طويل آهي. يعني مير علي (سنڌي) کان شاهه ڪريم جي ولادت تائين هڪ پيڙهي جو مدو 20 سال ڄاڻايل آهي. جڏهن ته شاهه ڪريم کان شاهه لطيف تائين هڪ پيرهي جو مدو 39 سال ڄاڻايل آهي. ان کان علاوه عمر بن دائود پوٽي جي لکيل ڪتاب ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام“ ۾ ڏنل شجري مطابق مير علي (سنڌي) کان شاهه ڪريم تائين 6 پيڙهيون ڏنل آهن جن جي حساب سان هڪ پيڙهي جو مدو 23 سال ٿئي ٿو.اهڙي ريت سيد جمال شاهه (پهريون گادي نشين) جي حوالي سان به ڪجهه ڳالهيون تحقيق طلب آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکي ٿو ته، ”عام روايتن موجب، شاهه حبيب کي اولاد ڪو نه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنهن چيس ته ”توکي پٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ.“ ان مان ظاهر آهي ته شاهه لطيف کان اڳ شاهه حبيب کي ڪو به اولاد نه هو. جڏهن ته شاهه صاحب جي عمر 63 سال تائين رهي هئي، غور طلب آهي ته شاهه صاحب جي گادي سيد جمال شاهه سنڀالي جيڪو شاهه صاحب جي ڀائٽي جو پٽ هو. يعني شاهه صاحب جي ڄمڻ کانپوءِ شاهه صاحب کي ڀاءُ ڄائو (جنهن جو نالو جمال شاهه هو)، جنهن کي اولاد ٿيو ۽ انهيءَ شاهه صاحب جي ڀائٽي کي به اولاد ٿيو جيڪو سيد جمال شاهه هو ۽ شاهه صاحب جي وفات وقت سيد جمال شاهه جوان هو ۽ گادي سنڀالڻ جوڳو هو. انهن سڀني بحثن کان بهتر آهي ته هاڻي موجوده وقت جي ضرورت جي ڳالهه ڪجي، جيئن ته شاهه صاحب جي ڪلام (رسالي) جي حوالي سان تحقيق جا دروازا ڪڏهن به بند ٿيڻ جا نه آهن. جيترا به نوان ذهن شاهه صاحب جي شاعريءَ کي پڙهندا ته انهن جي ذهنن جي وسعت، معاشري ۾ ايندڙ تبديلين جي حساب سان ۽ ڪافي نئين طريقي سان ان جي تشريح ڪندا ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو تئين تئين هر ايندڙ نسل جي مفڪرن کي شاهه جي پيغام ۽ فلسفه حيات بابت نت نئين روشني نظر ايندي. ان لاءِ اسان وٽ شاهه جو ڪلام (رسالو) محفوظ آهي ۽ ايندڙ نسل به ان تي تحقيق ڪري فيصلو ڪري سگهندو ته آيا شاهه جو نج ڪلام ڪهڙو آهي؟ ۽ شاهه جي رسالي ۾ ڌاريو ڪلام ڪهڙو آهي؟ جنهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به هڪ تمام سٺو رستو هموار ڪري ڏنو آهي، پر هن وقت ضرورت آهي ته شاهه صاحب جي سوانح عمري جي حوالي سان هڪ فائنل/ حتمي تحقيق ڪئي وڃي. جيئن ته ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي لکيل مقالي ”تحقيق ڪئين ڪجي“ ۾ لکيو آهي ته ”ٿلهي ليکي تحقيق جا ٻه بنيادي مقصد چئي سگهجن ٿا. 1. لڪل حقيقتون تلاش ڪرڻ، 2. غلط ڳالهين کي درست ڪرڻ ۽ منجهيل ڳالهين کي صاف ڪرڻ.“ هن وقت شاهه صاحب جي سوانح جي تحقيق جي حوالي سان ڪافي حد تائين مفروضا، گمان ۽ انهن جي پٺڀرائي لاءِ مواد موجود آهي، جن جي مدد سان نتيجا اخذ ڪري سگهجن ٿا ۽ هينئر ضرورت آهي شاهه صاحب جي سوانح عمري جي لاءِ هڪ فائنل/ حتمي کوجنا جي جنهن مان مستند نتيجا اخذ ڪيا وڃن. سڪندر علي ڀنڊ