هڪ ڏينهن وتائي فقير کان ماڻهن مجلس ۾ پُڇا ڪئي ته ” فقير ڪا اهڙي حلال شئيءِ آهي جو اها کائڻ سان نفرت اچي؟“ چيائين ته ” اٽو ڳوهي ان مان سوئر جي شڪل ٺاهجي ته مسلمان اهو اٽو نه کائيندو، جيڪڏهن ان مان ڳئون جي شڪل ٺاهي باهه تي پچائي ڪنهن هندوءَ اڳيان آڻي کيس کائڻ لاءِ منٿ ڪبي ته هو هر گز نه کائيندو...!